ڪراچي ۾ مفت پاڻي ٽينڪر فراهم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم

 

سنڌ جي اطلاعات ۽مڪاني کاتن واري وزير ۽ ڪراچي واٽراينڊ سيوريج بورڊ جي چيئرمين شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڻي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ وارا بندي ،ڪراچي جي شهرين کي روزانوهڪ هزارمفت واٽر  ٽئنڪرز جي فراهمي سومر کان شروع ڪرڻ ۽ رمضان  المبارڪ دوران انهن ٽئنڪرن جو تعداد 3000 تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ،جڏهن ته چئن منصوبن جي شروعات هن مهيني کان ڪئي ويندي.واٽر بورڊ جي مين سپلاءِ جي 18 لائنن تي ميٽر به لڳايا ويا آهن۽ وڌيڪ 24 ميٽر به ايندڙ هڪ مهيني ۾ لڳايا ويندا، جنهن سان پاڻي جي چوري ۽ ان ۾ليڪيج کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگهندي. مفت ٽئنڪرن کي شفاف طريقي سان عوام تائين پهچائڻ ۽ انهن جي خرچن تي مڪمل نگراني لاءِ ڪمشنر ڪراچي ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ جي نگراني ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ويئي آهي ۽ انهن مفت ٽئنڪرن کي شفاف طريقي سان عوام تائين پهچائڻ لاءِ لاڳاپيل ڊي سيز، واٽر بورڊ جي چيف انجنيئرز ۽ ايڪس اي اين ملي ڪم ڪندا. هاڻي تائين 62 واٽر پارڪ جي غير قانوني ڪنيڪشنز کي ڪاٽيو ويو آهي ۽ هاڻي سڀني واٽر پارڪ ۽ صنعتن ۾ موجود غير قانوني پاڻي جي ڪنيڪشنن خلاف مهم کي وڌيڪ  تيز ڪيو ويو آهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن ڪراچي واٽر ۽ سيوريج بورڊ جي مرڪزي آفيس ۾ منعقد ڪيل اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي،ايم ڊي واٽر بورڊ سيد هاشم رضا زيدي، ڊي ايم ڊيز،چيف انجنيئرز،۽ ٻيا اعليٰ آفيسر موجود هئا.ان کان اڳ اجلاس ۾ ايم ڊي واٽر بورڊ ۽ ٻين آفيسرن صوبائي وزير کي شهر ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن شارٽ ۽ لانگ ٽرم پروگرام جي حوالي سان مڪمل بريفنگ ڏني.ان بعد پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هن وقت به اسان کي شهر ۾ هڪ هزار ملين گيلن (ايم جي ڊي) پاڻي جي مقابلي ۾ 550 ايم جي ڊي پاڻي دستياب آهي۽ ان جي مئنيجمينٽ کي بهتر کان بهتر بڻائڻ لاءِ واٽر بورڊ جي سڀئي آفيسر ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ ان لاءِ واٽر بورڊ جي سڀني ملازمن جون موڪلون رمضان تائين ختم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته نارٿ ايسٽ ڪراچي (اين اي ڪي)پمپنگ اسٽيشن تي موجود خراب مشين کي به ٺهرايو ويو آهي۽ ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر ان مان وڌيڪ 22 ايم جي ڊي پاڻي جي فراهمي شروع ڪئي ويندي.هن ٻڌايو ته واٽر بورڊ جي مين سپلاءِ جي 18 لائينن تي ميٽر هنيا ويا آهن ۽ وڌيڪ 24 ميٽر به ايندڙهڪ مهيني اندر لڳايا ويندا جنهن سان پاڻي جي چوري ۽ پاڻي جي ليڪيج کي روڪڻ ۾ مدد ملندي.هن چيو ته ڌاٻيجي کان شهر کي پاڻي جي فراهمي کي وڌائڻ لاءِ ٻن منصوبن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي.جنهن سان  شهر کي 165 ايم جي ڊي پاڻي ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته هن وقت پاڻي جي کوٽ وارن علائقن خاص ڪري بلديا ٽائون، سرجاني،نيو ڪراچي،اورنگي ٽائون، ميٽرول،سائيٽ ۽ ڪامياڙي ۾ هڪ هزارمفت ٽئنڪرن ذريعي عوام کي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ انهن جو سڀ خرچ واٽر بورڊ خود برداشت ڪندي ۽ ان سلسلي ۾وڏي وزير  واٽر بورڊ کي 4 چئن مهينن لاءِ 16 ڪروڙ روپين جي خاص گرانٽ به ڏني آهي. هن چيو ته پاڻي ۽ سيوريج جي شڪايت ڪرڻ لاءِ واٽر بورڊ جي شڪايتي هيلپ لائين سان گڏوگڏ ڪمشنر ڪراچي جي شڪايتي سيل نمبر 02199203443 تي به عوام پنهنجي شڪايت درج ڪرائي سگهي ٿو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جتي سنڌ حڪومت عوام لاءِ پيدا ٿيل پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ساراهه جوڳا قدم کڻي رهي آهي اتي عوام کي به گهرجي ته پاڻي جو غير ضروري استعمال بند ڪري ته جيئن پاڻي جي کوٽ کي جلد ختم ڪري سگهجي ۽ ڪراچي جو عوام هن اهم مسئلي کان هميشه لاءِ ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *