موسم جي تبديلي ۽ حڪمت جا رنگ: تحرير. شير محمد سولنگي (اچيورس)

سيءُ هجي يا گرمي هر موسم ۾ ناريل جو تيل وارن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي پر جيڪڏهن صحيح طريقي سان ان جو استعمال ڪيو وڃي ته خشڪي جو يقيني خاتمو ممڪن آهي. وار ڪرڻ ۽ خشڪي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ناريل جو تيل استعمال ڪرڻ جو صحيح طريقوڏنو هيٺ وڃي ٿو: وار ڪِرڻ جو علاج: ناريل جو تيل هلڪو گرم ڪريو ۽ پنهنجي وارن کي هلڪي گرم پاڻي سان پسايو پر پاڻي وارن ۾ ڇڻي نه. 3 منٽ تائين وارن جي پاڙن ۾ ناريل جي  تيل سان مالش ڪريو ۽ پوءِ پنهنجي مٿي کي ڪنهن ڪپڙي سان ڍڪي ڇڏيو پوءِ وارن کي 30 منٽن تائين ڇڏي ڏيو ان کان پوءِ وارن کي ڪنهن سٺي شيمپو سان ڌووئو جنهن ۾ سلفيٽ ۽ ڪنڊيشنز نه هجي ان عمل سان توهان جا وار ڪرڻ به بند ٿيندا آهي ۽ خشڪي به ختم ٿي ويندي.خراب وارن کي صحت مند ڪرڻ لاءِ ناريل جو تيل: وارن کي صحت مند رکڻ ۽ وڏو ڪرڻ لاءِ هڪ چمچو چانهه جو ناريل جو تيل هڪ پيالي پاڻي ۾ ملايو ۽ پوءِ ان کي هلڪي باهه تي ايترو گرم ڪريو ته پاڻي ۽ ناريل جو تيل ملي وڃي. آسٽريلوي ماهرن ثابت ڪيو آهي ته نيوزيلينڊ جي انوڪا ماکي هرقسم جي جراثيمن (بيڪٽريا) کي ماري سگهي ٿي ۽ ان ۾ اهڙا بيڪٽريا شامل آهن جيڪي ڪنهن به اينٽي بايوٽڪ دوا سان ختم ناهن ٿيندا. ماهرن پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو آهي ته انوڪا ماکي ۾ قدرتي طور تي جراثيم کي مارڻ جي صلاحيت موجود هوندي آهي جيڪا”ايم آر ايس اي“ جهڙي خطرناڪ جراثيمن کي به آساني سان ماري سگهي ٿي. پنهنجي مزاحمت تحت بيڪٽريا هن وقت عالمي طب جي اهم ترين ۾ مسئلن ۾ شامل ٿي چڪا آهن ۽ انوڪا ماکي ان جراثيمن کي آساني سان ماري ڇڏيندي آهي. ماهرن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هن ۾ اهڙي (اينزائمز) جي نالي سان خامي موجود هوندي آهي جيڪا جراثيمون کي مارڻ ۾ اهم ڪردار اداڪندي آهن.

جيرو اسان جي جسم جو اهم ترين عضوو آهي جنهن کي“ويئر هائوس“چوندا آهن ۽ ان عضوي کي توهان ڪشمش جي پاڻي سان وڌيڪ محفوظ ڪري سگهو ٿا. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيري جو خيال نه رکڻ جي صورت ۾ اهو ڪمزور ٿي ويندو آهي جنهن جو نتيجو هي نڪرندو آهي ته ننڍيون بيماريون خطرناڪ ٿي وينديون آهن. جڏهن ته جيري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ روس ۾ صدين کان ڪشمش جو پاڻي استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن مان هاڻ به ڪروڙين ماڻهو فائدو وٺي رهيا آهن. ڪشمش جو پاڻي نه رڳو جيري کي خراب مادن کان بچائيندو آهي پر ان جي قدرتي صلاحتيون کي بهتر ڪندو آهي جنهن جو اثر اسان جي پوري جسم تي پوندو آهي. ڪشمش جو پاڻي تيار ڪرڻ جو اسان طريقو هي آهي ته سڀ کان پهريان اڌ پيالو پاڻي ۽ تقريبن 170گرام ڪشمش کي اوتري ئي هلڪي گرم پاڻي ۾ وجهي 15 منٽ لاءِ ڇڏي ڏيو جنهن کان پوءِ ان کي سادي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو. هاڻي ٿورو پاڻي صحيح طرح سان اُوٻاري ان کي ٿڌو ڪيو ۽ صرف ايتري مقدار ڪشمش واري پيالي ۾ وجهو جنهن ۾ ڪشمش سٺي نموني ٻڏي وڃي. ان کي 24 ڪلاڪن لاءِ ڪنهن شئي سان ڍڪي رکي ڇڏيو. ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ 24 ڪلاڪ گذري وڃڻ کان پوءِ ان پاڻي کي کلن کان الڳ ڪريو ۽ پوءِ اهو پاڻي خالي پيٽ پي ڇڏيو  ۽ ان سان گڏ هي ڪشمش به کائي ڇڏيو، توهان هن عمل کي هفتي ۾ هڪ ڀيرو ۽ رڳو چار هفتا جاري رکو ان کان پوءِ توهان کي پاڻ فرق محسوس ٿجيڪڏهن توهان جا وار اڇا آهن ته پريشان ٿيڻ جي ڳالهه ناهي توهان پنهنجا وار پٽاٽن سان ڪارا ڪري سگهو ٿا. وارن کي ڪارو ڪرڻ لاءِ پٽاٽن جو استعمال ڪئين ڪجي، پهريان توهان 5 عدد پٽاٽن کي ڇليو ۽ پوءِ  انهن جي کلن کي هڪ پيالي ۾ گڏ ڪري پوءِ  انهن کلن ۾ ٿورو ٿڌو پاڻي ملايو. ان کان پوءِ  انهن کلن کي هلڪي باهه تي 5 منٽن تائين گرم ڪيو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ ان پاڻي کي کلن ڌار ڪريو ۽ ان پاڻي ۾ روزميري ۽ ليونڊر جي تيل جا ڪجهه ڦڙا ملائيو ۽  ان پاڻي کي ڪنهن بوتل ۾ وجهي ان جو ڍڪڻ بند ڪري ڇڏيو، ۽ پوءِ وار شيمپو سان ڌوئڻ کان پوءِ ان تيل سان پنهنجن وارن ڌوئو ۽ ان عمل کي ڪجهه عرصي تائين جاري رکو ان سان توهان جا وار پاڻ ئي ڪارا ٿيڻ شروع ٿي ويندا. سياري جي موسم ايندي ئي هر هنڌ سرنهن جا پَنَ نظر ايندا آهن، جيڪي ماڻهو انهن جي اهميت ڄاڻن ٿا، اهي سڄو سيارو انهن مان فائدو وٺندا آهن. سرنهن جو ٻِج، تيل ۽ پَنَ نه رڳو مختلف بيمارين ۽ تڪليفن، جهڙوڪ: چرٻيءَ ۾ واڌ، سنڌن جي سُور، هوڙن جي سوڄ ۽ ڏندن جي سور ۾ آرام ڏيندا آهن پر سُونهن ۾ پڻ اضافو ڪندا آهن.

1: چهري جا چُٽا  :سرنهن جا پَنَ پيسي جسم تي مَلڻ سان مير، ڪارنهن ۽ چهري جا چُٽا صاف ٿين ٿا. توهان سرنهن کي ابٽن ۾ به شامل ڪري سگهو ٿا، جنهن سان چهرو صاف ٿي پوي ٿو.

2: خارش سان ٿيندڙ نشان ؛ سرنهن جي پَنَن ۾ جيوڙن جي خاتمي (اينٽي بيڪٽيريل) جون خاصيتون به هونديون آهن. خارش جا نشان ختم ڪرڻ لاءِ سرنهن جي پَنَن کي پيسي ان جاءِ تي لڳايو ۽ ڪجهه منٽن کانپوءِ گرم پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو، جيڪڏهن نشان رهجي وڃن ته سرنهن جو پيسٽ استعمال ڪيو.

3: موهيڙا ؛ سرنهن ۾ وٽامن اي گهڻي مقدار ۾ هوندي آهي، جيڪا سڻڀ کي روڪي ٿي، جنهن سان موهيڙا ناهن ٿيندا. پَنَن ۾ موجود وٽامن چهري جي ٽشوز کي مضبوط بڻائي ٿي. موهيڙا ختم ڪرڻ لاءِ سرنهن جي پَنَن جو جوس ٺاهي به پي سگهجي ٿو ۽ ماسڪ ٺاهي به چهري تي لڳائي سگهجي ٿو.

 

4: رنگ صاف ؛ سرنهن جي ٻِجن کي تَئي تي ڀُڃي پيسي ڇڏيو. انهن ۾ سرنهن جي پَنَن جي رَس ملائي پيسٽ ٺاهي چهري تي لڳايو ۽ هٿ سان هلڪو مساج ڪيو، پوءِ هلڪي گرم پاڻي سان مُنهن ڌوئي ڇڏيو. اهو عمل توهان جي چهري کي چمڪائي ڇڏيندو. اڪثر ڪيترن ئي ماڻهن جي چهري تي موهيڙا ٿيندا آهن، جنهن ڪري هو تمام گهڻا پريشان نظر ايندا آهن. ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جيڪي انهن موهيڙن کي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ڪي وري  انهن موهيڙن مان پريشان ٿي هو ڊاڪٽرن جو سهارو وٺڻ لڳندا آهن، ڪيترائي پئسا خرچ ڪرڻ باوجود سندن ڪو فرق ناهي پوندو جنهن ڪري هو تمام گهڻا پريشان ٿي ذهني دٻاءُ جا شڪار بڻجي ويندا آهن، موهيڙن مان پريشان ماڻهو ڊاڪٽرن سان صلاح مشهورو ڪرڻ باوجود کاڌ خوراڪ تي ڪو ڪنٽرو ناهن ڪندا جنهن ڪري سندن چهري تي موهيڙن جو انگ وڌي ويندو آهي، جيڪڏهن اوهان کي ان موهيڙن مان ڇوٽڪارو کپي ته اسان اوهان کي ڪجهه اهڙيون شيون ٻڌائينداسين جنهن تي ڪنٽرو ڪرڻ سان اوهان ان موهيڙن مان آزاد ٿي سگهو ٿا.

(1) ان صورت ۾ بيضن جو استعمال نه ڪيو، (2) گوشت جو استعمال اوهان کي ان ۾ وڌيڪ مبتلا ڪري سگهي ٿو، (3) ڳاڙن مرچن کان پرهيز ڪيو، (4) موهيڙن کان ڇٽڪاري لاءِ گرم مصالي جو استعمال نه ڪيو. قدرتي هر شي ۾ انسانذات لاءِ سموريون گھرجون سمايل آهن جيڪي روزانو  گھني کان گھڻيون استعمال ڪرڻ گھرجن .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *