پانامه عملدآمد ڪيس جو فيصلو محفوظ…!

سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس بابت جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. جسٽس اعجاز الحسن جي سربراهيءَ ۾ پاناماليڪس ڪيس جي عملدرآمد بئنچ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو به ڏسي سگهن ٿا ته صحيح ڪيئن مختلف آهي.  مسئلو رڳو فونٽ جو رهجي ويو آهي. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي رپورٽ جو واليم 10 به گهرائي ورتو. جسٽس عظمت سعيد چيو ته ڏهين جلد ۾ جي آءِ ٽي جي خطن جي تصديق ٿيندي، جلد مان گهڻيون شيون واضح ٿي وينديون.  واليم 10 جي سيل عدالت ۾ کولي وئي جنهن جو عدالت جائزو به ورتو. خواجه صاحب واليم 10 اوهان جي درخواست تي کوليو پيو وڃي. دستاويزن ۾ لاڳاپيل نوٽري پبلڪ جا تفصيل آهن عدالت خواجه حارث کي واليم 10 جا مخصوص دستاويز پڙهڻ لاءِ ڏنا پر عدالت طرفان رمارڪس ڏنا ويا ته اڃا واليم 10 ڪنهن کي نه ڏنو ويندو. 23 جون تي جي آءِ ٽي خط لکيو، جواب ۾ اٽارني جنرل بي وي آءِ کي خط لکيو.  عوامي عهدو رکندڙن جي آمدني اثاثن موجب نه هجي ته ڇا ٿيندو، پبلڪ آفس هولڊر اسيمبليءَ ۾ چيو ته هي آهن اهي ذريعا جنهن سان فليٽ خريد ڪيا ويا جنهن بعد وزيراعظم ڪجهه شڪي دستاويز اسپيڪر حوالي ڪيا، اسان هڪ سال کان اهڙن دستاويزن جو انتظار ڪري رهيا آهيون، هتي معاملو عوامي عهدو رکڻ واري جو آهي، هو پنهنجي عهدي سبب جوابده آهي عوامي عهدو رکندڙ قومي اسيمبلي ۽ قوم کي خطاب ڪيو هو، خطاب ۾ چيو هو ته ٻارڙن جي ڪاروبار بابت شاهديون موجود آهن، رپورٽ ۾ مريم نواز جي بينيفيشل مالڪ هئڻ جو چيو ويو آهي.  سلمان اڪرم راجا طرفان دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ  اسحاق ڊار جي وڪيل طارق حسن دليل ڏيندي چيو ته  پنهنجي جواب ۾ عدالتي خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،  عدالت ۾ 2 جواب داخل ڪرايا ويا آهن. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏيندي چيو ته قانون جي دائري ۾ رهي ڇولين ۾ ترڻو پيو ته هو ترندا. ٻڌڻي دوران طارق حسن اسحاق ڊار جو 34 ورهين جو رڪارڊ سيل بند پيش ڪيو جنهن تي جسٽس اعجاز الحسن چيو ته هاڻي هي دٻو سڄو ڏينهن ٽي وي زينت بڻيل رهندو. جسٽس اعجاز افضل چيو ته جي آءِ ٽي اثاثن ۾ اضافي جو چيو پر اسحاق ڊار جواب نه ڏئي سگهيو ٿي سگهي ٿو ته سندس خلاف ڪارروائي شروع ٿي وڃي. ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل چوڌري اڪبر تارڙ چيو ته نيب حديبيا پيپرز ڪيس کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،  هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي ويندي. تحريڪ انصاف جي وڪيل نعيم بخاري چيو ته ثابت ٿي ويو ته وزيراعظم صادق ۽ امين نه رهيو آهي، ايف زيڊ اي ڪمپني وزيراعظم ظاهر نه ڪئي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته حڪومت جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پگهار نه ورتي آهي، پگهار کڻڻ ۽ نه کڻڻ جا اثر الڳ الڳ ٿيندا. اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن اثاثا ظاهر نه ڪيا ويا ته بد ديانتي سڏرائيندي، سوال اهو آهي ته سندن اختيارن جو دائرو هوندو يا اليڪشن ڪميشن جو هوندو.  قطري سپريڊ شيٽ ته نه هيڏانهن ۽ نه وري هوڏانهن جي آهي. جيڪڏهن اسان مڃي وٺون ته فليٽس جي مالڪ مريم نواز آهي ۽ مريم نواز شريف جي خرچ پکي ۾ آهي ته، اثاثا ظاهر ڪرڻ تي ئي وزيراعظم جي نااهلي بابت فيصلو اچي سگهي ٿو، جيڪڏهن خرچ پکي هيٺ ثابت نه ٿي ته رڳو مريم نواز جو فليٽ مالڪ هئڻ ڪافي ناهي. جي آءِ ٽي ٺهي ته سڀني چيو ته ڪم آزاد نموني ٿيندو، جي آءِ ٽي پنهنجي دائري کان وڌي ڪم ڪيو، جيڪڏهن اسان ٽرائل بابت فيصلو ڏنو ته فيئر ٽرائل ئي ٿيندو،  شيخ رشيد احمد عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته قطري خط ڪڍي ڇڏيو ته ڪيس ۾ ڪجهه به ناهي، سندس درخواست آهي ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي آهي. عدالت بار بار مني ٽريل گهري جيڪا نه آئي آهي، جنهن طرف ڏسو ته بي نامي دار آهي. فيصلو محفوظ ٿيڻ بعد وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ن جو اهم مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سدائين عدالت سامهون سر هيٺ رکيو آهي، پاناما ڪيس ۾ عدالت کان بهتر فيصلي جي اميد آهي ۽ عدالت جي ڪنهن به فيصلي کي قبول ڪيو ويندو، فيصلو خلاف اچڻ جي صورت ۾ سمورن قانوني ۽ آئيني آپشنز کي استعمال ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *