سنڌ جتي جي نياڻِين جي چولن کي چتيون لڳن سامراجن جا ڪتا به ڪڪڙ کائن…!!!!: عزيزالله ناريجو خيرپورميرس

ضروري ناهي جن جي مقدر ۾ لاشا هجن اهي فتح ناهن ماڻي سگهندا…! پراهو به سچ آهي ته فتح هميشه لاشن ۾ لڪل آهي جڏهن ڌرتي جي ڪوندر ڪسبا آهن جڏهن ڪربلا جون يادون تازيون ٿينديون آهن جڏهن ڀيڻ جا پلو لڙڪن جي موتين سان مالا ٺاهيندا  آهن جڏهن جهوني پيءُ جا ڪنڌ نوجوان پٽ جا لاشن بار کڻڻ لاءِ خوشي مان اڳ ڀرا هجن جيڪي مائرو پٽن جا لاش مرڪندي  گهر مان الوداع ڪن انهي ڌرتي تي فتح جي صبح جا آثار صبح جي ڪرڻن وانگر مرڪندي ڀرندا آهن                           اهڙي ئي ڌرتي آهي جتي جون مائرون اڄ به پنهنجون جهوليون خالي ٿيندي ڏسي رهيون آهن جتي جا پوڙها پيءُ اڄ به ڪونڌر ڪلهن تي کڻي مٽي ماءُ حوالي ڪيو اچن..جت ڀينريون ڀائرن جون ساٿي بڻجي گهر مان گهوٽ سمجهي لاشن کي روانيون ڪن….ها اها ڌرتي سنڌ ڌرتي آهي جيڪا اڄ سڄي رت مان رنڱجي جي چڪي آهي جتي جا ڪوندر ڪسجي رهيا آهن جتي ماني جي ڳڀي گهرڻ لاءِ موت ۾ ملي جتي انڌن ۽ ٻوڙن حڪمرانن جون حڪمرانيون هجن جت حق جي آواز جي کي هميشه لاءِ خاموش ڪيو وڃي جت مينار لاشن جا ٺاهيا وڃن جت ڌرتي بي ڌڻي هجي ان ڌرتي جون هوائون به سڏڪندي گذريون آهن سنڌ اڄ لاشن جو گهر بڻيل آهي کيس لاش مٿان لاش طوفعي طور ملي رهيا آهن

هت قومن جو وجود ختم ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن اڄ قهر جا ڏينهن اچي ڪڙڪيا آهن ڪير آهي جنهنن سنڌي ڀيڻ جي اکيڻ ۾ لڙڪ ماءُ جي جهولي خالي پوڙهي پيءُ جي پوڙهائپ جو سهارو کسيو آهي ڪير آهي جيڪو ايڏو قهر جو ڪاريهر آهي ڪير آهي جيڪي ڪنهن کان ڳجهو آهي……؟ هزارين سوال آهن جن جو جواب ان ڌرتي جي هر فرد جي زبان تي آهي.آخر ايڏن وڏن حادثن جو زميوار ڪير آهي..؟ڇا چچريل لاش رڳو سنڌين جا ڇو..؟رڳو حق جو آواز سنڌ جو ڇو پيو دٻايو وڃي..؟ڇو..؟پنهنجو حق وٺڻ ڏوهه آهي…؟پنهنجي ديس واسين جي دردن جو بار حلقو ڪرڻ لاءِ حق وٺڻ ڪو جرم آهي..؟اسان کي ڪهڙا ته سک مليا آهن هن ڌرتي تي ڪير ٻڌائيندو…؟ اسان جي حقن تي ڌاڙا ڪنهن کان ڳجها آهن..!!پر افسوس آهي جو ڪير اسان جو ناهي جيڪو اسان جي ڪتاب پڙهي انهي جي ورق ورق جو حساب ڪري ڪير آهي جيڪو هن مظلوم ماڻهن جي مالڪي ڪري..! ڪير آهي جيڪي روئندل اکين جا ڳوڙها اگهي ڪير آهي جنهن کي ترس اچي سنڌي قوم سنڌ ڌرتي تي جيڪا اڄ ڌڻي هوندي به بي ڌڻي بڻيل آهي جتي اڄ ڪو به محفوظ ناهي رهيو جت ماڻهو مارڻ آسان ۽ ماني ڳڀوملڻ مشڪل ٿي ويو آهي جت ڀوتار شاهي مظلومن جون دانهون ڪوڪون ٻڌڻ بجاءِ ڪنن ۾ آڱريون وجهي ڇڏيون هجن  جتي جي نياڻِين جي چولن کي چتيون لڳل هجن ۽ سامراجن جا ڪتا به ڪڪڙ کائن اها ڌرتي ۽ عوام رت نه روئيندي ته ٻيو ڇا ڪندي پر انهن رڙين ۽ ڪوڪن جو اثر ڪنهن تي به اثر ڇو نه ٿو ٿئي..!ڇا.؟هت اقعي انڌن ٻوڙن جي حڪومت آهي پر نظرياتي طور ڏسجي ته جيڪو حق قومن جو آهي اهو سڀ حق جهڙو آ.پوءِ اهو چاهي سنڌي هجي پنجابي هجي پٺاڻ هجي مهاجر هجي بلوچي هجي پر ڏسڻ ۾ ۾ اهي پيو اچي ته اقتدار جون واڳون سنڀاليندڙن جي نظر صرف سنڌين تي نه پئي پوي يا انهن جي اکين جي نقشي مان سنڌ ۽ سنڌي لفظ جي نقش کي مٽايو ويو آهي جو انهن کي اهو سمورو قهر ڏسڻ ۾ ئي نه ٿو اچي

سري عام سنڌ جي قومپريت پارٽين جي ڪارڪنن جا لاشا چچريل لاش ماضي جي ڪال ڪوٺڙين ۾ ڌڪيندا ٿا وڃڻ اهڙا واقعا جن جي پوري دنيا عجب ۾ پئجي وئي آهي جهنهن تي پورِي دنيا ۾ بحت مباحثا ٿي رهيا آهن اتي سنڌ سرڪار ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ڇو سنڌ سرڪار کان اهڙن درد ناڪ واقعن جي روڪ لاءِ ڪي خاص اپاءُ ڇو نه ٿا ورتا وڃن ڇا سرڪار وٺ اهڙا ماڻهو ناهن جيڪي اهڙا ڪارناما ڪري ڏيکارين يا سنڌ سرڪار وٺ جيڪي ٽيم آهي اها ننڊ جي شوقين آهي..؟بهرحال اها واِضع ڇٽو ثبوت آهي ته سنڌ ۾ قتل جون واردتون ڏينهن ڏينهن وڌي رهيو آهيون ملڪ انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ مسلسمل ناڪام ٿي چڪو آهي جنهن ڪري ڳلي ٿو ته انهن مسلئن کي روڪڻ ۾ حڪومت انا پرستي وارو ضد رکيو اچي ڪٿي وفاق ۽ سنڌ سرڪار جي ضد ته سنڌ واسي سڀ ڪجهه ته نه وڃائي رهيا آهن پر امن هميشه قومن جا لاشا ڳڻيندي آيو آهي هي وقت صبر جو آهي هن وقت سنڌ تي هڪ  وڏو امتحان آهي جنهن ۾ گذرڻ ڏکيو ضرور آهي پر صبر به ضروري آهي اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سنڌ تي سورن جي سج جي شام ٿيندي خوشين جي نئون سج اڀرندو جنهن ۾ ڪا به اک لاهي نه هوندي جنهن لڙڪ جون قطارون نه هونديون جنهن پوڙهي پيءُ جا درد نه هوندا جنهن ۾ ماءُ جيجل جو جهول ماتم سان نه ڀربو پر اهو وقت ضرور ايندو بس اکين کي آس ضرور آهي ۽ دعا آهي ته اهي سفر جي آخري مرحلي ۾ هجن جئين سنڌ مرڪي پوي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *