ملڪي سلامتي جي تحفظ لاءِ سمورا ادارا گڏ آهن، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي: جنجوعه

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم سان قومي سلامتي واري صلاحڪار جنرل (ر) ناصر جنجوعا ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ ملڪي سلامتي سميت خطي جي گڏيل صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات پنجن ڪلاڪن تائين جاري رهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب قومي سلامتي واري صلاحڪار جنرل ريٽائرڊ ناصر خان جنجوعا لاهور ۾ اڳوڻي وزير اعظم سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ دهشتگردي، ملڪي سلامتي ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن ۽ سرحدي معاملن تي به ڳالهيون ٿيون. ملاقات ۾ نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻن ۽ پرامن لاڳاپن تي زور ڏنو. ان موقعي تي ناصر خان جنجوعا جو چوڻ هو ته ملڪي سلامتي جي تحفظ لاءِ سمورا ادارا گڏ آهن ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي، سرحد پار کان دهشتگردن کي سپورٽ ڪنهن به صورت ۾ برڊاشت نه ڪنداسين جڏهن ته هشتگردي لاءِ پاڪستان ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن جنهن کي دنيا کي قبولڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *