پلاٽن تان ٿيندڙ تڪرار ۽ روينيو کاتي جي ذميواري ؛نجيب الله چانڊيو

هاڻي جڏهن حڪومت ۽ سڪيورٽي ادارا ملڪ مان بدامني ۽ دهشتگردي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن ۽ ان حوالي سان رينجرز ۽ پوليس کي بااختيار بڻايو ويو آهي، جنهن ڪراچي جهڙي شهر ۾ سياسي جماعت جي آفيس تي ڇاپو هڻي سنگين ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جهڙو ڪارنامو ڪري خود سنڌ حڪمرانن کي تعجب ۾ وجهي ڇڏيو آهي، تڏهن قمبر ضلعي جي ننڍڙي شهر پکي ۾ انڊس هاءِ وي تي سرڪاري پلاٽ جي ٽڪڙي جي مالڪيءَ تان ٻوڪ ۽ مغيري برادريءَ  ۾ ٿيل خوني ويڙهه ۽ 7 ماڻهن جو هڪ هنڌ ٿي هڪ وقت قتل ٿي وڃڻ واري واقعي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته پکي شهر وٽان نئون مين انڊس هاءِ وي ٺهيو آهي، جنهن سبب پراڻي روڊ ۽ نئين روڊ جي وچ تي هڪ پلاٽ ڪو ٽڪڙو بچيو جيڪو ٻوڪ برادري جي ڀر ۾ پئي آيو، جتي مغيري ڌر وارن قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ٻوڪن اعتراض واريندي ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ کي شڪايت ڪئي، جنهن مختيار ڪار قمبر کي جاچ جو حڪم ڏنو، مختيار ڪار ٻنهي ڌرين کي ان تڪرار پلاٽ تي گڏجڻ جو چيو، جڏهن ٻئي ڌريون هڪٻئي سان اٽڪي پيون ۽ اهو نه پهتو جنهن کانپوءِ ڌريون هڪٻئي سان اٽڪي پيون ۽ اهو تڪرار خوني جهيڙي ۾ تبديل ٿي ويو، ٻنهين ڌرين جا 7 ڄڻا قتل ٿي ويا، جن ۾ انٽيليجنس بيورو جو ڊپٽي ڊائريڪٽر مختيار ٻوڪ ۽ تازو سنڌيونيورسٽي مان ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪري آيل شاگرد لياقت مغيري به شامل آهن، ان کان علاوه عاشق ٻوڪ ، محمد ٻوڪ، ديدار مغيري ۽ غلام مرتضٰي مغيري به قتل ٿي ويا، جڏهن ته 11 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا، جن مان ڪجهه جن جي طبيعت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. رپورٽ موجب هي جهيڙو ساڍا 3 ڪلاڪ انڊس هاءِ وي تي جاري رهيو، ٻئي ڌريون هڪٻئي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪندي هڪٻئي کي مارينديون رهيون پر ان سموري ڪارروائي دوران حد جي پوليس تماشو ڏسندي رهي، 3 ڪلاڪن دوران پکو ۽ وڳڻ ٿاڻي جي پوليس پڻ نه پهتي، ساڍن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ جڏهن لاڙڪاڻو رينجرز کي اها سڌ پئي ته ان جهيڙي جو شڪار انٽيليجنس بيورو جو ڊپٽي ڊائريڪٽر مختيار ٻوڪ پڻ ٿيو آهي ته اها پهتي پر ايسيتائين 7 جانيون وڃائجي چڪيون هيون، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي ڌرين ۾ اهو پلاٽ ٿي ڦڏو ڪافي عرصي کان هلندڙ هو، جنهن کان حد جي پوليس پڻ واقف هئي پر ان ڪن لاٽار ڪري ڇڏي وڏي ڳالهه ته هن جهيڙي جو شڪار هڪ پورهيت محمد بخش بيڻو جيڪو هوٽل تي چانهه پيئڻ آيو هو.

هونئن ته کڻي سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار ۽ پوليس جي نااهليءَ جا داستان وڏي تعداد ۾ موجود آهن، اهوئي سبب آهي جو اعلٰيٰ عدالتون هڪ طرف جرڳن تي پابندي هڻي چڪيون آهن ته ٻئي طرف تازو سپريم ڪورٽ واضح ڪري چڪي آهي ته سنڌ ۾ پوليس مڪمل ناڪام آهي پر دراصل ڳالهه اها آهي ته 22هين ترميم بعد ملڪ مان بدامني ۽ دهشتگردي کي ختم ڪرائڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مڪمل ڇوٽ ڏني وئي آهي ۽ ايتري قدر جو ڪراچي ۾ هنيل ڇاپو ۽ هاف فرائي ۽ فل فرائي جهڙا طريقيڪار اچي ويا آهن ته پوءِ پکو اسٽيشن ۽ وڳڻ ٿاڻي جي پوليس جي ڪهڙي مجبوري هئي جنهن هن وقت نااهلي جي حد ڪري هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو، توڙي جو اها پوليس ڌرين جي ڦڏي کان چڱيءَ طرح واقف هئي ڇا پوليس ضلعي کي ان معاملي کان آگاهه ڪيو هو؟ يا نه اگر ڪيو هو ته ايس ايس پي ڪهڙو قدم کنيو ؟ ذميواري ته قمبر جي مختيار ڪار صاحب جي به هئي جيڪو ٻنهي ڌرين کي ان ئي پلاٽ تي  طلب ڪرڻ کان پوءِ پاڻ نه پهتو، بهرحال هن جهيڙي ۽ ان جا ڪهڙا سبب ٻڌايا وڃن ٿا پر ٿلهي ليکي اها ڳالهه پٽ پئي آهي ته هن جهيڙي جو اهم سبب حد جي پوليس آهي، جنهن شروعاتي کان وٺي آخر وقت تائين ڌرين جي وڙهڻ ۽ مرڻ جو انتظار ڪيو.

ان سان گڏوگڏ رهواسين جون آڱريون ايس ايس پي ڏانهن به وڃن ٿيون جيڪو هڪ تعلقي ۾ آفيس هوندي وقت سر نه پهچي سگهيو ، يا کيس اطلاع ئي نه مليو،  ان سان گڏوگڏ مختيار ڪار توڙي روينيو کاتو به وقت سر ۽ نيڪ نيئتن سان فرض نڀائڻ ۾ سستيءَ جو مظاهرو ڪيو ٿيڻ ته اهو گهرجي ته هن تڪرار پٺيان پل جو ڪردار نڀائيندڙ حد جي پوليس ۽ روينيو کاتي جي انهن ذميوارن جن هن پلاٽ تي قبضي خاطر هڪٻئي جون جاني دشمن بڻجي پيون، انهن کان پڇاڻو ضروري آهي، ان سان گڏوگڏ سڀ کان وڌيڪ ضروري ان ڳالهه جي آهي ته وڌيڪ نقصان کان بچڻ لاءِ قانون کي حرڪت ۾ اچي ذميوارن خلاف ٺوس قدم کڻي جيئن آئينده ڪو به ماڻهو يا ڪا ڌر جهڙي جي ڪوشش نه ڪري سگهي، هي حملو صرف مغيري برادري ۽ ٻوڪ برادريءَ تي ناهي پر هي حملو پکو شهر جي انهن گهاٽن وڻن هيٺيان چانهه جو سرڪيون ڀريندڙ انهن شهرين ۽ مسافرن مٿان به آهي، جيڪي ٿڪاوٽ کي دور ڪرڻ ۽ سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ گهاٽن وڻن هيٺان ويهي چانهه پيئندا هئا،  تڏهن ته هن شهر جي هڪ نوجوان جنيد ديدڙ پنهنجي شهر جي حالتن تي ڏک جو اظهار ڪندي لکيو آهي ته:

جتي قرب جو ڪچهريون ٿينديون هيون

دوسن جا ٽولا ٽهڪن مٿان ٽهڪنديون ٽوليون هيون

لڳي وئي نظر تنهنجي نظارن کي اي شهر پکا….

روينيو کاتي جي لاپرواهي سبب سڄي سنڌ ۾ سرڪاري پلاٽن تي بااثرن جا قبضا ٿيل آهن، جنهن سبب اهڙا واقعا ٿيڻ جو اڃا به امڪان آهي، جڏهن ته روينيو وارا پئسن عيوض کاتا ٺاهڻ ۾ به مهارت رکن ٿا، ان ڪري ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته سنڌ حڪومت روينيو کاتي جو رڪارڊ پڪو ڪرڻ واري ڳالهه کي پاڻي ڏئي، جيئن اهڙن واقعن کان سنڌ کي نجات ملي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *