قومي سلامتي جو اجلاس…!

وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير احسن اقبال، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي جو صلاحڪار ناصر جنجوعه، چيئرمين جوائنٽ اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات سميت ٽنهي فوجن جي سربراهن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعه استنبول ۾ ٿيل او آءِ سي سربراهي ڪانفرنس تي بريفنگ ڏني، ڪميٽي چيو ته دهشتگردن جا حملا اسلام جي امن ۽ رواداري جي تعليم خلاف آهن، ڪوئيٽا جي گرجا گهر تي حملي جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، آمريڪي صدر پاران والاريل بيت المقدس کي اسرائيلي گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ تي مسلم دنيا کي ڳڻتي آهي، ٽرمپ انتظاما اهڙو فيصلو واپس وٺي، آمريڪي انتظاميا جي اها ذميواري آهي ته اها مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ قدم کڻي، ان موقعي تي نيشنل ايڪشن پلان تي گهرو سيڪريٽري بريفنگ ڏني، جنهن دوران سندس چوڻ هو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ موثر اڳڀرائي ٿي آهي، پاليسي ۽ اداره جاتي سڌارن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي ذميوارين کي پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان عالمي برادري جو هڪ ذميوار ملڪ آهي، ڪميٽي هدايت ڪئي ته نيشنل سيڪيورٽي پاليسي کي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مدد سان جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي.اجلاس م چيو ويو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي والاريل بيت المقدس کي اسرائيلي گادي واري هنڌ تسلم ڪرڻ تي ڳڻتي آهي، ٽرمپ انتظاميا جو هڪ طرفي فيصلو پاڪستان کي قابل قبول ناهي، آمريڪا اهڙي قسم جي کنيل قدمن کي واپس وٺي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *