عوام تحريڪ جي اي پي سي….!

لاهور ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري جي صدارت هيٺ مرڪز منهاج القرآن ۾ ماڊل ٽائون سانحي تي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم پاڪستان، جماعت اسلامي، پي ايس پي، جماعت اسلامي، ايم ڊبليو ايم سميت 40 کان وڌيڪ سياسي پارٽين شرڪت ڪئي. اي پي سي جي 10 نقطن واري گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اي پي سي ماڊل ٽائون سانحي ۽ ختم نبوت ترميم جي سخت مذمت ڪري ٿي. ماڊل ٽائون سانحو رياستي دهشتگردي جو بدترين واقعو هو جنهن ۾ نواز شريف، شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله سميت پنجاب حڪومت ملوث آهي جن حددخليون هٽائڻ جي آڙ ۾ سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ معصوم ماڻهن تي گوليون وسايون. ختم نبوت جي قانون ۾ تبديلي ڪروڙين مسلمانن جي ايمان ۽ پاڪستان جي آئين تي حملو آهي، نواز شريف ۽ ن ليگ ان قانوني دهشتگردي ۾ سڌا سنوان ملوث آهن جڏهن ته ايماني اساس تي حملي جي ماسٽر مائنڊن جا نالا هن وقت تائين سامهون ناهن آندا ويا، ن ليگ جي اقتدار ۾ رهڻ جو جواز ختم ٿي ويو آهي، ختم نبوت ترميم جي ذميوارن کي سزا ملڻ تائين تڪرار برقرار رهندو، اي پي سي ذميوارن ماڻهن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪري ٿي. ماڊل ٽائون سانحي ۾ مارجي ويلن ۽ زخمين کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سموريون مخالف ڌر پارٽيون گڏ ٿي جدوجهد ڪنديون، باقر نجفي ڪميشن شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله کي سانحي جو ذميوار قرار ڏنو، ان ڪري هو ۽ سندن سمورا ساٿي 7 جنوري 2018ع تائين استعيفيٰ ڏين، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويو. 8 جنوري تي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، جيڪا اڳتي جي حڪمت عملي جو اعلان ڪندي ۽ تحريڪ قصاص جو فيصلو ڪندڙ مرحلو شروع ڪيو ويندو. ماڊل ٽائون ۾ پنجاب حڪومت جي درندگي سياسي پارٽين کي گڏ ڪيو آهي، سياسي پارٽيون عدالتن، فوج ۽ ٻين ادارن سان گڏ آهن، نواز شريف ملڪي تاريخ ۾ ڪرپشن جو آغاز ڪيو، هن اسيمبلي ميمبرن کي پيسا ڏئي رشوت جو آغاز ڪيو، اڄ نواز شريف چوي ٿو ته هو نظرياتي ۽ جمهوريت جي جنگ وڙهي رهيو آهي.متحده پڌرنامي تي اعتراض ڪندي چيو ته شهباز ۽ راڻا ثناءُالله کي ذميوار سڏڻ تي اعتراض آهن. جي آءِ ٽي رپورٽ بعد ڪنهن جو نالو کنيو وڃي، اي پي سي ۾ شيخ رشيد جي اسيمبلين تان استعيفيٰ جي تجويز رد ڪئي وئي. اسيمبلين تان استعيفيٰ جي پ پ سان گڏ تحريڪ انصاف به مخالفت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *