ملير درساڻو ڇنو ۾ يوسف شاهه جي ميلي جي پڄاڻي، ٽن ڏينهن کان هلندڙ ميلي ۽ ملهه ملاکڙي ۾ هزارين ملير واسين جي شرڪت

کوکرا پار (اسپورٽس نيوز) ملير درساڻو ڇنو ۾ يوسف شاهه جي ميلي جي پڄاڻي، ٽن ڏينهن کان هلندڙ ميلي ۽ ملهه ملاکڙي ۾ هزارين ملير واسين جي شرڪت، ملاکڙي ۾ 60 پهلوانن حصو ورتو، سخت مقابلي کان پوءِ ڪيترن ئي پهوانن کي ڏندڻ پئجي ويا، پهريون نمبر مختيار عالماڻي، ٻيو نمبر اياز علي شاهه ۽ ٽيون نمبر حسين مغيري جي حصي ۾ آيو، ملاکڙي جي خاص مهمان حليم عادل شيخ طرفان ملهه پهلوانن ۾ انعام ورهايا، ملير جي درساڻي ڇني ۾  واقع حضرت يوسف شاهه جي ٽن ڏينهن کان هلندڙ ميلي جي ڪالهه پڄاڻي ٿي، جنهن ۾ ملهه ملاکڙي کان سواءِ، بازارون گهمڻ ۽ خريداري لاءِ ڪيترائي اسٽال لڳايا ويا هئا، جتي هزارين ماڻهن توڙي عورتن دلچسپي سان حصو ورتو ۽ باسون باسيون، ان موقعي تي سنڌ جي ثقافتي راند ملهه ملاکڙو پڻ ٿيو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ بسن، ٽرڪن ۽ ٻين گاڏين ۾ سوار ٿي هزارين شوڪين پهتا، جڏهن ته خاص مهمان طور مسلم ليگ (ق) جي حليم عادل شيخ ۽ اعزازي مهمان حاجي ظفر علي درس، منظور علي درس، فيض محمد درس، سيد انور شاهه، مجاهد جوکيو، مرتضيٰ درس، عبدالقادر بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ملاکڙي ۾ ملير سميت سڄي سنڌ مان 60 کان وڌيڪ پهلوانن حصو ورتو، ملاکڙي ۾ پهريون انعام پهلوان مختيار عالماڻي، ٻيو انعام پهلوان اياز علي شاهه ۽ ٽيو انعام پهلوان حسين مغيري کي مليو، ان موقعي تي حليم عادل شيخ پهلوانن ۾ انعام ورهايا ۽ چيو ته سياسي گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ سنڌ جون شاهوڪار روايت ميلا ۽ ملاکڙا ماڻهن ۾ جئيڻ جو اتساهه پيدا ڪري رهيا آهن، هن چيو ملاکڙي ۾ سنڌ نوجوانن ۾ سهپ، بُردباري، طاقت ۽ صلاحيتون ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. ملهه پهلوانن ۽ ملاکڙي جي راند کي سرڪاري جي ڪابه سر پريستي ناهي ان باوجود ماڻهن جي دلچسپي ۽ پهلوانن جي همت افزائي ان ثقافتي راند کي جيئرو رکندي پئي اچي، اهڙين صحت مند سرگرميون جاري رهڻ گهرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *