ٿرڪول منصوبو، عوام کي ڪيترو فائدو ملندو…!؟

 

سنڌ سرڪار ٿر ڪول منصوبي جي ترقي لاءِ 8 بينڪن جي سهڪار سان 50 ارب روپيا قرضن جو اينگرو ڪول مائنگ ڪمپني سان معاهدو ڪري ورتو. سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ٿل لميٽيڊ (هائوس آف حبيب) ، حبيب بينڪ لميٽيڊ، اينگرو، حب ڪو، Mengdong CPI ۽ چائنه مشينري انجنيئرنگ ڪارپوريشن سان هڪ ماسٽر شئير هولڊر  معاهدو ڪيو آهي، سنڌ اينگرو ڪول مائين ڪمپني ملڪ جي معروف بينڪن سان گڏ فائننس جي معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن جنهن تحت منصوبي کي گهربل 50 ارب رپين جي مالي مدد لاءِ شرط ۽ ضابطن جي اتفاق ڪيو ويو، ڪوٺايل تقريب ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته ٿر ڪول رٿا بابت مون جڏهن وزير اعظم محمد ميان نواز شريف کي بريف ڪيو ۽ گذارش ڪئي ته ٻاهرن ڪمپينن ضمانت گهري آهي جنهن تي وزير اعظم گهٻرائجي ويو ۽ چيائين ته صوبن جا قرض ڪئين ڀربا جنهن بعد مون کيس چيو ته جيڪو به خرچ ٿيندو اهو سنڌ سرڪار ڀريندي جنهن تي وزير اعظم رضا مندي ظاهر ڪئي جنهن تي ان جا شڪرگذار آهيون جنهن جي مهرباني سان سنڌ سرڪار ٿرڪول منصوبي کي عملي جامو پرائڻ طرف وٺي وڃي رهي آهي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي اهو ئي سبب آهي ته ٻاهرين دنيا جا سيڙپڪار سنڌ ۾ سيڙپڪاري ۾ وڏي دلچسپي رکن ٿا، ٿرڪول ملڪ جو وڏي ۾ وڏو منصوبو آهي جنهن مان 2018 تائين مڪمل ٿيڻ سان 16 سئو ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندو. هن چيو ته اسان جي ڪوشش رهندي ته مقامي سيڙپڪارن کي همت افزائي ڪندي انهن کي موقعو ڏيون، سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني، سنڌ حڪومت سان گڏ معاهدن تي صحيح ڪئي آهي . ان معاهدن جي روح سان حڪومت سنڌ منصوبي جي پڄاڻي لاءِ گهربل منظُوري ۽ مدد فراهم ڪندي رهندي.هن تاريخي ڪاميابي تي ڳالهائيندي سي اي او شمس الدين احمد شيخ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني چيو ته منصوبي جي چين جي فائننسنگ جا معاملا پڻ طئه ٿي ويا آهن . دستاوير تيار ڪيا پيا وڃن. اميد آهي ته ٻاهرين فائنينشل ڪلوزنگ مالي سال جي پڄاڻي تائين ٿي ويندي. ان موقعي تي چيئرمين ڊائريڪٽر بورڊ آف سنڌ، اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني خورشيد جمالي ڳالهائيندي چيو ته هن اهم پيش رفت کي حڪومت پاڪستان، سنڌ حڪومت، اينگرو ۽ ٻين سيڙپڪارن جي طرف کان مڪمل تعاون جي ذريعي ممڪن بڻايو ويو آهي، هن چيو ته اڄ طئه ٿيندڙ معاهدا اسان جي محنت ۽ ڪاوشن جو نتيجو آهن. ٿر ڪول منصوبي لاءِ 8 بينڪن کان 50 ارب روپيا قرض ورتو ويندو ان سلسلي ۾ معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *