فضيلا سرڪي کي اغوا ٿئي 9 سال ٿيڻ وارا ۽ سواليه بڻيل سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي

فضيلا سرڪي سميت ٺل جا 3 مغوي اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ ڦاٿل آهن، جن جي وارثن ۽ شهرين پاران الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. ڄاڻ موجب ٺل تعلقي ۾بدامني هڪ دفعو ٻيهر ڪر کنيو آهي، انتظاميا بدامني تي ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، ٺل جي قادري پاڙي مان 3 ڏينهن اڳ مبينا طور تي اغوا ٿي ويل شاگرد ڪاشف علي ولد امير بخش ٻرڙو جو ڪوبه ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي، انتظاميه مغوي ڪاشف ٻرڙو جي بازيابي جي لاءِ خاموش تماشائي بڻيل آهي، مغوي ڪاشف علي ٻرڙو جي بازيابي جي لاءِ قادري محلي جي رهواسين ۽ ٻرڙا برادري پاران جونگل موڙ کان احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو جيڪو شهر جي مختلف چوڪن ۽ رستن کان ٿيندو پريس ڪلب پهتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن ميرحسن ٻرڙو، امير بخش ٻرڙو، نعمت الله ڊول،حاجي عبدالرحيم ٻرڙو، غلام مصطفيٰ ميراڻي، قادر بخش نوناري ۽ ٻين چيو ته ٺل تعلقي ۾ امن امان جي صورتحال بدتر ٿي وئي آهي جڏهن ته ٻارڙن جي اغوائن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، ٻئي طرف ٺل کان خيرپور ويندي اغوا ڪيل حافظ غلام رسول نعماني ڪنراڻي 128 ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود بازياب نه ٿي سگهيو آهي، مغوي حافظ غلام رسول نعماني ڪنراڻي جي بازيابي جي لاءِ وارثن ۽ شهرين پاران 128هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. هوڏانهن ٺل ڀرسان ڳوٺ ڳڙهي حسن سرڪي مان 8 سال 11 مهينا اڳ اغوا ٿي ويل فضيلا سرڪي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد نه ٿي سگهي آهي، 53 هين ڏينهن به نينگري جي وارثن والد عبدالرزاق سرڪي ۽ امڙ سڪينه خاتون پاران پنهنجي جگر جي ٽڪري جي بازيابي جي لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي ٺل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي، احتجاج ۾ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن اصغر لاشاري، عبدالوهاب بنگلاڻي،ممتاز ٻرڙو، عبدالغفور ٻرڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي نينگري فضيلا سرڪي جي والد عبدالرزاق سرڪي چيو ته اسان جي جگر جي ٽڪري نينگري فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرايو وڃي.

سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي ڪنهن کان به لڪل ناهي، جيڪڏهن سنڌ پوليس ۾ اهليت هجي ها ته سنڌ ۾ رينجرز جو وجود ئي نه هجي ها، سنڌ ۾ ٿيندڙ هر برائي ۾ پوليس اهم ڪردار هجي ٿو، پوءِ اها چوري هجي، ڌاڙا هجن،اغوا هجي يا منشيات يا اسلحي جو ڪاروبار سنڌ پوليس سڀني کاتن ۾ پاڻ ملهايو آهي، ايتري قدر جو سنڌ ۾ پرڏيهي ڏوهارين جي به آمد ۾ سنڌ پوليس جو اهم ڪردار آهي جيڪا واٽن تي چيڪنگ بهاني کيسا ڀري ڪنهن کان به نه ٿي پچي ته ڪير آهي، ڪٿان آيو آهي ۽ اڳتي هلي ڪندو ڇا، بحر حال سنڌ پوليس کي ڇڏي جيڪڏهن ٺل جي مغوين جي بازيابي ۾ رينجرز ڪردار ادا ڪري ته نه سال نه ڏينهن ڪلاڪن اندر مغوي پنهنجي گهرن ۾ هوندا، ڊي جي رينجرز کي عرض آهي ته معصوم ٻارڙن جي اغوائن جي واقعن جو به دهشتگردي واقعن جيان نوٽِيس ورتو وڃي جئين انهن جي گهر ۾ متل ماتم ختم ٿئي ۽ خوشيون جنم وٺن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *