سڀني کي خبر آهي ته الطاف حسين جا ”را“ سان لاڳاپا آهن: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (اين اين آءِ) اڳوڻي سٽي ناظم ڪراچي سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي اڳوڻي ڊپٽي ڪنوينيئر انيس احمد قائمخاني نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خدا جي واسطي اردو ڳالهائيندڙ کي ايترو محب وطن سمجهو جيترو پنجاب، ڪي پي ڪي، سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهو آهن، حڪومت اهڙي پاليسي يا لائحه عمل جوڙي سان جنهن سان پٽڪيل ماڻهو سڌي رستي تي اچن ۽ انهن کي به قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي، اها ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي ناهي ته الطاف حسين جا ڀارتي ڳجهي ايجنسي را سان لاڳاپا آهن، اڄ صرف الطاف حسين جي ڪري اردو ڳالهائيندڙ کي را جو ايجنٽ ڪوٺيو پيو وڃي، الطاف حسين کي حقن لاءِ وڙهڻو آهي ته پاڪستان اچي، اسان به گڏجي وڙهنداسين، الطاف حسين لاءِ ماڻهن پنهنجا 2 نسل تباهه ڪري ڇڏيا پر هاڻ لاڳيتو شراب واپرائڻ سان ان جي حالت اها آهي ته هفتن جا هفتا کيس ڪنهن ڳالهه جي ڪا سڌ ئي ناهي رهندي، ايم ڪيو ايم جي پريس رليز رحمان ملڪ لکرائيندو هو، ان دور ۾ شهر جو ٻيڙو ٻڏي ويو، ڪراچي جي حالت هڪ ڏينهن ۾ خراب ناهي ٿي، پهريان رابطا ڪميٽي مهينن ۾ زليل ٿيندي هئي ۽ هاڻ منٽن ۾ زليل ٿئي ٿي، رات جون گاريون ڏئي صبح جو معافي ورتي وڃي ٿي، ڇا سولت مرزا پنهنجي ماءُ جي ڪک مان ڏوهاري پيدا ٿيو هو، صولت مرزا کي شاهد حامد جو قاتل ڪنهن بڻايو، ڇا اجمل پهاڙي پنهنجي ماءُ جي ڪک مان اجمل پهاڙي پيدا ٿيو ان کي قاتل ڪنهن بڻايو، اسان محبت وطن ماڻهو هئاسين ۽ هي ڪميونٽي محب وطن ڪميونٽي هئي، اڄ را جي ايجنٽ ٿي وئي، تعليم اسان جو زيور هو، اسان 30 سالن ۾ جاهل ٿي وياسين، خميس تي ڊفينس ڪراچي ۾ هنگامي ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مان ۽ انيس قائمخاني اڄ هڪ پارٽي جو اعلان ڪري رهيا آهيون جنهن جو ڪو نالو ناهي، هن قومي جهنڊ ڏيکاريون چيو ته هي منهنجي پارٽي جو جهنڊو آهي، موجوده، اڳوڻي حڪومت، اسٽبلشمينٽ سميت سڀني کي خبر آهي ته الطاف حسين جا را سان لاڳاپا آهن، انهن سمورن ادارن ۽ حڪومتن کي ڪنهن ٻئي نه پر پارٽي جي اندرئين ماڻهن اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي ٻڌايو، ڊاڪٽر عمران فاروق جي شهادت کانپوءِ لنڊن پوليس الطاف حسين جي گهر مان ٽرڪ ڀري ڪاغذات کڻي وئي، لنڊن پوليس انهن ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي جن ۾ پارٽي جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ الطاف حسين کان به 3 ڏينهن تائين پڇا ڳاڇا ٿيندي رهي، انهن ماڻهن جي چوڻ مطابق ته صرف 10 کان 12 منٽن کانپوءِ اسڪاٽ لينڊ هڪ کان پوءِ ٻيو ثبوت ان اڳيان رکڻ شروع ڪيو، جڏهن اسان انهن کان سوال ڪيو ته اوهان سڀ ڪجهه ڇو ٻڌايو ته اسان کي چيو ويو ته ان کان سواءِ ڪو ٻيو دڳ نه هو، اڃا ڪنهن جو نالو نه وٺندس پر جڏهن جڏهن پارٽي جا ماڻهو ڪوڙ ڳالهائيندا ته پوءِ اسان سچ ڳالهائينداسين، ايم ڪيو ايم ڇڏي ته پراپرٽي ۽ اختيار نه کسيا ويا هئا، ايم ڪيو ايم ڇڏيندڙن کي لت هڻي ڪڍيو وڃي ٿو پر اسان واحد 2 ماڻهو آهيون جن پارٽي کي خدا حافظ چيو اسان پارٽي جي اڳوڻي حڪومت کي 4 ڀيرا ڇڏيو پوءِ ان ئي پگهار تي واپس به آياسين، ايم ڪيو ايم جي پريس رليز رحمان ملڪ لکرائيندو رهيو اهو ئي سبب هو جو ڪراچي جو ٻيڙو ٻڏي ويو، الطاف حسين ڪڏهن به پنهنجون غلطيون قبول نه ڪيون ۽ پنهنجي اصلاح ۽ ماڻهن کان معافي وٺڻ بدارن پنهنجي طبيعت ۾ تبديلي نه آندي، اسان الطاف حسين صحيح ۽ غلط نه ڏٺو، اسان الطاف حسين لاءِ پنهنجا لاءِ دشمن ٺاهيا پر هن اسان جا نسل تباهه ڪيا، کيس ڪنهن هڪ ڪارڪن يا انسان جي پرواهه ناهي، لڳاتار شراب واپرائڻ سبب کيس ڏينهن ۽ رات ۾ فرق به ختم ٿي ويو هو، جڏهن کان پارٽي ۾ ايندڙ ماڻهن کي مرندي ڏٺو ۽ 35 سال اڳ جيڪو ٻار پنهنجي پيءُ کي دفنائيندو هو اڄ پنهنجي ٻارڙن کي دفنائي رهيو آهي، هن چيو ته تحريڪ ۾ قربانيون ڏيڻو پونديون آهن پر ان جو مقصد ٻڌايو وڃي، رات جو چيو ويندو هو ته کيس ماري ڇڏيو ۽ صبح رابطا ڪميٽي وري ان جون وضاحتون ڪندي رهي ٿي، هن چيو ته پ پ جي دور حڪومت ۾ الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم 4 ڀيرا حڪومت ۾ آئي ۽ وئي ۽ پ پ جي بدترين ڪارڪردگي جي باوجود ايم ڪيو ايم 2008 کان 2013 تائين حڪومت ۾ آئي ۽ وئي ۽ عوام جي ڪا خدمت نه ڪئي جنهن جو بدلو 2013 جي چونڊن ۾ اردو ڳالهائيندڙ تحريڪ انصاف کي وڏي انگ ۾ ووٽ ڏنو، جيڪا ڳالهه الطاف حسين کي خراب لڳي ۽ هن 19 مئي 2013 تي نشي جي حالت ۾ ڪارڪنن کي نائين زيرو تي گڏ ٿيڻ جي هدايت ڪئي ۽ رابطا ڪميٽي کي ڪارڪنن کان زليل ڪرايو، حقيقت ۾ اهي ڪارڪن نه هئا پر اهي ڏوهاري هئا، پهريان رابطا ڪميٽي مهينن ۾ زليل ٿيندي هئي پر هاڻ ڏينهن ۾ زليل ٿئي ٿي، هن چيو ته نائين زيرو تي مهمانن کي پيش ڪيل کاڌو الطاف حسين جي مرضي کانسواءِ تيار نه ٿيندو هو، حڪومت ۾ اچڻ وڃڻ جو فيصلو ڪهڙي طرح ڪو ٻيو ڪري سگهيو پيو، رابطا ڪميٽي تحريڪ انصاف جي 8 لک ووٽ کڻڻ تي الطاف حسين جي ڪاوڙ ٿڌي ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ٻاهران 5 ڏينهن تائين مظاهرو ڪيو جنهن جي ضرورت نه هئي، انهن سمورين ڳالهين هوندي اسان پارٽي نه ڇڏي، پارٽي ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو فيصلو هو، جڏهن ڪارڪن جي لاش تي سياست ڪرڻي هجي ته ان جو لاش جناح گرائونڊ ۾ رکي ان تي مرسيو پڙهيو وڃي ٿو، جڏهن کان پارٽي ۾ هوش سنڀاليو آهي اڄ تائين ماڻهو رڳو قتل ٿي رهيا آهن، هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي پريس رليز رحمان ملڪ لکرائيندو هو، اڳوڻي ناظم چيو ته هاڻ کان 24 ڪلاڪ اڳ تائين مان ۽ انيس قائمخاني آسائش زندگي گذاري رهيا هئاسين، اسان جا ٻارڙا اسان جي سامهون اسڪول ويندا هئا ۽ آزاد زندگي گذاري رهيا هئاسين پر اسان پنهنجي دل، دماغ، روح پاڪستان، ڪراچي ۽ سنڌ سان خاص طور تي اردو ڳالهائيندڙ جي اهنجن کان پاڻ کي الڳ نه رکي سگهياسين، اسان سياست کان پري هئاسين پر ان جي باوجود اسان کي هڪ هڪ ڏينهن جي خبر ملندي هئي، ڪنهن انسان کي نه رب کي راضي ڪرڻ لاءِ هي سڀ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ جيترا ماڻهو محب وطن آهن اوترائي اردو ڳالهائيندڙ به آهن، پريس ڪانفرنس دوران مصطفيٰ ڪمال روئي ويٺو ۽ الطاف حسين کي مخاطب ٿيندي چيو ته حقن لاءِ ويڙهه ڪرڻي آهي ته پاڪستان اچو اسان به اوهان سان گڏ وڙهينداسين، پر اوهان ته ايندڙ نسلن کي تباهه ڪري وڃڻ چاهيو ٿا، مهاجر ڪميونٽي تي رحم ڪريو، پارٽي اهڙي هئڻ گهرجي جو ڏوهاري ماڻهو اچي ته اهو به ٺيڪ ٿي وڃي، هن چيو ته اسان جي واپسي جو مقصد اهو ئي سچ سڀني کي ٻڌائڻو آهي ڪنهن کي لڳي ٿو ته مان غلط ڳالهائي رهيو آهيان ته ٻڌائي مان ثابت ڪندس، هن چيو ته اسان کي پارٽي جي سسٽم جي خبر هئي، پارٽي ڇڏي ته جان کي خطرو ٿي سگهي ٿو، اسان موت ۽ عزت ڏيڻ جو ٺيڪو الطاف حسين کي ڏنو هو، الطاف صاحب مسلسل ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو آهي، هن چيو ته الطاف حسين کي 7 اٺ لاش گهرجن جنهن تي هو سياست ڪري سگهي، هن چيو ته اڄ هڪ شخص جي ڪري اردو ڳالهائيندڙ کي را جو ايجنٽ چيو پيو وڃي، صولت مرزا ۽ اجمل پهاڙي جهڙا ماڻهو پارٽي ۾ اچي را جا ايجنٽ بڻيا، هن عوام کي اپيل ڪئي ته صرف هڪ شخص جي ڪري سڄي اردو ڳالهائيندڙ قوم کان نفرت نه ڪريو ۽ ان کي ايترو محبت وطن سمجهو جيترو ڪنهن ٻئي صوبي جو رهواسي آهي، اسٽبلشمينٽ به اهڙو لائحه عمل جوڙي ته جيئن آئينده ڪو را جو ايجنٽ نه بڻجي، هن چيو ته الطاف حسين الله سان رجوع ڪري معافي گهري ۽ توبهه ڪري، دعا آهي ته الله تعاليٰ الطاف حسين کي نيڪ هدايت ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *