جنهن ڪشمير نه ڏٺو هن ڪجهه به نه ڏٺو: سلمان خان

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان پنهنجي پرستارن جو شڪريو ادا ڪيو آهي ته هنن عدالت طرفان جاري ڪارروائي دوران هر لمحي سندس ساٿ ڏنو. سلمان خان هاءِ ڪورٽ مان سزا جي معطليءَ کانپوءِ گذريل ڏينهن پهريون ڀيرو هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته هو پرستارن جو قرضدار ٿي ويو آهي جن انتهائي محبت سان هر لمحي سندس ساٿ ڏنو ۽ هنن جي دعائن سان هو سزا کان بچي ويو. هن چيو ته هو پنهنجن چاهيندڙن جو تمام گهڻو احترام ڪندو آهي. ان موقعي تي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جنهن ڪشمير ناهي ڏٺو هن ڪجهه به ڏٺو آهي. هن چيو ته ڪشمير جي مقابلي ۾ سوئٽزرلينڊ جو حسن به ڪجهه ناهي. هن ٻُڌايو ته سندس نانا جو تعلق پڻ ڄمون سان هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *