حالتِ جنگ ؛واحد پارس هيسباڻي

تربت ويجهو سهراب ڊيم تي مزدوري لاءِ ويل سنڌ جي 7 مزدورن سميت 20 پورهيتن جو دهشتگردن هٿان قتل وارو واقعو دهشتگردي جي ڀيانڪ صورتحال جو تازو مثال آهي. هي دهشتگردي جيڪا نه اسان کي سڪون سان عبادتگاهن ۾ عبادت ڪرڻ ڏئي ٿي، نه سڪون سان اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ڏئي ٿي ۽ نه سڪون سان محنت مزدوري ڪرڻ ڏئي ٿي، ان مان اسان جي جان ڪڏهن ڇُٽندي؟ اهو اهڙو سوال آهي جنهن جو ڪنهن وٽ به مطمئن ڪندڙ جواب ناهي. اها اهڙي ڳڻتي آهي جيڪا هر امن پسند ماڻهو جي دل جو روڳ بڻجي رهي آهي.

هن واقعي ۾ اسلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ چوڻهار جي ٻن ڀائرن مجنون، صوبيدار سميت ساڳئي ڪٽنب جا 5 ڀاتي اجل جو شڪار بڻيا آهن. هي مسڪين ۽ پورهيت ماڻهو جيڪي پيٽ گذر لاءِ سهراب ڊيم تي مزدوردي لاءِ ويل هئا، جن جي گهر ڀاتين کي آسرو هيو ته اهي ٻه ڏوڪڙ ڪمائي آڻيندا جنهن مان گهر جو سيڌو سامان وٺڻ سان گڏ ٻيون ضروررتون پوريون ڪبيون. جڏهن انهن جا لاش وارثن سامهون پهتا هوندا ته انهن جي ڪيفيت ڇا جڙندي هوندي؟ بس ٿورڙو انساني دل سان تصور ڪرڻ جي ضرورت آهي،  جتي حالت اها ٿي وڃي جو جيڪڏهن نه ڪمائجي ته بک مري وڃجي ۽ اگر ڪمائجي ته دهشتگردن هٿان مارجي وڃجي ته اتي زندگي جو ڇا مقصد باقي رهجي وڃي ٿو. پاڻ هاڻي اهڙي ديس جا رهواسي بڻجي ويا آهيون جتي نه مرضي سان جي سگهجي ٿو ۽ نه مرضي سان مري سگهجي ٿو. ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي وڃڻ وارو خيال ذهنن ۾ واسو ڪري چڪو آهي. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هنن مسڪين پورهيتن انهن دهشتگردن جو نيٺ بگاڙيو ڇا هو جن کي ائين آڌي رات جو ننڊ ۾ ستل هجڻ دوران بيدردي سان قتل ڪيو ويو. هن معاملي ۾ سوال اهو به اڀري رهيو آهي ته جن ماڻهن هنن کي مزدوري لاءِ گهرايو هو انهن هنن جي تحفظ جي حوالي سان ڪهڙا بندوبست ڪيا هئا؟! هتي ماڻهن کي ائين ننڌڻڪائي واري عالم ۾ مارجڻ لاءِ ڇڏي ڏيڻ ڪٿان جو انصاف آهي!؟ بلوچستان جي گهرو وزير چيو آهي ته هن واقعي ۾ ڀارتي ايجنسي ”را“ ملوث آهي. اسان وٽ وڏو مسئلو اهو به آهي ته هتي معاملي جي جاچ کان اڳ ذميواري ڪنهن نه ڪنهن جي ڳچي ۾ وجهي پاڻ آجو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. جيڪڏهن هن واقعي ۾ واقعي به ”را“ ملوث آهي ته ان جون ثابتيون ڪهڙيون آهن؟ ۽ جيڪڏهن ڪي ثابتيون آهن ته پاڻ واري انتظاميه ڇا ڪري رهي هئي؟ ڪنهن به ڏيهي يا پرڏيهي دهشتگرد گروپ طرفان ان انداز ۾ ڪارروائي ڪرڻ ڇا اسان جي انتظامي ڪوتاهي کي ظاهر نه پئي ڪري؟ جنهن ديس ۾ اهڙا واقعا روز جو معمول بڻجي وڃن، اتي به جيڪڏهن سيڪيورٽي جو اهو عالم هجي جو دهشتگرد جڏهن به ۽ جتي به چاهين واقعو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ته اتي تحفظ جي ڪهڙي ۽ ڪنهن مان اُميد رکجي!

حيرت جهڙي ڳالهه اها به آهي ته جتي حڪومت پنهنجي عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ ئي ناڪام بڻيل هجي اتي پرائي جنگ ۾ حصو ڳنڍڻ تي غور ويچار ڪرڻ ڪيڏو نه عجيب آهي. سعودي عرب سميت سموري دنيا ڄاڻي به ٿي ۽ پنهنجي اکين سان به ڏسي رهي آهي ته اسين هن وقت خود حالت جنگ ۾ آهيون، دهشتگردي روزانو ڪيترين ئي معصوم جانين کي پنهنجو کاڄ بڻائي رهي آهي. ان صورتحال ۾ اسان کي جنگ ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ زور ڀرڻ ڪيڏو نه عجيب آهي. هن معاملي تي پارليامينٽ جيڪو متفقه طور تي فيصلو ڪيو آهي اهو نه صرف اسان جي پنهنجي زميني حقيقتن جي عين مطابق آهي پر اهو اسان جي مفاد ۾ به بهتر آهي ڇو ته ماضي ۾ بنا سوچ ويچار جي پرائي جنگ ۾ ڪُڏي اسان ڪيترو ئي نقصان ڀوڳي چڪا آهيون. دهشتگردي جو ڪيس جيڪو ڀيانڪ مهانڊو اسان جي سامهون آهي، اهو ان جو ئي نتيجو آهي، اسان وٽ هي خودڪش واقعا نائين اليون کانپوءِ ئي ٿيڻ شروع ٿيا آهن، تڏهوڪي ڊڪٽيٽر آمريڪا جي هڪڙي فون ڪال تي جهڙي نموني پوري قوم کي مصيبت ۾ وڌو اڄ اسين ان جو ئي ڪيتو ڀوڳي رهيا آهيون. جهڙي نموني يمن واري صورتحال تي فيصلو پارليامينٽ تي ڇڏيو ويو ۽ سڀني ڌرين کي اتحاد ۾ ورتو ويو، جيڪڏهن ان وقت به اهو ئي طريقو اختيار ڪيو وڃي ها ته اڄ دهشتگردي جا اهڙا واقعا نه ٿين ها، اگر پارلياماني سيٽ اپ نه هو ته آل پارٽيز ڪانفرنس ذريعي سياسي پارٽين کان صلاح مشورو ورتو وڃي ها ته ان سان آمريڪا اڳيان به اهو پيغام وڃي ها ته پاڪستان سندس ڪالوني ناهي، جنهن کي هو جڏهن به ۽ جنهن وقت به چاهي پنهنجي مرضي سان هلائي سگهجي ٿو ۽ پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو، ان سان گڏوگڏ هن معاملي جو گڏيل نموني صحيح فيصلو به ٿي سگهي ها. جيڪڏهن آمريڪا سان ساٿ ڏيڻ ضروري به بڻجي وڃي ها، تڏهن به اهو ساٿ ڪن شرطن تي ڏنو وڃي ها ۽ مستقبل ۾ دهشتگردي کان بچڻ لاءِ ڪي حفاظتي تدبيرون اختيار ڪجن ها پر فرد واحد پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ پنهنجي مرضي جو فيصلو ڪري پوري قوم کي هڪ اهڙي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيو، جنهن هينئر تائين ڪيترن ئي گهرن کي ساڙي ڇڏيو آهي. ان کان اڳ ڊڪٽيٽر ضياءَ به ائين ئي ڪيو هو. افغانستان مان روس کي ڀڄائڻ ۽ آمريڪا جي حاڪميت قائم ڪرڻ لاءِ جيڪو طالبان نالي سان فيڪٽر اڀاريو ويو، اهو اڳتي هلي اسان جي پنهنجي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو، جيڪي هٿيار اسان جي ذريعي انهن کي روس سان وڙهڻ لاءِ مليا اهي هن پوءِ اسان تي ئي استعمال ڪرڻ شروع ڪيا.

خبر آهي ته يمن مسئلي تي غير جانبدار رهڻ تي متحده عرب امارات پاڪستان کي ان جي قيمت ادا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي ۽ پاڪستاني پارليامينٽ طرفان يمن بحران ۾ غير جانبدار رهڻ جي قرارداد منظور ڪرڻ کي ايران جو ساٿ ڏيڻ جي عڪاسي ۽ علامت قرار ڏنو آهي.

هن خبر تي پاڻ واري سرڪار طرفان اڃا تائين ڪو به ردعمل يا موقف سامهون نه آيو آهي پر حقيقت ۾ هي سڀ ڪجهه اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ آهي پاڪستان هڪ آزاد رياست آهي، ڪهڙي معاملي تي هي ڪهڙو موقف اختيار ڪري ٿي ان معاملي ۾ هي آزاد ۽ خودمختيار آهي، زوري زبردستي ان کي مجبور نه ٿو ڪري سگهجي. گڏيل عرب امارات طرفان وڏي قيمت ادا ڪرڻ واري ڌمڪي کي سنجيدگي سان وٺڻ جي ضرورت آهي ۽ هي معاملو عالمي برادري اڳيان رکڻ جي گهرج آهي. پاڪستان ۾ هن وقت جمهوري سسٽم هلي رهيو آهي. پارليامينٽ خودمختيار آهي اها جيڪڏهن يمن واري معاملي تي غير جانبدار رهڻ جو ٺهراءُ پاس ڪري رهي آهي ته اهو ان جو قانوني ۽ آئيني اختيار آهي، ان تي ڪنهن به ٻاهرين طاقت جي ناراض ٿيڻ جو ڪو به جواز ناهي. سڌي سنئين ڳالهه آهي هي ملڪ اهو ئي فيصلو ڪندو جيڪو هن جي حق ۾ هوندو. اهڙين حالتن ۾ جڏهن هي ملڪ خود جنگي حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. دهشتگردن سان هڪ وڏي ويڙهه وڙهي رهيو آهي، انهن حالتن ۾ هي ڪنهن ٻاهرين ڌر جو ساٿ ڪٿان ڏئي سگهي ٿو.

هن صورتحال ۾ حڪومت کي پنهنجو ڀرپور موقف دنيا سامهون رکڻ جي ضرورت آهي. ملڪ کي اندروني يا بيروني جيڪا به خطرا آهن يا اهڙو ڪو به امڪان آهي ته ان لاءِ پارليامينٽ ذريعي ئي اپاءُ وٺڻ جي گهرج آهي، ڪنهن به پريشر ۾ اچي جيڪڏهن ماضي واري ڪا غلطي دهرائي وڃي ٿي ته ان جو تمام وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو ۽ ان ڪري هن معاملي ۾ هوشياري سان اڳتي وڌڻ جي گهرج آهي.

تربت ويجهو جيڪو دهشتگردي جو ايڏو وڏو واقعو ٿيو آهي ان جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرڻ جي گهرج آهي. بلوچستان جو گهرو وزير جيڪو هن واقعي ۾ ڀارتي ايجنسي ”را“ جي ملوث هجڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي جيڪڏهن اهڙي واقعي به ڪا ثابتي ملي ٿي ته نه رڳو ڀارت آڏو ان معاملي تي احتجاج ڪرڻ جي گهرج آهي پر هي معاملو عالمي فورم تي به کڻي وڃڻ جي گهرج آهي، ڀارت هڪ طرف ڳالهين واري سلسلي کي اڳتي وڌائڻ جو چئي رهيو آهي ۽ ٻئي طرف اهڙن واقعن ۾ به ملوث آهي ته اها انتهائي منافقت واري صورتحال آهي. هن معاملي ۾ ڀارت سان سفارتي سطح تي هڪ هڪاڻي ڪرڻ جي گهرج آهي. جيڪڏهن هن واقعي ۾ ڪو ٻيو فيڪٽر ملوث آهي ته ان جي به جاچ ٿيڻ گهرجي. مسڪين مزدورن جو ان انداز ۾ بيدردي سان مارجي وڃڻ هڪ وڏو الميو آهي نه صرف هنن جي قاتلن کان حساب ڪتاب ٿيڻ گهرجي پر هنن جي حفاظت لاءِ ذميوار انتظاميه کان به پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ٿر سان واسطو رکندڙ مسڪين خاندانن جي هنن نوجوانن جي وارثن جي مالي مدد ڪرڻ جي به ضرورت آهي ڇو ته هنن مان اڪثر پنهنجي گهرن جا اڪيلا ڪمائيندڙ هئا. هڪڙي گهر جا ته ٻه ڀائر مارجي ويا آهن. دهشتگردي جيڪا عوام لاءِ هڪ عذاب بڻجي وئي آهي، ان مان ان کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي گهرج آهي. تازي واقعي ۾ ڪير به ملوث هجي اهو ظاهر ٿيڻ کپي ۽ ان کي سزا ملڻ کپي، عوام کي دهشتگردي جي واقعن کان محفوظ رکڻ لاءِ سيڪيورٽي جي سسٽم کي وڌائڻ جي گهرج آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *