وفاقي گهرو وزير جي وضاحت….!

اڳوڻو صدر ۽ وزير به ڪالعدم تنظيمن جي اڳواڻن سان ملندا هئا پر ان وقت ڪنهن ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي، مونتي اتفاقي ملاقات تي اجائي تنقيد ڪئي وڃي ٿي، دهشتگردي جا نيٽ ورڪ هاڻي سرحد پار آهن، انهن جي سهولتڪارن ۽ مددگارن خلاف به ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ هزارين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي انهن جي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، فرقيواراڻي سرگرمين ۾ ملوث ڪالعدم تنظيمن جي پيروڪارن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪارروائي نٿا ڪري سگهون ان لاءِ قانونسازي جي ضرورت آهي، سيڪيورٽي جي مسئلي تي سياست نه هجڻ گهرجي، صوبائي حڪومتن تي ڪڏهن به تنقيد ناهي ڪئي، سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر سحر ڪامران ۽ ٻين ميمبرن جي رٿ تي بحث سهيڙيندي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته هن ايوان ۾ ڏنل منهنجي گذريل بيان کانپوءِ هن بيان کي ايوان جي ٻاهر نيون نيون معنائون ڏنيون ويون، جنهن ڏينهن مون هي بيان ڏنو هو بهتر هو انهي ڏينهن وضاحت گهري وٺن ها، آئون سينيٽ چيئرمين کي چوان ٿو ته اسان کي حقيقتن ۽ دليلن سان گڏوگڏ سچ ڳالهائڻ گهرجي، ايوان ۾ جيڪا ڳالهه ٿئي ان جو ايوان ۾ جواب اچڻ گهرجي، پنهنجي بيان جي وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو ان جي لاءِ پاڻ ايوان ۾ آيو آهيان. منهنجي اڳوڻي بيان جي ڪاپي هن ايوان ۾ ورهائي وڃي جيڪڏهن مون هي چيو آهي ته دهشتگردن سان نرمي ڪئي وڃي ته آئون جوابده آهيان، مون ڪنهن کي گهٽ دهشتگرد ناهي چيو، انهن سينيٽرن جو ٿورو ادا ڪريان ٿو جنهن هوش ۽ حقيقتن سان دليلن سان ڳالهه ڪئي، اڄ اسان ڪالعدم تنظيمن جي باري ۾ ٻنهي ايوانن ۾ ڳالهه ڪندا آهيون، ان معاملي تي ميڊيا ۾ به ڳالهه ٿيندي آهي، مون ٻنهي ايوانن ۾ کلي ڪري چيو ته سيڪيورٽي گڏيل ذميداري آهي، ڪراچي جي صورتحال جي حوالي سان 28 آگسٽ 2013ع جي اخبار ڪڍي وٺو، ڊاڪٽر فاروق ستار ڪهڙو مطالبو ڪيو، ان کانپوءِ مون سنڌ جي وڏي وزير کي ڪپتان چيو، رينجرز هيڊڪوارٽر، گورنر، سينئر سياسي اڳواڻن ۽ وڏي وزير سميت سڀني سان ملاقاتون ڪيون، مون سي ايم کي چيو ته هي صوبائي مسئلو آهي، سڀ ڪريڊٽ توهان جو آهي، توهان صورتحال کي بهتر ڪريو، مون سدائين چيو آهي ته شيئرڊ ريسپانسيبلٽي آهي، قائم علي شاهه تي تمام گهڻو دٻاءُ هو پر هن عمده ڪم ڪيو، فيصلو وفاقي حڪومت ڪيو، گهرو وزارت جو بنيادي ڪردار هو پر فوج پاڪستان، سول آرمڊ فورسز، انٽيلي جنس ايجنسيون، عوام، پوليس ۽ صوبائي حڪومتون سڀ گڏ نه هجن ها ته صورتحال بهتر نه ٿئي ها، پنج کان 6 ڌماڪا روزانو ٿيندا هئا، ڌماڪو نه ٿيڻ وڏي خبر هوندي آهي، هاڻي مهينن، هفتن ۾ ڌماڪا نٿا ٿين، شمالي وزيرستان مان دهشتگرد حملا ٿيندا هئا، ڇو ڪنهن ڪارروائي نه ڪئي، دهشتگردي جا نيٽ ورڪ هاڻي سرحد پار آهن، انهن جي سهولتڪارن ۽ هيلپرز جي خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، هزارين کي پڪڙيو ويو، ڪيترن جي خلاف ڪيس ٺاهيا، ڪيترن تي اسان جي نظر آهي، سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، ڪنهن دهشتگرد تنظيم کي پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت نه آهي، جيڪو به دهشتگردي ۾ ملوث آهي ان کي پڪڙيو ويندو يا ختم ڪيو ويندو.  ڪنهن دهشتگرد تنظيم جو هيڊڪوارٽر هاڻي پاڪستان ۾ نه آهي، پهرين اتر وزيرستان ۾ انهن جا هيڊڪوارٽرز هئا، فرقيواراڻي سرگرمي ۾ ملوث تنظيمن جا اڳواڻن ڪالعدم ٿي وڃن ٿا ته هو به اهڙي طرح ڪيس ڀوڳيندا جهڙي طرح دهشٽگرد پر انهن جي ورڪرز ۽ پيروڪارن جن تي الزام ناهي هوندو انهن جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ قانون نه آهي ڇو ته هو دهشتگردي ۾ ملوث ناهن هوندا. هتي چيو ويو آهي ته پارٽين سان ملان ٿو جنهن سان آئون مليو اهي جي يو آئي (ف)، جي يو آءِ (س) ۽ جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان گڏ آيا، اڳوڻي حڪومتن جي وزيرن سان جڏهن هو ملندا رهيا تڏهن گوڙ نه ٿيو. ان وقت جي صدر سان به هڪ صاحب مليو ان جون تصويرن به موجود آهن تڏهن ته ڪنهن ڳالهه نه ڪئي، هڪ صاحب قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهيو تڏهن ڪنهن ڪارروائي نه ڪئي، هو پي ايم ايل (ن) جو اميدوار کان هارائي ويو، ان کانپوءِ اسان جي اميدوار کي ڊي سيٽ ڪيو ويو تڏهن ته ڪير نه ڳالهايو. سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽس ۾ هو ڦرندو رهيو تڏهن به جيڪڏهن هي گوڙ ڪن ها ته مون کي سٺو لڳي ها، هڪ غير ارادي ملاقات ۾ جيڪڏهن هو اچي ويا ۽ خاموش ويٺا رهيا ان تي شور ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *