ڏڪار سٽيل ٿر واسي

ٿر جي ڏڪار متاثر علائقن ۾ وڌيڪ 5 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن، جنهن کانپوءِ ڏيڍ مهيني دوران فوتي ٻارڙن جو انگ 73 ٿي ويو آهي. مٺي سول اسپتال ۾ هڪ سال جو ٻارڙو سنيل ڪمار ۽ چئن ڏينهن جو ٻارڙو فوت ٿي ويا. ڏيپلي تعلقي جي ڳوٺ موجايو ۾ 5 ڏينهن جو نصيب الله ۽ عظيم ۽ ڳوٺ کوهي ۾ 10 ڏينهن جو فاروق فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٿڌ وڌڻ کانپوءِ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو وڌيڪ تيز ٿي ويو آهي ۽ علاج جون سهولتون رڳو ڪجهه شهرن تائين محدود آهن، جڏهن ته ٻهراڙي جي ڳوٺن ڏانهن اڃا تائين ڊاڪٽرن جون گشتي ٽيمون پهچي ناهن سگهيون. هوڏانهن سرڪار توڙي اين جي اوز رسمي امداد لاءِ به صرف مٺي ۽ اسلام ڪوٽ تائين محدود آهن، ٿر جي ڏورانهن علائقن ۾ ڪا به امداد نه پهتي آهي. بارڊر تي موجود ڳوٺ ورڻهار، ڇوٽل گوندي، کاروڙو، ارڙڳڙ، جيتي جو تڙ، بچوجو تڙ، سيار، ڪانا ويرو، ٻورلو، گڊڙو، پتاپر، دينگا سرو، گهٽو تڙ سميت اهڙا ڪيترائي ڳوٺ آهن جتي پاڻي، بجلي سميت روڊ رستن جي ڪا به سهولت نه آهي. صحت جي نالي ڪجهه به نه آهي اتي جا مسڪين ماڻهو اڄ هن جديد دور ۾ به بيمار مريضن جو هٿ ڏسي علاج ڪن ٿا. پراڻي دور وانگر اتي جا ماڻهو هر سهوليت کان محروم آهن. بيمار ٿيڻ بعد هڪ هڪ سئو ڪلو ميٽر  پنڌ ڪري اسپتالن تائين اچن ٿا. اڪثر رهوسي اڄ به اٺن ۽ گهوڙن ذريعي اسپتالن تائين اچن ٿا. ٻهراڙي وارن پري، پري وارن ڳوٺن ۾ سفري سهوليت نه هئڻ ڪري غريبن مسڪين خاندان هر سهولت کان محروم آهن، اهڙا ڳوٺ سوين آهن جتي ڪڏهن به ڪا ٽيم اتي ناهي پهتي. سموريون امدادي سرگرميون رڳو صرف مٺي تائين محدود آهن، جنهن سبب غريب خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. مارو ماڻهن کي حڪومت سميت اين جي اوز وارن وساري ڇڏيو آهي. ميڊيا به ڳوٺن تائين ڪوريج ناهي ڪئي. ست لک کان مٿي مارو ماڻهو سخت مشڪلاتن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.

 

خانپور ۾شيعا اڳواڻ جي قتل خلاف احتجاج

خانپور لڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل شيعا اڳواڻ مولانا شفقت عباس سولنگي جي قتل واري واقعي خلاف شيعا اڳواڻن پاران گذريل 4 ڏينهن کان احتجاجي ڌرڻو جاري رهيو، جڏهن ته شهر ۾ چوٿين ڏينهن به شٽربند هڙتال جاري رهي ۽ اسڪول بند رهيا، سرڪيولر روڊ تي ڌرڻي واري هنڌ شيعا اڳواڻن محمد شاهه ڪاظمي صدرالدين ميکو، غلام رباني سميت ٻين اڳواڻن چيو ته شيعا اڳواڻ جي قتل کي 4 ڏينهن گذري ويا آهن. مگر انتظاميا جوڪوبه ڪردار ناهي رهيو. هنن چيو ته پوليس شيعا اڳواڻن سان انصاف ڪرڻ بدران مٿن ڪوڙا ڌرڻي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جيڪا سراسر زيادتي آهي، جوابدارن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رهندو. هنن چيو ته جن دهشتگردن شيعا اڳواڻن کي شهيد ڪيو ويو آهي، اهي بم ڌماڪن وارن خودڪش بمبارن سان انهن جا واسطا آهن، جيڪي انهن بمبارن دهشتگردن کي هت رهائن ٿا.هوڏانهن ڊي ايس پي خانپور جاويد جلباڻي، ايس ايڇ او خانپور برڪت ڪورائي ۽ شهر امن ڪاميٽي جي اڳواڻن مولانا يوسف بروهي، قاسم پٺاڻ، ڊاڪٽر غلام حيدر انصاري، حافظ سليم آرائين ۽ ٻين شيعا اڳواڻن محمد شاهه ڪاظمي ڊاڪٽر اصغر مڱڻهار عبدالغفور سان ملاقات ڪري شهر مان هڙتال ختم ڪرائي احتجاج جو ڌرڻو به ختم ڪرائڻ لاءِ چيو ته شيعا اڳواڻن شهر امن ڪاميٽي ۽ انتظاميا جي خاطري تي هڙتال ۽ احتجاجي ڪئمپ ختم ڪئي ويئي ۽ شهر جا ڪاروبار کوليا ويا. هوڏانهن پوليس 4 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿيا هوڏانهن پوليس جو جوابدار اصغر آرائين جي گرفتاري لاءِ گهر تي ڪڙو برقرار آهي. مولانا شفقت عباس سولنگي جي جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف لڳل احتجاجي ڌرڻي ختم ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شيعا اڳواڻ محمد شاهه ڪاظمي اعلان ڪندي چيو ته مولانا شفقت عباس سولنگي جي جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف 17 نومبر اڱاري ڏينهن صبح جو 08:00 وڳي سکر شڪارپور روڊ جهان خان اسٽاف تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *