ايوارڊ آفته صحافي عبدالعزيز جي ياد ۾ ڪوٺايل پهرين ورسي تقريب: تحرير.  شير محمد سولنگي

سنڌ اها ڌرتي ماتا آهي جنهن پنهنجي ڪک مان ڪيترن ئي جوڌن جوانن سپھ سالارن ۽ قمڪارن کي جيئدان ڏنو آهي انهن با شعور ماڻهن ۾ چاچي عبد العزيز ڳاهو جو به شمار ٿئي ٿو. عبدالعزيز ڳاهو 1951ع ڌاري ڳوٺ غوث بخش ڳاهو ۾ صوفي طبيعت رکندڙ ڳوٺ جي چڱي مڙس رسول بخش ڳاهو جي گهر ۾ جنم ورتو. جنهن کي وڇڙي هل سال ٿي ويو آهي سندس ساروڻين جي ياد ۾ ڳوٺ غوث بخش ڳاهو ۾ سنڌ جي لاڏلي البيلي صحافي عبدالعزيز ڳاهو جي پهرين ورسي قومي اسيمبلي جي ميمبر خيرپور جي بهادر با همٿ ايم اين اي حاجي نواب خان  وساڻ جي صدارت ۾ ٿي جنهن جا مهمان خاص منور وساڻ ، ڄام محبت سهتو ، سنڌ سگھڙ ادبي ڀلائي تنظيم جو اڳواڻ خليل رحمان مهيسر ، آرٽس ڪائونسل خيرپور جو صدر  سيد اڪبر شاھ ، خالد ٻانڀڻ ، نظر محمد ڳاهو جن هيا. حسب معمول تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان سنڌ جي نالي واري سگھڙ محمد سومر ڳاهو ڪيو جڏهن ته نعت پڙهڻ جو شرف محمد حسن مهر حاصل ڪيو جنهن کان پوءِ آيل مهمانن جي مان ۾ لفظن جا گلاب نڇاور ڪندي وفا طارق عزيز ڳاهو چيو ته هن ٻوسٽ ۽ گرمي جي رگھ ۾ پنهنجي هن غريب خاني جي سامهون اڱڻ جي آڳر ۾ هزارين محبوب ڏسي من سرهو ٿيو آهي ۽ اها پڻ پڪ ٿي آهي ته اڃا سنڌ گدڙن ناهي کاڌي اڃا سنڌي سجاڳ آهن جيڪي پنهنجي ٻولي جي حفاظت ڪندا رهندا جڏهن پنهنجي گفتگو جو رخ موڙي پنهنجي والد صاحب جي گھاريل گھڙين ڏانهن ڪيو ته سندس لھ ولهجو اچانڪ تبديل ٿي ويو لفظن ۾ سڏڪا ۽ اکين ۾ لڙڪن جي آب جا ڳوڙها نير ڪندا وهندا رهيا.

وفا طارق عزيز ڳاهو جي زبان وچندڙ لهجي چوندي رهي بابا سائين صحافي ٿيڻ جي تڏهن ضرورت محسوس ڪئي جڏهن هڪ مهراڻ اخبار جي رپورٽر اسان جي چاچا سائين تي وار ڪيو ته استاد يا پيپلو جيالو ان تي چاچا سائين جي نوڪري داءُ تي لڳي وئي جنهن کان بعد 1959 ع ۾ آفتاب اخبار ۾ رپورٽر مقرر ٿيو 1973ع جي لڳ ڀڳ عبرت اخبار ڪنب جو پورٽر مقرر ٿيو جنهن کان پوءِ تعلقه ڪوٽڏيجي جو رپورٽر ٿيو کيس هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت هئي جيڪا صحافت تان قربان ڪري ڇڏي  وري تعليم کاتي ۾  پرائمري استاد  مان ڦري اٽينڊنس انسٽيڪٽر ٿيو اها نوڪري به سياست جي ڪري ڇڏي ڏني . اهڙي نموني زندگي جا پڇاڙڪا پهر ڏينهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي ناءِ ڪري ڇڏياسندس وڇوڙو به عجيب اتفاق هو جڏهن پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر نواب خان وساڻ جي عوامي گڏجاڻين جي ڪوريج ڪري ۽ رات جو پنهنجي اخبار ڏانهن انهن سرگرمين جون خبرون ٺاهي موڪليائين ۽ رات جو لڳ ڀڳ هڪ وڳي ڌاري سندس طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي ۽ سنڌ جو ڀلوڙ صحافي، شاعر، ليکڪ 26 شوال المڪرم 1437 هجري بمطابق 31 جولاءِ 2016 تي رات جو دير سان هن فاني جهان مان لاڏاڻوڪري ويو اهو منهوس ڏينهن مون کان اڄ به ناهي وسري سگھيو.

ڪوشش ڪندس ته سندس ڇڏيل اڌوري مشن کي مڪمل ڪيان اهو سڀ ڪجھ منهنجن  فرضن ۾ شامل ٿي ويو آھي نواب خان جي ساٿ جي ضرورت  آهي جيڪو مون سان به بابا سائين جهڙو ساٿ نڀائي رهيو آهي .سندس مان به ٿورائتو آهيان خالد ٻانڀڻ چيو ته عبدالعزيز فقط صحافي نه هو پر هو هڪ بهترين اديب به هو  هو خبر موڪلڻ کان پوءِ فون ڪري خبرن جي باري ۾ معلومات وڄندو هو ته خبرون پهتيون يا نه اگر ڪا سندس خبر شايع نه ٿيندي هئي ته به فون ڪري آگاھ ڪندو هو ته ڦلاڻي خبر ناهي لڳي ڇو ؟ هي هڪ بهادر دلير وفادار صحافي هو کيس صحافتي خدنتن عيوض محترم ميان محمد نواز شريف جي هٿان  اي پي اين ايس ايوارڊ  اماڻي چڪو آهي . علمي ادبي سماجي تنظيم بزم گلڻ ، انٽرنيشنل پريس ڪلب راڻيپور  سميت ڪيترن ئي فورمن تان کيس  مڃتا يوارڊ  ملي چاڪا جيڪي سندس ڪيل خدمت ۽ محنتن جو نتيجو آهي هون به اهي ماڻهون معاشري ۾ زندھ هوندا آهن جيڪي ٻين جي لا۽ جيئندا آهن ۾ انهن ماڻهن جي فهرست ۾ عبدالعزيز ڳاهو به هڪ آهي . ڄام محبت سهتو  چيو ته  ڪاري ڪڪر هيٺ مون جھيڙيندي ڏٺا ، ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سونهان ، وڃي لڄ مران جي هون پٺي ڌڪڙا . عبدالعزيز جو نالو سوڀر صحافين ۾ شامل آهي جن سدائين نا انصافي ، اقربا پروري ، خد گرزي ، انا ، جهالت ٻين سماجي براين سان جنگ ڪئي آهي اسان جي هن سچي ۽ وفادار صحافي ٻين جي حقن لاءِ وڙهندي پنهنجي جان جي به پرواھ ناهي ڪئي توڙي جو سندس تعلق پاڪستان پيپلز پارٽي سان رهيو تنهن هوندي به جڏهن ڪٿي موقعو ملندو هو ته سچ  جا لفظ بنا روڪ ٽوڪ جي چئي ڏيندو هو ۽ پاڻ تي فخر ڪندو هو اها سندس دودا دليري جي نشاني آهي سچ چوڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي پر جس هجي عبدالعزيز کي جنهن هميشه سچ ڳالهايو ههڙي قسم جي سچا ۽ کرا ماڻهون ورلين پيدا ٿيندا آهن جن تي  سنڌ ڌرتي به ناز ڪندي رهندي آهي .

منور وساڻ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته عبدالعزيز ڳاھو دسائين غريب ماڻهن جي لاءِ مسيحا بڻجي پس گردائي جي ماڻهن سان ساٿ نڀايو آهي ۽ سندن مسئلا اسان تائين پهچايا آهن جن مان ڪجھ حل ٿيا آهن ۽ ڪجھ حل نه ٿيا هوندا ان جو مون کي تمام گھڻو ڏک آهي اسان سان سائين جهڙي نموني نڀايو سندس لا۽ اسان اڄ به اسان جي جيءَ ۾ جايون آهن پاڻ پارٽي جا سچا ڪارڪن ۽ وفادار ساٿي هيا هر تحريڪ ۾ سندس ساٿ اسان سان رهيو هر  مشڪل گھڙي ۾ ڪم اچڻ وارو انسان هو جنهن بنا لالچ ۽ لوڀ جي پنهنجي زندگي ۽ وفائون پاڪستان پيپلز پارتي جي نالي ڪري ڇڏيون اهڙا سپورنجھ ڀاڳن تي پارٽين کي ملندا آهن اسان کي سندس کوٽ محسوس ٿي رهي آهي اهو هڪ وڏو خال آهي جيڪو خال سندس فرزند وفا طارق عزيز ڳاهو ئي ڀري سگھي ٿو ان موقعي تي نواب خان وساڻ چيو ته عبدالعزيز ڳاهو اسان جو محسن ڀاءُ هو جيڪو نه گرمي ڏسندو هو نه سردي کي ڏسندو  بس سڏ ۾ سڏ ڏيندو هو سچ پڇو ته اسان کان سچو ساٿي وڇڙي ويو آهي جيڪو جسماني ته اسان کان وڇڙي ويو آهي پر روحاني اسان سان گڏ آهي ان موقعي تي بهترين سياستدان جو ايوارڊ حاجي نواب وساڻ وفا طارق عزيز ڳاھو کان وصول ڪيو  بهترين سگھڙ جو ايوارڊ سنڌ سگھڙ ادبي ڀلائي تنظيم جي اڳواڻ خليل الرحمان مهيسر   سيد اڪبر ساڳ کان وصول ڪيو بهترين اديب جو ايوارڊ  سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل کي ڏنو ويو جيڪو لالڻ چنه وصول ڪيو  تقريب ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ  هزارين ن ، شاعرن، سياسي سماجي اڳواڻن ، سگھڙن ، استادن شرڪت ڪئي جن ۾ محمد قاسم ملڪ ، گلڻ ڄامڙو ، سيد زوار شاھ ، گدا حسين سهتو ، امام ڏنو مهراڻي ، سجاد گل سولنگي ، سردار گل منير سولنگي ، ربنواز راز ڄامڙو ، وحيد نواز ڄامڙو ، شير ل ڄامڙو ، عارف حسين راڄپر ۽ ٻيا شامل هئا تقريب ۾ سگھڙن  سگھڙائپ جو فن پيش ڪيو. آخر دعا خير سان ورسي کي پڄاڻي رسايو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *