ميڪگرا به سرفراز احمد کي نه کيڏائڻ جو سوال پڇي ورتو

سڊني(اسپورٽس نيوز)جيڪو سوال پوري قوم جي دماغ ۾ گهمي رهيو آهي اهو ئي سوال آسٽريليا جي اڳوڻي بالر ميڪگرا پڇي ورتو، پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ميچ ۾ سرفراز احمد جي ڪارڪردگي ڏسي ٽيم مينيجمينٽ جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيو، هن جو چوڻ آهي ته آخر سرفراز کي  پهرين ميچ کان ئي نه کيڏائڻ جو ڪهڙو سبب هو؟ آسٽريليا جي اڳوني بالر ۽ ڪمينٽيٽر ميڪگرا پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ميچ کي مشن ورلڊ ڪپ جي هينئر تائين جي مقابلن جو سڀ کان حسين مقابلو به قرار ڏنو ميڪگرا ان مقابلي جي مين آف دي ميچ سرفراز احمد جي تعريف ڪندي چيو ته ان جي پرفارمنس کانپوءِ اهو سوال ذهن ۾ اٿي ٿو ته آخر سرفراز کي پهرين ئي ميچ کان نه کيڏائي ٽيم مينيجميڻٽ ڇا سوچ رهي هئي؟ ميڪگرا چيو ته آسٽريليا ۽ يو اي اي ۾ هن سرفراز جي راند ڏٺي جيڪڏهن ان کي پاڪستان جي بيسٽ اليون چونڊڻ جو موقعو ملي ها ته هو سرفراز کي ضرورت شامل ڪري ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *