پيٽرول جي قيمتن ۾ لاٿ سان عام واهپي جون شيون به سستيون ٿي سگهنديون…؟

 

وفاقي سرڪار پئٽروليم جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر لاٿ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ پئٽرول ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمتن ۾ 6 کان 12 رپين تائين گهٽتائي ٿي وئي آهي. پيٽروليم جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ اڳ سي اين جي جيڪا پئٽرول جي مقابلي ۾ سستي هوندي هئي پئٽرول کان وڌيڪ مهانگي يعني سي اين جي جو سنڌ ۽ پنجاب ۾  اگهه 50-71 پئسا ۽ پئٽرول جو اگهه 29- 70 پئسا ٿي ويو آهي. پئٽروليم جي قيمتن ۾ لاٿ کانپوءِ جيتوڻيڪ اهو سمجهيو پيو وڃي ته ان سان عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ به لاٿ ايندي، جڏهن ته مارڪيٽ جي ذريعن موجب عام واهپي وارين شين ۾ گهٽتائي جو في الحال ڪو به امڪان ناهي ڇاڪاڻ ته هن وقت مارڪيٽ ۾ جيڪي به شيون موجود آهن، اهي پئٽروليم جي اڳوڻي قيمتن هيٺ تيار ٿيون هيون، ان ڪري ا نهن شين جي قيمتن ۾ لاٿ اچڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿيئي. باقي ايترو ضرور آهي ته عام واهپي واريون شيون ٺاهيندڙ يا پيدا ڪندڙ زميندار کين تازو ملندڙ رليف کي هيٺين سطح تائين يعني صارفين تائين ڪڏهن به نه پهچائيندا. جڏهن ته تيل جي قيمتن ۾ تازي لاٿ کانپوءِ تيار ٿيندڙ عام واهپي واريون شيون جڏهن مارڪيٽ ۾ پهچنديون، تيستائين تيل جون قيمتون امڪان آهن ته  ٻيهر اڳوڻين قيمتن تائين پهچي وينديون. بهرحال  عام واهپي واريون شيون سستيون ٿين ٿيون يا نه تڏهن به عوام جي خواهش آهي ته گهٽ ۾ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ فوري طور تي گهٽتائي ٿيڻ گهرجي. گذريل ڀيري جڏهن پئٽروليم جي مصنوعات ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو.  تڏهن سنڌ ۾ ٽرانسپورٽرن ٽڪو به ڀاڙو گهٽ نه ڪيو هو ۽ ان سلسلي ۾ هڪ هفتي کان مٿي واري عرصي تائين مسافرن ۽ ڪنڊيڪٽرن وچ ۾ ڏند چڪ ٿيندي رهي ۽ پوءِ  پڙ ڪڍي بيٺل ٽرانسپورٽرن هڪ به نه ٻڌي هئي نيٺ عوام کي ئي خاموشي اختيار ڪرڻي پئي، جڏهن ته ڪراچي مان اهي خبرون ضرور مليون هيون ته ڪراچي شهر جي اندر هلندڙ بسن جي ڀاڙن ۾ هڪ رپئي تائين گهٽتائي ڪئي وئي آهي، هاڻ جڏهن حڪومت ٻيو ڀيرو پيٽروليم جي مصنوعات ۾ گهٽتائي ڪئي آهي ۽ مجموعي طور تي 43 رپيا پئٽرول جون قيمتون گهٽ ٿيون آهن پر ٽرانسپورٽر اڃا به ڀاڙن ۾ هڪ رپيو به گهٽ ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. جڏهن ته چيو وڃي ٿو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٽرانسپورٽرن زباني طور تي 5 کان 7 سيڪڙو ڀاڙن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. هاڻ ٽرانسپورٽر اهي ڀاڙا گهٽائيندا يا نه تنهن بابت في الحال ڪا راءِ قائم ڪري نه ٿي سگهجي. اسان اها ڳالهه وچ تي ان ڪري ڇڏي ر هيا آهيون، جو ٽرانسپورٽرن وٽ بهانا کوڙ آهن، مثال طور ڪجهه ٽرانسپورٽرن ته اها ڳالهه ڪئي آهي ته اسان جون گاڏيون ته سي اين جي تي آهن، ان ڪري اسان ڀاڙا ڪيئن گهٽائي سگهون ٿا. اڳ جڏهن پئٽرول مهانگو هوندو هو، تڏهن سندن جواب هوندو هو ته اسان جون گاڏيون پئٽرول تي آهن، ان ڪري اسان ڀاڙن ۾ گهٽتائي نه ٿا ڪري سگهون. اهڙي ريت جيڪي رڪشائون هلنديون ئي سي اين جي تي آهن انهن رڪشائن جا مالڪ وري اهو چوندا هئا ته اسان ڀاڙا ڪيئن گهٽ ڪريون سي اين جي ته هفتي ۾ کلي ئي ڪجهه ڏينهن مس ٿي ان ڪري اسان ڀاڙو وڌيڪ وٺڻ لاءِ مجبور آهيون هڪ طرف ٽرانسپورٽرن جا عذر ۽ دليل آهن ته ٻئي طرف سنڌ جو آر ٽي اي  کاتو آهي جنهن جي ذمي ٽرانسپورٽرن کي روٽ پرمٽ ڏيڻ انهن جا ڀاڙا ۽ ٽائيم مقرر ڪرڻ آهي پر آر ٽي اي کاتو ۽ ان جا عملدار ڏوهاري ماڻهن وانگر عوام کان ائين لڪي ويٺل آهن ته جيئن ڪو انهن کي ڏسي نه سگهي. ڇاڪاڻ ته آر ٽي اي وارن جو  واسطو ئي ٽرانسپورٽرن سان آهي ۽ اهي ٽرانسپورٽر آر ٽي وارن  جي سنئين سڌي “ڇانو ني” ڀرين ٿا ان ڪري انهن پنگلن  ڪامورن کي ڪهڙي گتي پئي آهي جو اهي ٽرانسپورٽرن سان ڦٽائين ان ڪري هن وقت سڀ کان وڌيڪ طاقتور ٽرانسپورٽر ۽ انهن جون تنظيمون آهن جيڪي هڪ طرف اٿندي ويهندي حڪومت کي بليڪ ميل ڪن ٿيون ته ٻئي طرف اهي پنهنجا هٿ ٺوڪيا ڀاڙا مقرر ڪري عوام کي لٽين ۽ ڦرين ٿيون اهو سڀ ڪجهه آر ٽي اي وارن سان ملي ڀڳت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيو پيو وڃي. اڪثر حلقن جو چوڻ آهي  ته اڄ ڏينهن تائين آر ٽي اي جي ڪنهن به ننڍي وڏي وڏي عملدار کي ڪنهن به روڊ رستي تي بيهي مسافرن کان ا هو معلوم ڪندي نه ڏٺو ويو آهي ته کانئن ڪيترو ڀاڙو ورتو پيو وڃي يا جيڪي به ٽرانسپورٽر آهن، تن مان ڪنهن جي به گاڏي ۾ ڀاڙن جا ڪا لسٽ چيڪ ناهي ڪئي پر جيڪڏهن وٽن ڪا لسٽ هوندي به آهي ته اها به ٽرانسپورٽرن جي يونين جي تيار ڪيل هوندي جيڪا انهن جي ليٽر پيڊ تي ڇپيل هوندي اسان آر ٽي اي کان پڇڻ گهرون ٿا ته ٽرانسپورٽرن جي يونين کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي  ته اهي پنهنجي مرضي جا نه رڳو ڀاڙا مقرر ڪن پر ان جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪن.  هن وقت جڏهن پئٽروليم جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي، تڏهن جن ٽرانسپورٽرن 5 کان 7 سيڪڙو ڀاڙا گهٽائڻ واري جيڪا ڳالهه ڪئي آهي اها به هڪ ٺڳي کان گهٽ ناهي. مثال طور جيڪڏهن حيدرآباد کان نوابشاهه يا سکر کان لاڙڪاڻو يا حيدرآباد کان مٺي روٽ تي هلندڙ گاڏيون جيڪڏهن ڀاڙن ۾ 7 رپين تائين لاٿ ڪن ٿيون، تڏهن به اها لاٿ رڳو گاڏي جي اسٽارٽ ٿيڻ واري هنڌ کان وٺي آخري اسٽاپ تائين هوندي. جڏهن ته جيڪي مسافر وچ  مان چڙهندا تن کي رپئي جو به فائدو مشڪل سان ئي ملندو. اڳ ته ائين ٿيندو هو  جو هر روٽ تي هلندڙ گاڏي جو ڀاڙو واضح نموني لکيل هوندو هو، حيدرآباد کان مٽياري تائين ۽ مٽياري کان سڪرنڊ تائين ۽ اتان کان خيرپور ۽ پوءِ اڳتي لاءِ ڪيتري مفاصلي لاءِ ڪيترو ڀاڙو هوندو ته جيئن عام مسافر به سمجهي سگهي ته کيس ڪيترو ڀاڙو ڏيڻو آهي، هن ڀيري به جيڪڏهن آر ٽي سي ڪلوميٽرن جي حساب سان ڀاڙو  يا سيڪڙو جي حساب سان ڀاڙن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو. تڏهن به عام ماڻهو کي ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي. ان ڪري اسان جي صلاح آهي ته ڀاڙن واري لسٽ مڪمل وضاحت سان جاري ٿيڻ گهرجي بهرحال هوڏانهن وزيراعظم ميان نو از شريف هڪ ڏينهن اڳ جڏهن پئٽروليم جي نرخن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو تڏهن هن پاڻ به اها ڳالهه مڃي هئي ته اڳ ۾  پئٽروليم جا اگهه جڏهن گهٽ ڪيا ويا هئا تڏهن به ڀاڙن ۾ گهٽتائي نه ٿي هئي، هن وڌيڪ چيو ته ڀاڙن جو معاملو صوبائي آهي آئون صوبائي حڪومتن کي ڀاڙن تي نظر داري لاءِ چوندس. هاڻ جڏهن وزيراعظم به صوبن کي ڀاڙن تي نظرثاني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، تڏهن سنڌ سرڪار تي اهو فرض ٿو لاڳو ٿيئي ته اها ڀاڙن ۾ گهٽتائي لاءِ سخت اپاءَ اختيار ڪري ۽ آر ٽي اي کي ننڊ مان اٿاري ته جيئن عوام جي کيسن تي لڳندڙ ڌاڙا ختم ٿي سگهن ۽ عوام ڦرجڻ کان بچي سگهي.

ان سلسلي ۾ سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي پاران سڀاڻي هڪ گڏجي طلب ڪئي وئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *