ٽيڪسن جي مد ۾ اوڳاڙيون ۽ بيروزگاري

 

حڪومت ٽيڪسن جي مد ۾ ڪيتريون ئي اوڳاڙيون ڪيون آهن ان ڏس ۾ ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب وفاقي سرڪار رڳو هلندڙ مالي سال جي پهرين اڌ ۾ فيول ٽيڪس جي مد ۾ 144 اربن کان مٿي وصولي ڪئي آهي، چيو پيو وڃي ته وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال جي پهرين اڌ حصي جي دوران فيول ٽيڪسن جي مد ۾ 144.508 ارب رپيا وصول ڪيا ان جي ابتڙ گذريل سال انهي عرصي دوران حڪومت کي 139 ارب رپيا حاصل ٿيا هئا ناڻي وزارت پاران جاري ٿيندڙ مالي سال جي اڌ حصي جي مدي انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته گئس ۽ تيل جي ڇهن شين سان لاڳاپيل ٽيڪسن ۾ 3.96 سيڪڙو جي واڌ ٿي ان ۾ سيلز ٽيڪس شامل نه آهي جيڪا پيٽروليم جي سمورين شين تي سترنهن سيڪڙو ۽ قدرتي گئس تي 20 سيڪڙو تائين وصول ڪيو وڃي ٿو. ناڻي وزارت ٻڌايو آهي ته پهرين ڇهن مهينن دوران پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 59.73 ارب رپيا وصول ڪيا ان جي مقابلي ۾ گذريل سال ساڳي اڳاڙي 51.6 ارب رپيا هئي جيتوڻيڪ ان مد ۾ سورنهن سيڪڙو جي واڌ ٿي. ٻئي پاسي حڪومت گئس تي ترقياتي سرچارج جي مد ۾ 14.002 ارب رپيا وصول ڪيا گذريل سال انهيءَ مدي ۾ 29 ارب رپيا وصول ڪيا هئا جيتوڻيڪ هن مدي ۾ وصول ٿيل روينيو ۾ 14.998 رپين جي گهٽتائي ٿي هئي. حڪومت 15-2014 جي مالي سال ڊسمبر جي عرصي ۾ تيل ۽ گئس تي 40.911 ارب رپين جي رائلٽي وصول ڪئي ان جي مقابلي ۾ گذريل سال انهيءَ مدي دوران هن مد ۾ اڳاڙي 36.7 ارب رپيا هئي گئس انفرااسٽريڪچر جي ترقياتي اوڳاڙين جي مد ۾ اڳاڙي ۾ 159.6 سيڪڙو تائين واڌ ٿي جنهن ۾ 15.578 ارب رپيا اڳاڙيا ويا ان جي ابتڙ گذريل سال هي اڳاڙي 6 ارب رپيا هئي.حقيقت اها آهي ته ايتريون وصوليون ڪرڻ باوجود ملڪ مان بيروزگاري ۽ غربت جو خاتمو نٿو اچي سگهي ان جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ حڪومت کي گهرجي ته اهڙا منصوبا جوڙي جنهن سان ملڪ تڪڙو خوشحال ٿي سگهي. ،

ڀرياسٽي ڀرسان قائم مڊل اسڪول جي حالت خطرناڪ،شاگردن جو زندگيون خطري ۾…؟

ڀريا سٽي ڀرسان بوائز مڊل اسڪول ڳوٺ دريا خان جلباڻي جي  ڇهين ڪلاس جي ڇت جا چاپڙ پڙهائي دوران اوچتو ڪري پيا، جنهن جي نتيجي ۾ 11 شاگرد زخمي ٿي پيا. استاد غلام قادر سولنگي ٻڌايو ته صبح جو معمول مطابق اسڪول ۾پڙهائي رهيو هيس ته اچتو ڇت جا چاپڙ اسان مٿان اچي ڪريا، جنهن جي نتيجي ۾مون سميت 11 شاگرد زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ سعد، معشوق، مدثر، جنيد،اسدالله، اسرار، ساجدعلي، سرمد ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي فورن طبي امدد ڏني وئي. جڏهن ته واقعي جو اطلاع ملڻ تي ايڊمينسٽريٽر عبدالستار ڀيو ۽ ٻيا عملدار پهچي ويا.ان موقعي تي استادن توڙي شاگردن احتجاج ڪندي چيو ته اسڪول جي عمارت جي حالت خطرناڪ آھي، ڪنھن به وقت وڏو نقصان ٿي سگھي ٿو . هنن مطالبو ڪيو ته ِ اسڪول جي مرمت ڪرائي وڃي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *