راحت فتح علي جي تڪبراڻي رويي مون کي حيران ۽ صدمو پهچايو؛ حوريا خان

ڪراچي (شوبز نيوز) ڳائڻي photoحوريا خان چيو آهي ته ڪنهن دور ۾ راحت فتح علي به جونيئر فنڪار هو هاڻي کيس خدا هڪ مقام ڏنو آهي ان کي گھرجي ته هو پاڻ کان جونيئر فنڪارن جو حوصلو ۽ سندن اڳواڻي ڪري. ڳائڻي حُوريا خان چيو ته راحت فتح علي خان موسيقيءَ جو هڪ وڏو نالو آهي، تازو ئي ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ڪنسرٽ ۾ مون کي هن سان پرفارم ڪرڻ لاءِ سائن ڪيو ويو هو، مان تمام گھڻي خوش ٿيس ته مون کي ايڏي وڏي فنڪار سان پرفارم ڪري ڪجھه سکڻ جو موقعو ملندو پر راحت فتح علي خان آرگنائيزرن کي منهنجي انٽري نه ڪرڻ جو چيو، سندس تڪبراڻي رويي مون کي حيران ۽ صدمو پهچايو، ڇو ته ايڏي وڏي فنڪار مان مون کي اهڙي اميد نه هئي، بعد ۾مون ساڻس ملاقات ڪئي ته هن چيو ته مان توکي سڃاڻان نه ٿو ته توسان پرفارم ڪيئن ڪندس.حوريا خان چيو ته راحت فتح علي اهو سوچي ته ڪنهن وقت هو به هڪ جونيئر فنڪار هو، هاڻ کيس خدا مقام ڏنو آهي ته ان دوران هو جونيئرن جي مدد ڪري، کيس جونيئر فنڪارن جا حوصلا ٽوڙڻ نه گھرجن.

Rahat-Fateh-Ali-Khan1

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *