غلط ناهيو ته پريشاني ڪهڙي؟؛نويد نسيم

پ پ جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري عسڪري قيادت تي تنقيدي تير وسائڻ شروع ڪري ڇڏيا، جنهن کانپوءِ پارٽي جي ٻين اڳواڻن به پنهنجي ليڊر جي نقش قدم تي هلندي سنڌ رينجرز جي ڪاررواين کي اختيارن کان مٿانهون ۽ صوبائي انتظامي معاملن ۾ مداخلت قرار ڏيڻ شروع ڪيو.

اڳوڻي صدر پاران فوجي اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن آپريشن ضرب عضب کي هڪ سال پورو ٿيو آهي ۽ سمورن سياسي پارٽين (سواءِ پ پ پ) پاڪ فوج سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن ۽ پاڪ فوج جي جوانن جي قربانين تي خراج تحسين پيش ڪيو پيو وڃي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪراچي آپريشن جي شروع ٿيڻ سان ئي پنهنجي اندر لاوو پالي رهيو هو، ان جو سبب اهو هو ته ڪراچي آپريشن کي پ پ سميت سمورين سياسي پارٽين جي حمايت حاصل هئي، جنهن جي ڪري نه چاهيندي به اڳوڻو صدر خاموش هو.

بنيادي طور تي اڳوڻي صدر کي ڪراچي آپريشن ان وقت خراب لڳڻ شروع ٿيو، جڏهن هو پنهنجي حمايتي پارٽي متحده قومي موومينٽ کي ان آپريشن مان بچائڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ هاڻ جڏهن دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ بعد ڪراچي آپريشن صوبائي حڪومت ۾ لڪل ڪرپٽ آفيسرن ۽ بيوروڪريٽس ڏانهن رخ موڙيو ته سابق صدر کي خطرو نظر اچي رهيو آهي ته ڪٿي ڏوهاري ماڻهو سامهون نه اچي وڃن، جن کي پ پ جو آشيرواد حاصل آهي.

سابق صدر وڌيڪ ٻڏتر جو شڪار ٿيڻ تڏهن شروع ٿيو، جڏهن ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار هڪ سيمينار ۾ چيو هو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال غلطين ۽ ناڪامين جي ڪري پيدا ٿي، جن ۾ انتظامي ناڪامي ۽ ناڪاره سياست پڻ شامل آهي.ان بيان کانپوءِ ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر سنڌ ايپڪس ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ غير قانوني طريقي سان حاصل ٿيندڙ 230 ارب روپين واري رقم سنڌ جي اعليٰ شخصيتن ۾ ورهايو وڃي ٿي.اڳوڻي صدر جي لاءِ سمورا حد ان وقت پار ٿي ويا، جڏهن سنڌ رينجرز سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي تي ڇاپو هنيو ۽ غير قانوني تعميرات ۽ تڪراري نقشن جي منظوري ۽ پلاٽن جي چائنا ڪٽنگ بابت شاهديون گڏ ڪيون ويون. جنهن بعد اڳوڻو صدر پنهنجي ڪاوڙ کي ڪنٽرول نه ڪندي ڦاٽي پيو ۽ سياسي مخالفن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي خوب لتاڙيو ۽ چيو ته فوج جا جنرل هر 3 سالن کانپوءِ تبديل ٿيندا رهن ٿا، جڏهن ته سياستدانن کي هميشه هتي رهڻو آهي.صدر زرداري وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي ڪرپٽ ۽ ڏوهاري عنصرن جي لسٽ ٺاهي ته هو به ڪرپٽ جرنيلن جي لسٽ فراهم ڪندو. اڳوڻي صدر جي بيان کانپوءِ حڪومت پاران ان بيان جي شديد مذمت ڪئي وئي ۽ وزيراعظم آصف علي زرداري سان طئي ٿيل ملاقات کي پڻ ملتوي ڪري ڇڏيو.سنڌ ۾ ڀڙڪيل باهه جي شعلن مان لڳي ٿو ته اهي اسلام آباد تائين به پهچندا ۽ ميڊيا ۾ خبرون اچي رهيون آهن ته قائم علي شاهه کي هٽائي خورشيد شاهه کي وزيراعليٰ سنڌ ٺاهيو پيو وڃي. ان کانسواءِ بلاول ڀٽو زرداري کي به پارليامينٽ ۾ اماڻڻ جون تياريون شروع ڪيو ويون آهن.بنيادي طور تي صدر زرداري، وزيراعظم نواز شريف طرفان ڪراچي آپريشن ۾ ڇوٽ نه ملڻ تي وفاقي حڪومت سان سگهارو ٽڪراءَ ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي. ان کانسواءِ جيڪڏهن عزير بلوچ رينجرز جي حراست ۾ ڪجهه ٻولي ٿو ته ممڪن آهي اسٽيبلشمينٽ پاران سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو وڃي. ان امڪان کي ئي ذهن ۾ رکندي صدر زرداري بلاول ڀٽو ذريعي پارليامينٽ ۾ گوڙ ڪندو.ان کانسواءِ اهو به ٿي سگهي ٿو ته پيپلزپارٽي، پاڪستان تحريڪ انصاف سان گڏجي نواز حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻيهر چونڊن جو ميدان ٺهي.ڪراچي آپريشن جي باري ۾ جيڪو چئو، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪراچي ۾ حالتون ڏينهون ڏينهن بهتري ڏانهن وڃي رهيون آهن. اهڙي حالت ۾ اهڙا بيان ڏيڻ پاڪ فوج سان سراسر ناانصافي ٿيندي. اڳوڻي صدر کي اسٽيبلشمينٽ ۾ تنقيد ڪرڻي هئي ته پنهنجي دور ۾ ڪري ها، جڏهن هن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فوجي سپهه سالار کي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ڏني ۽ طالبان جي خلاف آپريشن شروع ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.آصف زرداري پاران اها تنقيد بلڪل ان پهاڪي جيان آهي ته ”چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک“ جيڪڏهن پيپلزپارٽي ۾ ڪو سماج دشمن ۽ ڪرپٽ عنصر موجود ناهي ته پوءِ زرداري صاحب کي اهڙي طرح ڳالهائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. اهڙي طرح گوڙ ڪري فوج جي خلاف بيان جاري ڪري هو پاڻ کي مشڪوڪ بڻائي رهيو آهي. زرداري صاحب کي گهرجي ته سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏي ۽ جيڪڏهن ان جي پارٽي ۾ واقعي اهڙا عنصر موجود آهن ته اعليٰ ظرفي جو ثبوت ڏيندي انهن کي پاڻ ٻاهر ڪڍي ڇڏي.

(ڊان ڊاٽ ڪام جي ٿورن سان)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *