سونم ڪپور پاڪستاني هيرو فواد خان جي ديواني نڪتي

ممبئي(شوبز نيوز)سونم ڪپور پاڪستاني چاڪليٽي هيرو  فواد خان جي ديواني نڪتي هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن سان محبت ٿي ته اهو فواد خان ئي هوندو فلم خوبصورت ۾ گڏ ڪم ڪري سونم ڪپور فواد خان جي دواني بڻجي وئي بهترين ڊيبيو جو فلم فيئر ايوارڊ حاصل ڪندڙ فواد خان جي باري ۾ سونم ڪپور چيو ته ان جي خوش مزاجي شاندار آهي، هو تمام گهڻو باادب، مهذب ۽ نرم دل آهي پنجابي لهجي ۾ خوبصورت پنجابي ڳالهائي ٿو، سونم ٻڌايو ته فواد کي مٺائي منع آهي ان جي باوجود هو ان کي سيٽ تي تمام گهڻي مٺائي ۽ چاڪليٽ کارائيندي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *