عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل رانديگرن جي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

دبئي(اسپورٽس نيوز) عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل رانديگرن جي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن مطابق ڏکڻ آفريڪا جو اي بي ڊويليئرز هڪ درجو ترقي ڪري پهرين نمبر تي اچي ويو آهي. آءِ سي سي جي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ آسٽريليا جو اسٽيون سمٿ هڪ درجوهيٺ لهي ٻئي ۽ ڏکڻ آفريڪي بيٽسمين هاشم آملا ٽئين نمبر تي آهي، انگلينڊ جو جي روٽ 3 درجا ترقي ڪري چوٿين نمبر تي پهچي ويو، جڏهن ته سريلنڪن بيٽسمين ڪمار سنگاڪارا هڪ درجو پوئتي هٽي پنجين پوزيشن تي اچي ويو آهي. پاڪستان جو يونس خان هڪ درجو هيٺ لهي ڇهين کان ستين نمبر تي هليو ويو آهي جڏهن ته آءِ سي سي جي ٽيسٽ بالنگ رينڪنگ  ۾ ڏکڻ آفريڪا جو ڊيل اسٽين پهرين، انگلينڊ جو جيمز اينڊرسن ٻئي نمبر تي آهي، نيوزيلينڊ جي ٽرينٽ بولٽ ٽين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي ۽ پاڪستان جو ياسر شاهه چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *