ڪراچي ۾ رت جي راند جاري، 44 ماڻهن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو

 

ڪراچي صفورا چورنگي ويجهو سنسان جڳهه تي بس کي روڪيو ويو, بس ۾ 50 کان 60 ماڻهو سوار هئا، جن ۾ عورتن جي تمام گهڻي تعداد شامل هئي.ڪيترن کي ماڻهن کي مٿي ۾ گوليون هنيون ويون. بس ۾ اسماعيلي ڪميونٽي جا ماڻهو سوار هئا. آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ٻڌايو ته بس ۾ 60 ماڻهو سوار هئا  جن مان 44 ماڻهو مارجي ويا زخمين ۾ عورتون به شامل آهن. واقعي بابت هن ٻڌايو ته 3 موٽر سائيڪل سوار 6 دهشتگردن بس ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي. سندس چوڻ هو ته مارجي ويلن ۾ 16 عورتون ۽ 27 مرد شامل آهن. فائرنگ جي فائرنگ ۾ استعمال ٿيل اسلحي جي حوالي ٻڌايو ته فائرنگ واري هنڌ تان نائن ايم ايم جي گولين جا خول مليا آهن. جڏهن ته اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته بس ۾ اسماعيلي ڪميونٽي جا ماڻهو سوال هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته 3 موٽر سائيڪلن تي 6 هٿياربند شامل هئا جن بس کي روڪي بس اندر داخل ٿيا پهرين گولي ڊرائيور کي هئين وئي پوءِ ٻين ويٺل ماڻهن مٿان فائرنگ ڪئي وئي فائرنگ شروع ٿئي ته ويجهن علائقن ۾ خوف حراس ڦهلجي ويو بس معمول مطابق مسافرن کي کڻي ال اظهر گارڊن کان عائشا منزل ويجهو فيڊرل بي ايريا وڃي رهي هئي. اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ رينجرز سان گڏ امددي رضاڪار به واقعي واري هنڌ پهچي ويا. بس تي ٻاهرين حصي تي گولين جا نشان موجود نه هئا جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته هٿياربندن بس ۾ اندر گهڙي فائرنگ ڪئي آهي. زخمين کي گلشن اقبال ۽ گلستان جوهر جي ويجهو اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي جن کي ميمڻ ميڊيڪل سينٽر، سول اسپتال ۽ عباسي شهيد اسپتال سميت ن اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. حملي جي ذميواري ڪنهن به دهشتگرد تنظيم قبول ناهي ڪئي. پاڪستان ۾ رهائشپذير اسماعيلي برادري ۽ ڪالاش قبيلي سان تعلق رکندڙن کي پابندي مڙيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان طرفان اڪثر ڌمڪيون ملنديون رهنديون هيون. گذريل سال فيبروري ۾ ٽي ٽي پي ميڊيا ونگ پنهنجي ويب سائيٽ تي اسماعيلي مسلمانن ۽ ڪالاش برادري خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪيو هو. وڊيو ۾ دهشتگردن ڪالاش برادري جي ماڻهن لاءِ پيغام ڏنو هو ته اسلام قبول ڪريو يا مرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪ فوج پاران جاري آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ ان آپريشن کي آخري دهشتگرد تائين جاري رکيو وڃي. سمورن ڏوهارين خلاف سخت ۽ ماسٽر پلان تحت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ته جيئن پاڪستاني عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري سگهجي ان سان گڏوگڏ هن سموري واقعي جي جانچ ڪري ملوث ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ته جيئن انهن کي جلد کان جلد قانون جي گرفت ۾ آڻي عبرتناڪ سزا ڏئي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *