سنڌ ۾ سخت گرمي جي لهر، سوين ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا

 

سنڌ ۾ سخت گرمي جي لهر ۾ وڌيڪ 450 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا ۽ گذريل ٽن ڏينهن دوران فوت ٿيلن جو انگ وڌي 625 ٿي ويو آهي. سخت گرمي دوران سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ به 8 کان 16 ڪلاڪ ٿيڻ تي عوام مڇرجي روڊن تي نڪري آيو، ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ٽائر ساڙيا ويا ۽ روڊ بلاڪ ڪري بجلي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ٻئي طرف وزيراعظم نواز شريف ڪراچي ۾ ماڻهن جي گرمي وگهي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي اين ڊي ايم کي بجلي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٺٽي ضلعي ۾ گرمي وگهي 10 ماڻهو فوت ٿي ويا، ٺٽي جي تعلقي شاهه بندر ۾ 60 ورهين جو حاجي سومار کٽي، 60 ورهين جي حليمان بي بي، 70ورهين جي حوا، 30 ورهين جو محمد ملاح، 32 ورهين جو محمد يعقوب، 27 سالن جو جمن عباسي ۽ 38 ورهين جو احمد خان زنگيجو، ڌاٻيجي ۾ صديق بلوچ ۽ ڪرم علي جوکيو ۽ ڪيٽي بندر ۾ 40 ورهين جو محمد خان گرمي جي سٽ نه سهڻ سبب فوت ٿي ويا. نوشهروفيروز ۾ خاص عدالت جو نائيڪ فوت ٿي ويو. سن ۾ اديب ايوب عمراڻي جي امڙ ۽ رپورٽر يوسف عمراڻي جي ناني 85 ورهين جي ڄمار ۾ گرمي وگهي فوت ٿي وئي. مٽياري ۾ 53 ورهين جو محمد اقبال شيخ فوت ٿي ويو. کپري جي ديوان محلي ۾ جماعت علي ملڪ جي والده گرمي سبب فوت ٿي وئي. ڪوٽ غلام محمد ۾ صوفي فنڪار رام لال جو وڏو ڀاءُ گلاب ڀيل فوت ٿي ويو، حيدرآباد ۾ ٽنڊي غلام علي واسي 40 ورهين جو گدا حسين فوت ٿي ويو. ڪنڌرا ۾ هڪ ۽ روهڙي ۾ هڪ ماڻهو فوت ٿي ويا. جن ۾ ڪنڌرا جي ڳوٺ ٽنڊي علي آباد ۾ 70 ورهين جو ذاڪر حسين مڱڻيجو ۽ روهڙي جي ڳوٺ ميوو زنگيجو ۾ 60 ورهين جو محمد هاشم فوت ٿي ويا. پڊعيدن ۾ گرمي سبب 80 ورهين جو پيرسن فوت ٿي ويو. هوڏانهن صحت وارو صوبائي وزير مهتاب ڏهر ڪالهه صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ جناح اسپتال پهتو. جتي هن مريضن جي علاج جي سهولتن ۽ گرمي سبب اسپتال ۾ پهتلن بابت ڄاڻ ورتي ۽ ضروري هدايتون ڏنيون. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته جناح اسپتال ۾ 171 ماڻهو فوت ٿيا آهن. هوڏانهن ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن دوران قهر جي گرمي سبب فوتين جو انگ 400 کان وڌي ويو آهي. ايڌي جي سردخاني ۾ لاش رکڻ جي گنجائش ختم، 30لاش لاوارث ڄاڻائي دفن ڪيا ڪراچي ڪي ايم سي اسپتالن ۾گذريل ڏينهن تائين 67 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، هوڏانهن  قطر اسپتال ۾ پڻ 23 ڄڻن جا لاش آندا ويا، جناح اسپتال جي ميڊيڪل ليگل آفيسر سيمي جمالي سوا سئو کان وڌيڪ ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. ڊاڪٽر سيمي جمال موجب جناح اسپتال ۾ 145 لاش آندا ويا. هوڏانهن صرف گذريل ڏينهن صرف سول اسپتال ۾ 37 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن.عباسي شهيد اسپتال ۾ 69 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن.  انڊس اسپتال جي انتظاميا موجب انڊس اسپتال ۾  17 ڄڻا گرمي سبب فوت ٿيا آهن. جڏهن ته لياقت نيشنل اسپتال ۾ داخل ڪيل  22 ڄڻن فوت ٿي ويا.ضياءُ الدين اسپتال ڪياماڙي ۾ پڻ 8 ڄڻا گرمي سبب فوت ٿي ويا، جڏهن ته لياري جنرل اسپتال ۾ به گرمي لڳڻ ڪري بيمار ٿيل ماڻهن کي داخل ڪيو ويو، جن مان 8 ڄڻا علاج دوران فوت ٿي ويا. ايڌي فائونڊيشن ڪراچي جو چوڻ آهي ته هڪ سئو 20 مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا آهن ۽ 30 لاوارث لاش دفنايا ويا.ٻئي پاسي ڊي هائيڊريشن ۽ گرم لوءِ لڳڻ سبب سوين ماڻهو ڪراچي جي مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. ايڌي جو سرد خانو لاشن سان جي ڀرجي ويو آهي جنهن سبب ايڌي سردخاني انتظاميا گذريل ڏينهن صبح جو مختلف اسپتالن مان منتقل ڪيل 30 لاش واپس ڪري ڇڏيا، ايڌي فائونڊيشن موجب 250 ماڻهن جا لاش ايڌي سردخاني ۾ آندا ويا جيڪي گرمي سبب فوت ٿيا آهن. ايڌي فائونڊيشن موجب هڪ سئو 20 مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته 30 لاشن جي امانت طور تدفين ڪئي وئي. هڪ سئو مڙهه اڃا به سردخاني ۾ پيل آهن جڏهن ته فوتين ۾ اڪثريت وڏي عــُمر جي ماڻهن جي آهي. هوڏانهن پاڪستان رينجرز سنڌ شهر جي مختلف علائقن ۾ گرمي کان متاثر شهرين لاءِ 10 هيٽ اسٽروڪ رليف سينٽر قائم ڪري ڇڏيا آهن. رينجرز ترجمان مطابق ڪراچي ۾ گرمي جي شدت ۽ گهـُٽ جي نتيجي ۾ شهرين جو وڏو انگ متاثر ٿيڻ سبب رينجرز هيٽ اسٽروڪ کان متاثر شهرين لاءِ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 10 هنڌن تي هيٽ اسٽروڪ رليف سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، جتي ڊاڪٽرز، پيرا ميڊيڪل اسٽاف مريضن جي سار سنڀال لاءِ موجود آهن. رينجرز پاران رينجرز ٽول پلازه سنڌ، رينجرز اسپتال نارٿ ناظم آباد بلاڪ اي، هيڊ ڪوارٽر 53 ونگ، بلديه ٽائون، هيڊڪواٽر 93 ونگ پيپلز فٽبال اسٽيڊيم، ماڙي پور روڊ هيڊڪوارٽر، 91 ونگ سائيٽ اسٽيڊيم، هيڊڪوارٽر 72 ونگ ڪالاپل، هيڊڪوارٽر 83 ونگ جامعه ملير، هيڊ ڪوارٽر 82 ونگ مظفر آباد ڪالوني، هيڊڪوارٽر 63 ونگ ڪراچي يونيورسٽي، هيڊڪوارٽر 44 ونگ نارٿ ڪراچي ۾ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. رينجرز ترجمان شهرين کي اپيل ڪئي ته گرمي جي شدت ۽ لو لڳڻ جي مريضن کي سينٽر ۾ طبي سهولتون ڏنيون وينديون. ٻئي طرف وزيراعظم محمد نواز شريف ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب ماڻهو فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي اين ڊي ايم کي هدايت ڪئي آهي ته عوام جي سهولت لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وزيراعظم متاثر ماڻهن کي بهترين طبي امداد پهچائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. عوام ۾ اهڙي صورتحال کان بچڻ بابت آگاهي پيدا ڪئي وڃي ته جيئن قيمتي انساني جانين جي زيان کي روڪي سگهجي.

 

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *