جاويد شيخ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو معاوضو 17 لک روپيا ڪري ڇڏيو

لاهور (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪار ۽ هدايتڪار فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو معاوضو 7 لک روپيا ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب اداڪار جاويد شيخ فلم ڊائريڪٽر اقبال ڪاشميري کان فلم ۾ ڪم ڪرڻ جا 17 لک روپيا گهري ورتا آهن جنهن تي ڪاشميري کيس رعايت ڪرڻ لاءِ چيو آهي پر جاويد شيخ صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي اقبال ڪاشميري کيس فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته جاويد شيخ هدايتڪار اقبال ڪاشميري سان گڏ فلم ”ڀاڀي ديان چوڙيان“ ۽ ٻين فلمن ۾ انتهائي گهٽ معاوضي تي ڪم ڪيو هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *