جنسي دهشتگرديءَ کان اخلاقي دهشتگرديءَ تائين!؛شوڪت لوهار

جيتوڻيڪ اسان وٽ ڪڏهن اهڙن واقعن کانپوءِ صرف خاموشي ئي خاموشي ۽ سڀ ٺيڪ آهي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه رهيو آهي. تنهن هوندي به نه ڄاڻ ڇو اندر ۾ هڪ عجيب گناهه جو احساس ٿئي ٿو. هر پرڀات ڏنگي ٿي. هر لمحو ڪنهن اهڙي اڄاتي خوف ۾ مبتلا رهي ٿو، جنهن جي ٿوري وقت کانپوءِ ڄڻ قيامت اچي ويندي.

قيامت جو منظر خبر ناهي انهيءَ کان ڪيترو وڌيڪ خوفائتو ۽ ڀيانڪ ٿي سگهي ٿو، جو جيڪي انسان روزانو اٿندي ويهندي قيامت جهڙي اذيت ۾ هجن، سائيءَ ماريل هن ڏيهه ۾ استحصال جو شڪار ٿيندڙ طبقو هر وقت ذري ذري قيامت جي ور چڙهي ٿو. هو هر ساهه ۽ ساهن ۾ ٿورو ٿورو مري ٿو ۽ پوءِ نيٺ هو زنده نظر ضرور اچي ٿو پر هو ذهني طرح مرده ٿي پوي ٿو.

جديد دور جون ڪربلائي ڪٿائون به اهڙن خوفناڪ المين جو داستان آهن، جن جي سُڌ پوڻ سان لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا.

هونئن ته هميشه اسين اهڙي ذهني گند ۾ ڀريل پئي رهيا آهيون، جيڪي ٿي سگهي ٿو ته دنيا جو ڪو به علم صاف نه ڪري سگهي، تنهن هوندي به ٿوريون ٿڪيون جيڪي ڪوششون ٿيون آهن، اهي ڪنهن عروسي تياري کان وڌيڪ ڪجهه ڪو نه آهن.

اسان جا اخلاقي ڀاشڻ هاڻ ايترا ته گهڻا ٿي ويا آهن جو لڳي ائين ٿو ته ظاهري طور تي اسان کان وڌ مهذب، دنيا جي ٻي ڪا قوم آهي ئي ڪو نه. مشهور فرانسيسي مقالا نگار مشل مانٽين چواڻي ته وحشي ماڻهو صرف ظاهري طرح وحشي آهن جڏهن ته اسين پنهنجي اندر ۾ ڪيڏا نه خطرناڪ وحشي آهيون، جيڪي ظاهري ڏيک ويک ۾ مهذب نظر اچون ٿا.“ واقعي صحيح ڳالهه آهي اسين سانڊي جيان هڪ لام کان ٻي تي ويندي رنگ بدلائيندا رهندا آهيون. منافقت جي کل پائي منهن تي مصنوعي مرڪ سجائي ماڻهن سان ملندا رهندا آهيون.

اسان وٽ پرهيزگار لاءِ هڪ عجيب قسم جا پيمانا آهن. ظاهري ڏيکاءَ ۾ جيڪڏهن اوهان پرهيزگار آهيو ته اوهان بس سڀ کان اعليٰ آهيو. غريبن کي خيرات ڏيو ٿا ۽ روزا پابندي سان رکو ٿا ته اوهان جي گهر، پاڙي وارن ۽ علائقي ۾ اوهان جي چڱي خاصي عزت ٺهي ويندي. ان جي بدلي ۾ اوهين ڀلي رشوت خور هجو، سڄي زندگي گهر ۾ عورتن کي انهن جي جائز حقن کان محروم رکندا هجو. ٻارن تي اجائي سختي ۽ پنهنجي ذهن مطابق کين پڙهائيندا هجو، اهي سڀ پيمانا اسان جي سماج کي قابل قبول آهن. جڏهن ته ان جي ابتڙ جيڪڏهن اوهين انسان دوست، مددگار ۽ احساس ڪندڙ آهيو ته اهي اهڃاڻ اوهان کي اهو درجو ڪو نه ڏياريندا جيڪي اڳ ٻڌايل پيمانا ڏياري سگهن ٿا.

قصور جو قصور اهو آهي جو اهو بي قصور آهي ۽ ان کان به وڌ وقت جي ستم ظريفي اها آهي جو اهو علائقو اسان جي ڏيهه ۾ موجود آهي. بلي شاهه جي مزاحمتي ۽ تصوفي پرڳڻي جي ڳوٺ ڳنڊا سنگ ۾ جيڪو لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيش آيو آهي، انهيءَ واقعي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي. اهو واقعو انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته اسين پنهنجي پر ۾ ڪيڏا نه وحشي ۽ درنده آهيون. اسان جي ڏندن ۾ واڳوئن کان به وڌ وحشت ۽ دهشت ڀريل آهي. اسين پنهنجي وات ۾ زبان بجاءِ انهيءَ ازدها جي زهر رکون ٿا جيڪو پنهنجي ٻچن کي به بخش ڪو نه ڪندو آهي. اسين جديد دور جا وحشي آهيون، اسين سيٽلائيٽ جي دنيا جا ڊريڪولا آهيون، اسان ثابت ڪيو آهي ته ڊجيٽلي آدم خور آهيون.

هي واقعو جيڪو هنن ڏينهن ۾ منظرعام تي آيو، جنهن ۾ معصوم ٻارڙن سان ڏاڍائي رپورٽ ڪئي ويئي آهي. ٽي کان پنج ۽ تيرنهن سالن جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جون سئو کان وڌيڪ وڊيوز منظرعام تي آيون آهن ۽ تقريبن 280 جي لڳ ڀڳ واقعا رپورٽ ٿيا آهن.

اهو اذيتناڪ ۽ وحشتناڪ ناٽڪ گذريل پنجن سالن کان معصوم گلن جهڙن ٻارڙن سان جاري هو، جنهن ۾ معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪيو ويندو هو ۽ کين جنسي زيادتيءَ جو نشانو بڻائي انهن سان ڪيل ڏاڍائين جي وڊيو ٺاهي ويندي هئي، بعد ۾ ان وڊيو کي والدين جي ڪمزوري بڻائي انهيءَ تي کين ڀتو وصول ڪيو ويندو رهيو آهي. ڪيترا ئي والدين لکين روپيا ڏيڻ جي باوجود پنهنجي معصوم ٻارڙن جي وڊيوز کي ڊليٽ نه ڪرائي سگهيا ۽ اِهي وڊيوز ٻاهرين ملڪن ۾ وڪرو ڪيو وينديون رهيون آهن.

ان جنسي دهشتگردي جي وحشتناڪ واقعي ڦاٽ تڏهن کاڌو جڏهن علائقي واسين اهڙن درندن خلاف احتجاج ڪيو پر ڪا اُميد نه ڏسي سندن پوليس سان چڪريون ٿيو ۽ ڳالهه ميڊيا تائين پهتي.

ههڙي خطرناڪ جنسي دهشتگردي جي واقعي ٿيڻ کانپوءِ به خاص طور قصور پوليس ان کي مام ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ۽ انهن هنن خطرناڪ ۽ ڏيهه جي اتهاس جي بدترين واقعي جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بجاءِ ان کي ڪاغذن جي ڪفن ۾ دفنائڻ جا سانباها پئي ڪيا ۽ پوليس جو  اهو چوڻ هو ته هي واقعو زميني تڪرار کان وڌ ڪجهه نه آهي.

”واهه سائين واهه، پوليس اهلڪار! واقعي هي واقعو زميني تڪرار کان وڌيڪ ڪجهه به نه هو.“ مان سمجهان ٿو ته اهو واقعو زميني تڪرار هجي يا نه پر پوليس جو ضميري تڪرار ضرور آهي!“

اهڙا واقعا اسان جي چوڌاري روزانو پيا ٿين پر ڪڏهن ڪڏهن ڪو واقعو جڏهن ميڊيا تي اچي ٿو ته پوءِ اسين واويلا شروع ڪيون ٿا.

اسان جو تعليمي سرشتو جيڪو مُدي خارج نصاب سان ڀريل آهي. اسان سائنس ۾ به غير سائنسي شيون ڀري ڇڏيون آهي. نفرت جو هڪ بمپر ڪراپ فصل تيار ڪري رهيا آهيون. اسان جي نصاب ۾ رڳو نظرياتي ۽ ڪٿائي داستانن جي ٻيو ڪجهه به ڪين آهي. اسين بلا جا پرهيزگار صرف هڪ مهيني ۾ ٿي ويندا آهيون، جيڪو رمضان شريف جو مهينو آهي ان ۾ به عجيب قسم جون حرڪتون ڪندڙ مُلي هجڻ جون دعوائون ڪندڙ ماڻهن جي احساسن سان راند ڪن ٿا. ملٽي نيشنل ڪمپنيون ۽ اشتهاري گرناري ماڻهن کي وڏيون وڏيون لابيون ڏيئي ماڻهن جي ضرورتن کي ڪيش ڪن ٿا. باقي يارنهن مهينا ٽي وي تي ڪجهه به پيو هلندو.

ٻارڙن سان جنسي ڏاڍاين جو معاملو صرف قصور تائين محدود ڪو نه آهي، بلڪه اهو هڪ عالمي سطح جو معاملو آهي. رمن ڪئٿولڪ عيسائين پادرين جي حوالي سان ڪيترائي ڇرڪائيندڙ واقعا روزانو سامهون ايندا پئي رهيا آهن.

اسان جيستائين پنهنجي تعليمي نصاب کي عمليت نٿا ڏيون، ايستائين اهڙا واقعا پيا ٿيندا. رڳو اهڙيون عجيب ڳالهيون جن ۾ غاصبن جي حاصلات کي وڏو ويڪرو ڪري پيش ڪرڻ سان علم جي آبياري ته ڪونه ٿيندي يا صرف فوٽو ڪاپي ڪري رٽو هڻي امتحان پاس ڪرڻ سان ته مسئلا حل ڪو نه ٿيندا. ان لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي ثقافت کي سامهون رکندي اصلي، سائنسي تعليم ۽ جنس بابت هضم ڪرڻ جيتري ڄاڻ ته نصاب ۾ به شامل ڪئي وڃي، جو ماڻهو ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪري ته سگهي. جيئن سائين علي مرتضيٰ ڌاريجي صاحب جو ڪتاب ”جنس جي سائنسي ڄاڻ“ آهي. مان سمجهان ٿو اهڙن ڪتابن پڙهڻ سان ماڻهوءَ جون اکيون کلي وڃن ٿيون. اهڙن ڪتابن يا ان جي ڪجهه حصن کي نصاب جو حصو بنائڻ ۾ ڇا آهي.

ٻارڙن جا ذهن ڏاڍا ڪچا ۽ ڪونئرا هوندا آهن، انهن جي ذهنن تي اهڙن جنسي واقعن/حادثن جي ڇاپ سڄي زندگي رهجي ويندي آهي، تنهن ڪري ضروري آهي ته انهن کي هڪ سهارو، هڪ اعتماد مهيا ڪيو وڃي. انهيءَ کان علاوه اهڙن درنده صفت ماڻهن کي انهن جي ڏوهن مطابق سزا ملڻ گهرجي. قصور سانحي اسان جي سامهون روزانو ٿي رهيا آهن، پر اسان اُٺ پکي جيان اکيون پوريو ويٺا آهن. اسان وٽان سڀ مور مرندا وڃن، اسان وٽان معصوم ٻارڙن جون مرڪون موڪلائي رهيون آهن. اسان کي هن پوپٽن پڪڙڻ واري وهي واري سنگت جو وڌ کان وڌ خيال رکڻو آهي. اهي آئيندي جا اعليٰ آدرشي اهڃاڻ آهن. معصوم ٻالڪ جي مرڪ الله جي طرفان هڪ آٽوگراف هوندي آهي، ڪنهن به ڊجيٽلي درندي کي ڪو حق ناهي ته ان آٽوگراف تي منڌيئڙو ڦيرائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *