ناراض فيلڊنگ ڪوچ لوڊن پرچي ويو، استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو واپس

لاهور(اسپورٽس نيوز)گرانٽ لوڊن شاهد آفريدي، احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل جي غير مناسب رويي تي عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو رانديگرن جي غير مناسب رويي سبب پريشان قومي ٽيم جي فيلڊنگ ڪوچ گرانٽ لوڊن کي پي سي بي پرچائي ورتو، بورڊ مطابق ڪوچ پنهنجي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي، ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀارت خلاف ناڪامي کانپوءِ مينيجمينٽ سميت فيلڊن ڪوچ به مايوسي جو شڪار هو ان موقعي  تي رانديگرن پنهنجي شڪست جي ڪاوڙ ٻئي ڪٿي نه فيلڊنگ ڪوچ گرانٽ لوڊن تي ئي ڪڍي ڇڏي  ذريعن مطابق شاهد آفريدي، احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل فيلڊنگ ڪوچ سان غير مناسب رويو اختيار ڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته لوڊن کي قومي ڪرڪيٽرن جي خراب رويي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو جنهن تي هن عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ٻئي طرف پي سي بي ترجمان مطابق گرانٽ لوڊن هلندڙ سال 15 مئي تي عهدو ڇڏڻ جي درخواست ڪئي هئي جنهن کي رد ڪيو ويو هو بورڊ مطابق فيلڊنگ ڪوچ جو رانديگرن سان جهيڙو ناهي پر اختلاف آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *