پوليس هٿان مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيل پوليس اهلڪار سان انصاف ڪير ڪندو؟

 

ڳڙهي ياسين پوليس ڳوٺ وڪڙ وٽ مقابلي ۾ هڪ ڏينهن اڳ ڳوٺ منٺار ڪاڪيپوٽو مان گرفتار ڪيل 3 ڄڻن مان هڪ ڄڻي کي ڏوهاري ڄاڻائي ماري ڇڏيو. ڳڙهي ياسين پوليس هڪ ڏينهن اڳ ڳوٺ منٺار ڪاڪيپوٽو تي چڙهائي ڪري ڪاڪيپوٽا 3 نوجوانن آصف ڪاڪيپوٽو، گلزار ڪاڪيپوٽو ۽ ديدار ڪاڪيپوٽو کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو هو، جن مان آصف ڪاڪيپوٽو کي ڳوٺ وڪڙ وٽ ڳڙهي ياسين -شڪارپور روڊ تي مقابلو ڏيکاري ماري ڇڏيو جڏهن ته ٻن ڄڻن گلزار ڪاڪيپوٽو ۽ ديدار ڪاڪيپوٽو کي اڃان تائين ظاهر نه ڪيو ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي شڪارپور ثاقب اسماعيل ميمڻ ٻڌايو ته پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل آصف ڪاڪيپوٽو ڏوهاري هيو، هن مٿان ڳڙهي ياسين، ڊکڻ ٿاڻن تي 15 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن ۽ سندس ساٿي فرار ٿي ويا. پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل آصف ڪاڪيپوٽو جي ڀيڻ صفيه، امڙ فاطمه ۽ وارث عورتن قرآن پاڪ کڻي پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته پوليس اسان جي مخالفن ۽ پوليس اهلڪار کان 5 لک روپيا وٺي اسان جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڪالهه اسان جي نوجوان آصف ڪاڪيپوٽو کي زمين ۾ رونبو ڪندي گرفتار ڪيو هو ۽ اسان جي ٻن نوجوانن گلزار ڪاڪيپوٽو ۽ ديدار ڪاڪيپوٽو کي به آصف سان گڏ گرفتار ڪيو هو، اسان کي خدشو آهي ته اسان جي ٻن نوجوانن کي به ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو ويندو. هنن چيو ته آصف ڏوهاري نه آهي، هو 12 سالن کان پوليس جي نوڪري ڪندو ايندو ھو ۽ ھو پوليس اھلڪار آھي، ڪجهھ عرصي کان موڪل تي آيو ھو، ھنن چيو ته مقابلي جي جاچ ڪرائي  اسان کي انصاف ڏياريو وڃي. هوڏانهن ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي مقابلي جو اي ايس آءِ بشير احمد شيخ جي فرياد تي مارجي ويل آصف ڪاڪيپوٽو، ڏوهاري اوغان مارفاڻي ۽ امان تنيو، گلزار ڪاڪيپوٽو سميت 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *