ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار شاهه رخ خان ريتڪ روشن جي چئلينج جو جواب ڏيندي پنهنجي ايڪسرسائيز جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي، جنهن کي انٽرنيٽ تي تمام مشهوري ملي آهي. ريتڪ روشن شاهه رخ خان کي چئلينج ڪندي چيو هو ته هو پيٽ جا مسلز ٺاهڻ جي پنهنجي پسنديده ايڪسرسائيز جون تصويرون جاري ڪري، ڪنگ خان ان چئلينج کي سنجيدگيءَ سان ورتو ۽ تصوير ته ڇا سڄي وڊيو ئي جاري ڪري ڇڏي. وڊيو ۾ سندس ايٽ پيڪ ايبس به نظر اچي رهيا آهن. شاهه رخ پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”هيپي نيو ايئر“ لاءِ سخت محنت سان خوبصورت جسم ٺاهيو آهي جنهن کي هن پنهنجي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج قرار ڏنو هو. وڊيو جي آخر ۾ هو ريتڪ روشن کي چوي ٿو ته مون هن وڊيو ذريعي چئلينج جو جواب ڏئي ڇڏيو.