قانوني چهرا؛خرم“سمير” سنديلو

پوليس وارا صاحب مونسان ظلم ٿي ويو…قهر ٿي ويو، منهنجي فرياد ٻڌو…..

اڙي ڇا ٿيو.؟

سائين مونکان ڦر ٿي وئي.

ڪٿان ڦر ٿي ويئي.

سائين صدر مان گهر پيو وڃا رستي تان ڦر ٿي وئي.

ڇا ڇا ڦرجي ويو اٿئي.

سائين 30 هزارن جي موبائيل ڪجهه روڪ رقم ڦر ٿي وئي آهي

اڇا، گهڻا ڄڻا هيا ڦر ڪندڙ….

سائين ٽي ڄڻا هيا…

رنگ جا ڪيئن هيا….

سائين سڀن جو ڪارو رنگ هيو لائيٽن جي روشني ڪري مٿون چمڪين پيو.

سائين وار به ڪو نه هين….ٽئي ٺوڙها هيا.

اڇا….قد جا ڪيترا هيا…

سائين هيا ته مونکان وڏا پر قد ننڍڙو هين..

اڙي اهيو وري ڪيئن؟…توکان وڏا به هيا ۽ قد ننڍڙو به هين…

سائين هونئن ته وڏا پيا لڳن پر ويٺا موٽر سائيڪل تي هيا انڪري مونکان ننڍا پيا لڳن…

اڇا…چهرا ڪيئن هين..

سائين ٽئي هڪ جهڙا هيا….

اڙي ٽئي ڪارا به هيا، ٽنهي جي ٽڪڻ به هئي. وري هاڻي ٽئي لڳن به هڪجهڙا پيا….

سائين امان جو قسم ڪوڙ نه ٿو ڳالهايان ٽئي هڪجهڙا هيا.

اڙي اهيو ڪيئن ٿو ٿي سگهي….

سائين ٽنهي کي قانوني چهرا هيا نه…!

اڙي ڪهڙا قانوني چهرا…. ڇورا شراب پي آيو آهين ڇا….

سان امان جو قسم مان موالي ناهيان.. سچ ٿو ڳالهايان ٽنهي کي قانوني چهرا هيا….

ڇورا،،،، اهي وري ڪهڙا قانوني چهرا آهن… ڀلا ٽنهي کي منهنجي تي ڳورنمينٽ جا ٺپا لڳل هيا ڇا؟

نه سائين ٺپا ته نه هين…..

اڙي پوءِ ڪيئن قانوني چهرا ٿيا….

سائين اهي توهان وارا هيلميٽ پاتل هين…..

سائين ويندي ويندي چئي ويا ته جيئن ڪو ڪيس داخل ڪرايئي ته ماري ڇڏيندا مونکي….

اڙي پو توکي خوف نه ٿيو جو وري ٿاڻي تي آيو آهين….

سائين مونکي به قانوني چهرو…مطلب هيلميٽ پاتل هيو نه……

اڙي پو انهن جي ڳولها ڪجي ڪيئن…. هاڻي ته هيلميٽ پائڻ جو قانون لاڳو ٿي ويو آ… هاڻي ته سڀئي هيلميٽ پيا پائين ايتري قدر جو عورتن کي به هيلميٽ پائڻ ضرور ٿي ويو آ….

سائين مونکي نه چور کپن، نه چوري ٿيل موبائيل ۽ پئسه…

اڙي پوءِ آيو ڇو آهين اسان جو مٿو کائڻ يا اسان جو ٽائيم تباهه ڪرڻ…

سائين مان ان ڪري آيو آهيان ته اسان جي الله جي واسطي اسان کي پنهنجا چهرا موٽائي ڏيو…. اسان کي قانوني چهرا نه کپن…. گهٽ ۾ گهٽ ڪا وارڌات ٿئي ٿي يا ڪا دهشتگردي ٿئي ته انهن دهشتگردن جي سڃاڻپ ته ڪري سگهون نه؟ قانوني چهرن ۾ ته سڀ هڪجهڙا پيا لڳن. توهان مهرباني ڪري اسان کي پنهنجا چهرا موٽائي ڏيو ۽ جيئن توهان کي اسان جو ايترو خيال آهي ته توهان اڳين قانونن يعني گاڏين جي تيز رفتاري تي پابندي لڳايو. ننڍي عمر جي ٻارن جي ڊرائيورنگ تي پابندي لڳايو…بائيڪرس گينگ تي بندش هڻو…ڦورن ۽ دهشتگردن جي سهولت لاءِ ته قانون نه جوڙيو. هاڻي ته ڪڌيون ڪاررواين ڪرڻ به ڄڻ آسان ٿي ويون آهن. هيلميٽ پائي ڪجهه به ڪر، دهشتگرد گاڏين جا نمبر هون به جالي پيا لڳائن هاڻي ته انهن جي سڃاڻپ ڪرڻ به مشڪل ٿي وئي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *