ون ڊي ڪرڪيٽ جي بهترين بالرن جي فهرست جاري، سعيد اجمل جي پهرين پوزيشن برقرار

دبئي(اسپورٽس نيوز)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ٽيمن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن مطابق ون ڊي ميچن ۾ آسٽريليا سڀ کان پهرئين نمبر تي ۽ پاڪستان ستين مبر تي آهي جڏهن ته ون ڊي ميچن جي بهترين بالرن جي فهرست ۾ سعيد اجمل پابندي باوجود پهرين پوزيشن تي برقرار آهي آءِ سي سي طرفان جاري رينڪنگ جي مطابق آسٽريليا 120 ريٽنگ سان لسٽ ۾ سڀ کان پهرين پوزيشنتي آهي جڏهن ته ڀارت ٻئين، ڏکڻ آفريڪا ٽئين، سريلنڪا چوٿين، انگلينڊ پنجين، نيوزيلينڊ ڇهين ۽ 96 پوائنٽن سان پاڪستان ستين نمبر تي آهي بهترين ون ڊي بيٽسمينن جي فهرست ۾ پهرين ۽ ٻئين پوزيشن ڏکڻ آفريڪا وٽ آهي، جڏهن ته شروعاتي 10 بهترين بيٽسمين ۾ قومي ٽيم جو ڪوبه رانديگر شامل ناهي ڪجهه ڏينهن اڳ تيز ترين سينچري ٺاهيندڙ اي بي ڊويليئرز 891 پوائنٽن سان پهرئين نمبر تي آهي جڏهن ته هاشم آملا 867 پوائنٽون کڻي بهترين بيٽسمين جي فهرست ۾ ٻئين نمبر تي آهي ڀارت جو ويرات ڪوهلي ٽئين، سريلنڪا جو ڪمار سنگاڪارا ۽ تلڪارتني تلشان چوٿين ۽ پنجين نمبر تي جڏهن ته قومي ٽيم جو ڪپتان مصباح الحق 663 پوائنٽن سان 15 نمبر تي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *