حڪومتي غفلت کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟ ؛محمد بخش ڏاهري

ٿر ۾ ڏڪار آهي، معصوم ٻار مرن پيا. دوائن جي کوٽ آهي، انتظامي ڏڪار جي اها حالت آهي جو ٿر واسين جي مالي سهائتا لاءِ جيڪو سامان اچي ٿو، اهو گدامن ۾ سڙيو تباهه ٿيو وڃي! پروڪي سانوڻ ۾ ٿر ۾ وسڪارا ڪو نه ٿيا، هيلوڪو سانوڻ به ٿر مٿان بنا برسڻ جي گذري ويو. ڏڪار اوس اچڻو هو. اڳ ٿرواسي ڏڪار جي ڏينهن ۾ پنهنجا ڀونگا ڇڏي ٻارين ٻچين پيٽ پالڻ خاطر بئراجي علائقن ۾ پورهئي لاءِ پهچي ويندا هئا پر هڪ طرف ڏڪار ٻئي طرف مهانگائي کين ايڏو سٽي وڌو جو هو ويچارا اُتي ئي رهجي ويا، جتي بک پئي واڪا ڪري. اڻهوند اڳ ئي موجود، مٿان انتظامي عملداري ۾ غفلت سبب سندن ٻار بک ۾ پاهه ٿي مرڻ لڳا آهن، اسپتالون ٻارن سان ڀرجي ويون آهن. معصوم ٻار ڌڙاڌڙ مرڻ لڳا آهن! سرڪار کي معصوم ٻارن جي موت تي صرف ايترو ڪهڪاءُ آيو جو اسان جي محبوب وزيرن جي وات تي هر وقت اها ئي وائي ته ٿر ۾ ٻار دائين جي اڻڄاڻائي سبب فوت ٿيا. اهي ويچاريون دايون ته صدين کان ٿر ۾ ٻار ڄڻائينديون اچن، تڏهن ته ٻار ڪو نه ٿي مئا. ٿر ۾ ٻارن جو مرڻ جڏهن ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو، تڏهن سرڪار ميڊيا مان به گهڻيونن ئي باهيون ڪڍيون ته ميڊيا واقعن کي وڌائي پيش ڪري ٿي. هاڻي ڪجي ڇا؟ ٿرين جي ڦٽل قسمت تي روئجي يا پنهنجي اڪابرن جي گوهر فشاني تي پار ڪڍجن. هاڻي سنڌ سرڪار چئي ٿي ته صحت جي وزارت ويهن سالن کان ايم ڪيو  ايم وٽ رهي آهي، ان ڪري اصل ذميوار اهي آهن. مون جهڙو ننڍڙو ماڻهو سوچي ٿو ته ايم ڪيو ايم کي اها وزارت ڪنهن ڏني؟ مفاهمت جي نالي سنڌ جي ڀينگ ڪرڻ جو ٺيڪو ڪنهن کنيو هو؟ ايم ڪيو ايم حڪومت مان فائدو وٺي، هاڻي نه فقط سنڌ حڪومت کان پاسيرو ٿي مٿس ڇوهه ڇنڊي رهي آهي پر پيپلزپارٽي جي سرڪار تي سنگين الزام پڻ هڻي رهي آهي. ايم ڪيو ايم جي وفد ڪجهه ڏينهن اڳ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه پير صاحب پاڳاري سان ملاقات ڪئي. سياست جي بي رحم دنيا ۾ هن ملڪ ۾ هڪ ٻئي جا سخت مخالف سياسي ليڊر پنهنجي مفاد لاءِ گڏ ٿي ويندا آهن. هن ملڪ جي سياست عوام ۽ عوام جي خدمت لاءِ نه پر پاڻ معتبر ٿي مفاد ماڻڻ آهي. عوام ته آهي ئي عام ماڻهو، جنهن جو ڌڻي ڌوڪي، سمورا آزار عوام جي مٿان، مهانگائي جي مصيبت مقدر، بدامنيءَ جو راڪاس به هر وقت حاضر. ايم ڪيو ايم جي وفد پير صاحب پاڳاري سان نون صوبن جو راڳ به ڇيڙيو، نون صوبن جو مقصد سنڌ جو ورهاڱو ئي وٺڻ گهرجي. سنڌ جي تقسيم جو لفظ ٻڌي سنڌي ماڻهو جو رت ٺهڪندو آهي پر ايم ڪيو ايم طرفان بار بار سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه نفاق ۽ نفرتون پکيڙي رهي آهي. اسان جا هي ڀائر جن کي سنڌ ۾ آئي 68 سال ٿي ويا آهن، سي سنڌ ۾ مهاجر صوبو ٺاهڻ جا خواهشمند آهن. کين اها خبر ئي ناهي ته مهاجر نالي دنيا ۾ ڪا قوم ئي موجود نه آهي. هي دوست جنهن هجرت جو حوالو ڏيئي پاڻ کي مهاجر سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا، تڏهن اڄ کان پنڌرهن صديون اڳ ٿيل هجرت جي واقعي کي سمجهيو ئي نه آهي. آخري نبي محمد صلي الله عليه وآله وسلم هجرت ڪري جتي به ويا، اتي جو ڌرتي جو سڏايائون. قرآن مجيد  ۾ هڪڙيون صورتون مڪي آهن ته ٻيون صورتون مدني آهن. ڇاڪاڻ ته نبي پاڪ مديني ۾ هئا ته پاڻ کي مدني سڏيائون. مڪي ۾ هئا ته مڪي سڏايائون ۽ ان وقت جيڪي قرآن ڪريم جون آيتن مٿن نازل ٿيون، مڪي واري وقت ۾ مڪي ۽ مديني واري وقت ۾ مدني سڏيون ويون پر هي دوست ائين نه ٿا ڪن. پاڻ کي ڪڏهن نئون سنڌي ڪڏهن اردو ڳالهائيندڙ سنڌي سڏائڻ جو ناٽڪ ڪندا رهن ٿا. هاڻي جڏهن هو سنڌ حڪومت جو حصو ئي نه رهيا آهن، تڏهن سندن ساهه ايڏو ته منجهي پيو آهي جو هاڻي متحده ماڳهين سنڌ کي ڀاڱا ڪرڻ پٺيان پئجي ويئي آهي. کين اها ڳالهه ڪير سمجهائي، بابا هي توهان جي سنڌ ۾ ٽين پيڙهي آهي. وڏڙا ته ويچارا مري ڳري ويا پر هي جو توهان سنڌ ۾ ڄاوا آهيو، سي مهاجر ڪيئن ٿيا آهيو. ٿورو جيڪڏهن تاريخ جو جائزو وٺجي ته ورهاڱي کان اڳ گڏيل ملڪ هندستان جي رياستن يو پي، راجستان، سي پي، بهار ۾ مذهب ۽ سياست جي انتهاپسند معاملن سبب ماڻهو هڪ ٻئي جا سخت مخالف هئا. هنن دوستن جو تعلق گڏيل هندستان جي يو پي ۽ سي پي رياستن سان هو. ورهاڱي وقت به مذهبي انتهاپسندي جو فائدو وٺي نواب زادي لياقت علي خان لڏپلاڻ ڪرائي هئي. هندستان ۽ پاڪستان نوان ملڪ ٺهڻ سان ٻنهي ملڪن ۾ مذهبي فسادن جي باهه ڀڙڪائي ويئي. هندو، مسلمان، سک، عيسائي کي مذهبي باهه جو بک بنايو ويو. سنڌ جا اصلوڪا هندو فسادن سبب لڏپلاڻ ڪري هندستان هليا ويا ۽ هندستان جي رياستن يو پي ۽ سي پي جا رهواسي هجرت ڪري سنڌ ۾ آيا. سنڌ ۾ کين ورسائڻ جو سهرو لياقت علي خان کنيو، جنهن کي پنهنجو ووٽ تڪ ٺاهڻو هو، ڇاڪاڻ ته ملڪ جو وزيراعطم ٿيڻ جي باوجود پوري ملڪ ۾ سندس ڪو به ووٽ تڪ نه هو. سندس تعلق به هندستان جي ڪرنال علائقي سان هو. نواب زادي لياقت علي خان تڏهوڪي سنڌ جي وزيراعليٰ محمد ايوب کهڙو تي زور ڀريو ته هو انڊيا مان لڏي سنڌ ۾ ايندڙن جي آبادي جو بار کڻي ۽ ڪراچي ۾ پنج لک ماڻهن جي آباد ٿيڻ جي اجازت ڏئي. کهڙي ايتري آبادي جي رهائش جي اجازت نه ڏني جنهن ڪري سندس حڪومت برطرف ڪئي ويئي ۽ ان کانپوءِ جيڪو وزيراعليٰ ٿيو، ان پناهگيرن کي سنڌ ۾ ترسائڻ ۽ ڪراچيءَ ۾ آباد ڪرڻ جي حامي ڀري ۽ سندن نالي سان پناهگيرن لاءِ هڪ رهائشي ڪالوني به قائم ڪئي. ائين سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪري شهرن مان سنڌي ماڻهن کي نيڪالي ڏني، لياقت علي خان پناهگيرن کي نوازڻ لاءِ هڪ سرڪاري کاتو ”پناهگيرن جي رهائش ۽ آباد ڪرڻ“ به قائم ڪيو، جنهن ۾ ڪوڙن ڪليمن ڪوڙين شاهدين ۽ ڪوڙن دستاويزن تي هندن جي ڇڏيل ملڪيتن، زمينن، جائيدادن کي ”متروڪا ملڪيت“ جو نالو ڏيئي پناهگيرن ۾ ته ورهايونويون پر سنڌ جي اصل ڌڻين لاءِ اهو قانون لاڳو ڪيو ويو ته اهي هندن جي ڇڏيل ڪا به ملڪيت، گهرگهاٽ، زمينون جائيدادون خريد ڪري نه ٿا سگهن نه فقط ايترو پر لياقت علي خان پناهگير بيوروڪريسي آڻڻ لاءِ ڪوٽا سسٽم به لاڳو ڪيو، جنهن ۾ پناهگير بيوروڪريسي جي ڀرتي جاري رهي ۽ سنڌ جا پڙهيل لکيل سنڌي محروم رهجي ويا، تڏهوڪي سنڌ صوبي جي گورنر رحمان گل ان ڪوٽا سٽم کي شهري ۽ ٻهراڙي جي سنڌ ۾ ورهائڻ جو نوٽيفڪيشن ڪڍي سنڌي آفيسرن لاءِ ڪجهه در کوليا، پر ايستائين سنڌ جو وڏو نقصان ٿي چڪو هو ۽ پناهگير برتري جي احساس ۾ ايڏا ته مبتلا ٿي ويا جو جن ماڻهن کين پناهون ڏنيون، سندن سهائتا ڪئي، انهن جا دشمن ٿي ماڳهين کين ڄٽ ۽ جاهل جا لقب ڏيڻ لڳا. ان نسل اها ڳالهه وساري ڇڏي ته جڏهن هندستان مان سندن ٽرينون ڀرجي هن ملڪ ۾ آيون پئي، تڏهن لاهور سميت سڄي پنجاب جي سمورين اسٽيشن تي ڏنڊا بردار ماڻهن کين ڪنهن به اسٽيشن تي لهڻ نه ڏنو ۽ جيڪي ڪنهن اسٽيشن تي لٿا ته اتي آباد ٿي، ان آبادي ۾ ضم ٿي ويا. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ پناهگيرن جو استقبال ڪيو ۽ سندن هر طرح جي مدد ڪئي. شرميلا فاروقي جي همت کي سلام، جنهن اسيمبلي فلور تي ڪڙو سچ ڳالهائيندي چيو ته اسين مهاجر نه آهيون اسان کي سنڌين ئي آباد ڪيو پر متحده سربراهه کي ڪير سمجهائي، جنهن تازو ٻه بيان ڏنا آهن، جنهن ۾ هڪ بيان ۾ اچيو اٿس ته ”هڪ ڪروڙ ماڻهن جي آبادي تي نئون صوبو ٺاهيو وڃي“ ٻئي بيان ۾ اچيو اٿس ”سنڌ جي متروڪا ملڪيت“ سندن حوالي ڪئي وڃي. هو شديد محرومي جو شڪار آهن. خبر ناهي سندن محرومي ڪهڙي آهي. هنن جي نسل جي پيرن هيٺيان ڪڏهن ڌرتي نڪتي ڪانهي. ورهاڱي وقت به ٺينگ ٽپا ڏيندا سنڌ ۾ آيا ۽ سنڌ جا ڌڻي بڻجي ويٺا. ڌرتي هنن لاءِ محض زمين جي ٽڪري کانسواءِ ڪا به اهميت نه ٿي رکي. برتري جي احساس ۾ متحده ايتري ته اڳتي وڌي ويئي آهي، جو جڏهن سندن ڪو معمولي مفاد به متاثر ٿئي ٿو ته هو سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه تي لهي ٿا اچن. ايم ڪيو ايم لساني ۽ نسلي سياست 1988ع ۾ به ڪئي هئي، جنهن جو نتيجو رتوڇاڻ جي صورت ۾ نڪتو هو. هاڻي جڏهن سنڌ ۾ ڪو سندن نسل جو ڪو مهاجر يا پناهگير رهيو ڪونهي ته هو ڪهڙي بنياد تي سنڌي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪندا رهن ٿا. متحده جي اڄوڪي آپي مان نڪتل پرجوش ٽهي سنڌ ۾ ڄائي نپني آهي، کين واپس وڃڻو به ڪونهي. سندن مستقل مفاد به سنڌ سان ئي وابسطه آهن ته پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو هو پيپلزپارٽي سان رسامي جو انتقام، سنڌ جي ورهاڱي جي لفظ تي ڪندا رهن ٿا. اهو سڀ ڪجهه ڳٺ جوڙ جي پاليسيءَ جو نتيجو آهي جو اسان جي پيپلزپارٽي سرڪار اقتداري مفاد مٺا ڪري سنڌ کي صدين جو نقصان ڏيئي به متحده کي نوازيو. سرعام سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪرڻ جو حوصلو به کين مفاهمتي پاليسيءَ عطا ڪيو. اڄ ايم ڪيو  ايم ڪراچي واٽر بورڊ مان سنڌي آفيسرن کي هٿيارن جي زور تي نيڪالي پئي ڏئي، سڀاڻي ايوان ۾ به چونڊيل ميمبرن جو اچڻ مشڪل بنائي ڇڏيندا، سو سنڌ لسانيت جي باهه طرف وڌي رهي آهي پر سرڪار بدستور غفلت جي ننڊ ۾ غرق لڳي پئي آهي. تاريخي حقيقتون ڪڏهن به لڪي نه سگهنديون آهن. سنڌ اسان جو وطن آهي. هن ملڪ جي خالق به سنڌ آهي ۽ هن ملڪ کي قائم به سنڌ جي دم سان رهڻو آهي. ڏڪار رڳو ٿر ۾ ڪونهي، اسان جي اندر ۾ به سمجهه جو ڏڪار آهي. اڄ جيڪي اقتدار ۾ آهن، سڀاڻي نه هوندا، وقت تبديل ٿيندو، سڀ ڪجهه بدلجي ويندو پر وقت گذرڻ کان اڳ ڌنڌ جو پردو هٽائجي. متحده کي هاڻي ايتري جرئت به ان ڪري ٿي آهي جو اسان جا افعال خراب آهن. اڄ هوءَ سنڌ جي روحاني گادين جي سربراهن سان سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪري ڪندي نه ٿي ڪيٻائي. سڀاڻي عالمي سطح تي سنڌ جي ورهاڱي لاءِ ماحول پنهنجي حق ۾ بنائيندي ته پاڻ ڇا ڪري سگهنداسين؟ سنڌي قوم عالمي طور خطرن هيٺ آهي. وسيلن سان مالا مال سنڌ جي ٿري ماڻهن جا ٻار غذائي کوٽ سبب اجل جو شڪار ٿين ته ان ۾ قصور اسان جو پنهنجو آهي. ڪير سنڌ کي ڀاڱا ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ته ان ۾ ڏوهه به اسان جو پنهنجو آهي ڇاڪاڻ ته اسان ۾ هڪ ته اجتماعي سوچ جو فقدان آهي ته ٻئي طرف مخلص قيادت جي به کوٽ آهي. سنڌ جا سور ڪنهن سان سلجن!؟

*********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *