غير قانوني طور هلندڙ فيڪٽريون ۽ داءُ تي لڳل انساني جانيون

 

ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي الله والا ٽائون ۾ هڪ فيڪٽري مان ڪيميڪل جي ٽينڪ مان 7 ڄڻن جا لاش مليا آهن، جن مان 5 جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. ذريعن موجب ڪيميڪل جي ٽينڪ ۾ 7 لاش ملڻ جو اطلاع فيڪٽري انتظاميا کي ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون، جن 7 ئي لاشن کين ٽينڪ مان ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، هٿ آيل لاشن مان 5 جي سڃاڻپ سهيل، نواز، عمران، عدنان ۽ مهتاب جي نالن سان ٿي آهي. پولييس جا وڏا اٽالا به اطلاع ملڻ تي فيڪٽري پهچي ويا، جتي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪندي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. اها خبر ناهي پئجي سگهي ته اهي لاش فيڪٽري ۾ ڪيميڪل جي ٽينڪ تائين ڪيئن پهتا ۽ مارجي ويلن جو تعلق ڪهڙي علائقي سان آهي، اها به جاچ ڪئي پئي وڃي ته اهو حادثو آهي يا وري انهن ماڻهن کي قتل ڪري لاش ٽينڪ ۾ لڪايا ويا . جناح اسپتال جي حادثن واري شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر سيمي جمالي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته 6 پورهيتن جا لاش اسپتال آندا ويا آهن انهن جي فوت ٿيڻ جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي. ابتدائي طور موت جو سبب ساهه ٻوساٽجڻ ئي لڳي رهيو آهي. پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ فريال ٽالپر ڪورنگي جي الله والا ٽائون جي فيڪٽري ۾ پورهيتن جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظاهر ڪيو آهي. آچار فيڪٽري ۾ ڪرندڙ 7 پورهيتن مان هڪ پورهيت جنهن کي الله رکي ان کي ڪير چکي جي چواڻي بابت زنده نڪري آيو. اطلاعن مطابق کوهه ۾ هڪ مزدور ڪريو هو جنهن کي بچائڻ لاءِ هڪ کانپوءِ ٻيو ڪرندو ويو ۽ جملي طور 7 مزدور ڪري پيا شروعاتي طور تي چيو ويو ته 7 ئي ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته امدادي ڪارروائين دوران هڪ مزدور جيئرو نڪري آيو، مزدور هن وقت سخت ذهني دٻاءَ جو شڪار آهي ذهني حالت بهتر ٿيڻ تي مزدور جو بيان به رڪارڊ ڪيو ويندو. حادثي جو شڪار ٿيل فيڪٽري غيرقانوني طور رهائشي علائقي ۾ قائم ڪئي وئي هئي. فيڪٽري ۾ هوا جي اچ وڃ جو ڪو به مناسب بندوبست نه هو، جنهن جي ڪري فيڪٽري ملازم هڪ ٻئي کي بچائيندي ساهه ٻوساٽجڻ کانپوءِ فوت ٿي ويا. ذريعن مطابق حادثي جو شڪار ٿيل فيڪٽري جو مالڪ مهتاب جي رهائش دهلي ڪالوني ۾ آهي جڏهن ته فيڪٽري غيرقانوني طور رهائشي علائقي ۾ قائم ڪئي وئي هئي. ذريعن مطابق غيرقانوني طور تي فيڪٽري جي تعمير ۾ قاعدن ۽ قانونن جا بکيا اڊيريا ويا هئا ۽ فيڪٽري ۾ هوا جي اچ وڃ جو ڪو به بندوبست نه هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *