وري ڪالا باغ ڊيم واري معاملي ڪَر کنيو آهي

 

سمجهه ۾ نٿو اچي ته گذريل حڪومت ۾ جڏهن ڪالا باغ ڊيم جو معاملو هميشه لاءِ پيپلزپارٽي پاران دفن ڪيو ويو ۽ عوام کي اها خوشخبري به ٻڌائي وئي ته هاڻ هي معاملو وري ڪَر نه کڻندو، پر پوءِ به هن حڪومت ۾ مختلف مرحلن تي تڪراري رٿا جو ذڪر ٿيندو رهيو آهي ڪڏهن قومي اسيمبلي، ڪڏهن سينيٽ ۾ ته وري ڪڏهن پنجاب اسيمبلي ۾ ته ڪڏهن وري حڪومتي وزير، مشير ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ ٻه ٻول چئي ويندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ بحث جو نئون سلسلو شروع ٿئي ٿو ۽ گڏوگڏ اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن ننڍا صوبا ۽ انهن جون اسيمبليون ڪالاباغ ڊيم رٿا کي رد ڪري چڪا آهن ته پوءِ اهڙي منصوبي جو فائدو ڪهڙو جيڪو سدائين تڪرارن جي زد ۾ رهيو هجي، قومپرست، سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي توڙي سڄاڻ حلقن پاران سنڌ ۾ هر موڙ تي ڪالاباغ ڊيم کان نفرت جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ ان نفرت جي اظهار جا دليل سان ثبوت به پيش ڪيا آهن ته جڏهن موجوده ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ پاڻي دستياب ناهي ته پوءِ ڪالاباغ ڊيم لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو. هينئر صورتحال اها آهي جو ڪوٽڙي کان هيٺ ڊيلٽا ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري تباهي ٿي رهي آهي ۽ اهو سلسلو جاري آهي، هر سال هر موقعي تي اها ڀرپور گهر ڪئي ويندي آهي ته ڪوٽڙي کان هيٺ گهٽ ۾ گهٽ ايترو پاڻي ڇڏيو وڃي جو ضرورت پوري ٿئي ۽ زمينون برباد نه ٿين پر پوءِ به ڪڏهن ارسا ته ڪڏهن وري ٻيون اختياريون پنهنجي من مانيءَ جو مظاهرو ڪندي هڪ طرح جو ويٽو پاور استعمال ڪن ٿيون ۽ سنڌ جي نمائندي پاران جيڪڏهن وڌيڪ پاڻي جي ڪا گذارش ڪئي ويندي آهي ته اها هڪدم رد ڪئي ويندي آهي ۽ زميني حقيقتن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. ڪالاباغ ڊيم هڪ قسم جو ٿڏيل منصوبو آهي جنهن کي سواءِ مخصوص ۽ مفاد پرست لابي جي ڪير به پسند نٿو ڪري، عوام جي اڪثريت ۽ عوام جا چونڊيل نمائندا وڏي واڪي اهو اعلان ڪري چڪا آهن ته ڪالاباغ ڊيم سنڌ جي تباهي ۽ برباديءَ جو سنيهو آهي تنهنڪري اهڙي ڪا به رٿا برداشت نه ڪئي ويندي جنهن سان سنڌ جي مفادن تي ذري برابر به ڪو اثر پوي. گذريل اليڪشن کان پهريان جڏهن ڀرپور نموني چونڊ مهم هلي رهي هئي ۽ عوام سان واعدا وچن ڪيا پئي ويا ته ان دوران اها اميد پيدا ٿي هئي ته موجوده حڪمران ڌر اقتدار ۾ ايندي ڪالاباغ ڊيم سميت ٻين تڪراري منصوبن کي نه ڇيڙيندي ته جيئن ننڍن صوبن ۾ محرومي واري احساس جو ڪنهن حد تائين ازالو ٿي سگهي پر سڀ ڪجهه اميدن جي ابتڙ ٿي رهيو آهي، واپڊا ۽ پاڻي واري وزارت ۾ ويٺل مخصوص لابي ڀاشا ڊيم ۽ داسو ڊيم منصوبن کي مبينا طور ناڪام بڻائي رڳو ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت واري خطرناڪ ارادن جي تڪميل لاءِ ڪم ڪري رهي آهي،ان حد تائين جو ورلڊ بئنڪ تائين اهو معاملو پهچايو ويو آهي، حالانڪ ٿيڻ ته ائين گهرجي جو ڪالاباغ ڊيم جي مخالفن جي راءِ کي اهميت ڏيندي رٿا جي بدران متبادل منصوبن تي ڪم ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ جيڪڏهن ورلڊ بئنڪ يا آءِ ايم ايف کان مدد ورتي وڃي ته ڪو حرج نه ٿيندو پر ڪالاباغ ڊيم تي ئي ٽِڪ ٻڌي بيهڻ ڪنهن به ريت ملڪي مفادن ۾ ڪونهي، هي معاملو رڳو ڊيم تائين محدود ناهي پر ان جو وسيع پسمنظر آهي تنهنڪري مخصوص لابي پاران ڪالاباغ ڊيم جي حمايت لاءِ ڊرافٽ جي تياري ۽ معاملو ارسا حوالي ڪرڻ جا سانباها درست عمل ناهن، هي سياسي معاملو آهي ۽ ان تي اتفاق راءِ جي ڪا به ڪوشش پهريان ته ڪامياب ئي ناهي ٿي پر جيڪڏهن هاڻ به اهڙي ڪا ڪوشش ڪرڻ جو سوچيو ويو آهي ته اهو ڪم ارسا جو ناهي پر حڪومت جو آهي، تنهنڪري نه رڳو ارسا جي مٿي ۾ هي مسئلو هنيو وڃي پر گڏوگڏ اهو به سوچيو وڃي ته سالن کان ڪوششن باوجودڪاميابي نه ملڻ مان آخر ڇو نٿو سمجهيو وڃي ته اتفا راءِ نه ملي سگهندو؟ خبر ناهي وس وارن وٽ اتفاق راءِ جي ڪهڙي وصف آهي ۽ انهن کي ڪڏهن دماغ ۾ اها ڳالهه ويهندي ته ڪالاباغ ڊيم عمل جوڳو منصوبو ناهي. اسان جي اپيل آهي ته وقت ۽ وسيلا ضايع ڪرڻ بدران باشا ۽ داسو ڊيم رٿائن تي فوڪس رکي ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان حڪومت پنهنجو موقف واضح ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *