بل گيٽس پاران عمران خان کي صحت جي منصوبن جي نگراني لاءِ سيٽلائيٽ سسٽم جي آڇ

پشاور (م.ڊ) مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي خيبرپختونخواهه صوبي ۾ صحت جي منصوبنجي نگراني لاءِ جديد سيٽلائيٽ سسٽم فراهم ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي آهي، بل گيٽس طرفان عمران خان کي لکيل خط ۾ خيبرپختونخواهه صوبي ۾ پوليو سميت ٻين بيمارين جي خاتمي لاءِ عمران خان جي ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ويو آهي ته پوليو خلاف اوها جو عزم ڏسي اسان جي حوصلا افزائي ٿي ۽ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پوليو جو خاتمو انسانيت لاءِ ڪيتري وڏي ترجيح آهي هن چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته وفاقي، صوبائي حڪومتون ۽ هٿياربند فوج ”صحت جو اتحاد“ پروگرام تحت ڪم ڪري رهيا آهن جنهن ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ خيبرپختونخواهه ۾ صحت جي منصوبن جي اثرائتي نگراني لاءِ جديد ترين سيٽلائيٽ ٽيڪنالوجي فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪا نائيجيريا ۾ به پوليو جي خاتمي لاءِ ڪاميابي سان استعمال ڪئي وڳئي آهي ۽ ان جي مدد سان ڊاڪٽرن، اسپتالن جي بروقت ۽ اثرائتي نگراني ٿي سگهي ٿي. بل گيٽس خط ۾ عمران خان کي مخاطب ڪندي وڌيڪ چيو ته اوهان جي سڌي سنئين نگراني پاڪستان مان پوليو جي خاتمي لاءِ ضروري آهي، اوهان جي چيف سيڪريٽري ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ سان ڳالهه ٻوهه پوليو جي خاتمي جي مهم هلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ ان حوالي سان اوهان سان ڳالهائڻ لاءِ ڊاڪٽر وقار اجمل کي ذميواري ڏني وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *