شاهد ڪپور سان شادي طئه ناهي ٿي، ميرا راجپوت جي ترديد

نئين دلي(شوبز نيوز)ميرا راجپوت اداڪار شاهد ڪپور سان شادي جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي دلي جي هڪ ڪاليج جي ٿرڊ ايئر جي شاگردياڻي ميرا راجپوت انهن سمورن افواهن جي ترديد ڪئي آهي ته ان کي شاد ڪپر پنهنجي لاءِ چونڊي ورتو آهي، ميرا جو چوڻ آهي ته هوءَ ته شاهد ڪپور سان ملاقاتون به نه ٿي ڪري نه ڄاڻ شادي جي خبر ڪٿان ٺهي وئي هن چيو ته شاهد ڪپور 13 سال وڏو آهي ان جي ۽ شاهد ڪپور جي خاندان وارن جو هڪ عرصي کان هڪ ٻئي جي گهرن ۾ اچڻ وڃڻ آهي ۽ هو فيملي فرينڊز آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *