سرڪاري ادارن کي خانگائڻ جي سفارش ۽ ملازمن جو مستقبل

گذريل ڏينهن سينيٽ جو اجلاس چيئرمين ميان رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. اسحاق ڊار چيو ته ڪابينا ڪميٽي 69 سرڪاري يونٽس جي نجڪاري جي سفارش ڪئي آهي، جڏهن ته ٽن سالن دوران 5 يونٽس جي نجڪاري وارو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. سينيٽر سردار اعظم موسيٰ خيل چيو ته وفاق سنڌي، پشتو ۽ بلوچن کي نظر انداز ڪري رهيو آهي، جڏهن ته وفاقي ادارن ۾ننڍن صوبن جي ماڻهن کي نوڪريون نه ملڻ ظلم آهي. حڪومت رڳو پنجاب ئي پاڪستان سمجهي ٿي، اهڙو ملڪ نه کپي، جنهن ۾ صوبن کي برابري جا حق ملڻ بدران نظر انداز ڪيو وڃي. سينيٽر طاهر مشهدي چيو ته حڪومت جي غلط ورتاءُ سبب وفاق ڪمزور ٿي رهيوآهي، جڏهن ته ادارن جي ڪارڪردگي به مايوس ڪندڙ آهي. سنڌ جي صنعت ۽ پيدوار واري وزارت طرفان سينيٽ کي آگاهي ڏني وئي ته اسٽيل ملز جي ملازمن کي گارنٽي جي ادائيگي لاءِ 3 ارب رپيا گهربل آهن. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت چيو ته اسٽيل ملز جي ملازمن لاءِ پينشن لاءِ ڪابه اسڪيم ناهي جوڙي وئي، جنهن سبب ملازمن ۾ بيچيني پکڙيل آهي. اسٽيل ملز جي نجڪاري جي حوالي سان ناڻي واري وزارت سينيٽ کي لکت ۾ آگاهي ڏني ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل اسٽيل ملز جي نجڪاري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اسحاق ڊار چيو ته ڪابينا ملڪ جي مختلف سرڪاري ادارن جي 69 يونٽس کي خانگائڻ جي سفارش ڪئي آهي، ناڻي واري وزارت 5سالن دوران آيل ٻوڏ بابت لکت ۾ جواب جمع ڪرائيندي ڄاڻايو ته 11،2010۽ 15 ۾ ٻوڏ سبب ملڪي معيشت کي 14 ارب، 16 ڪروڙ ڊالرز جو نقصان ٿيو، جڏهن ته پرڏيهي ملڪن پاران متاثرن لاءِ 70 ڪروڙ ڊالرز امداد ڏني وئي. 3سالن دوران 5يونٽس جي نجڪاري وارو عمل مڪمل ٿي ويو آهي. پيٽروليم واري وزير شاهد خاقان عباسي چيو ته نجڪاري ادارن جي ملازمن جو تحفظ ڪيو ويندو.

سرڪاري کاتن جي نجڪاري جي سفارش پنهنجي جڳهه تي پر حڪومت جيڪڏهن پنهنجا نواز پاليسي ۽ ڪرپشن کي ٻنجو ڏئي ته شايد ڪنهن به سرڪاري اداري جي ڪارڪردگي تي سوال ئي نه اٿئي، ڪرپشن پنهنجا نواز پاليسي اڏهي جيان ادارن کي کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي، وڏين وڏين پگهارن کڻندڙ ۽ مراعتون وٺندڙ ڪامورا ڪم ڪن ئي ڪونه، ان ڪري ادارن جي ڪارڪردگي زيرو بڻيل آهي، سرڪار سڳوري کي التجا آهي ته ادارن کي خانگائڻ بدران ادارن اندر ڪرپشن،سفارشي ڪلچر کي ختم ڪيو وڃي ته جئين ادارا پنهنجي اصل پوزيشن ۾ بيهي ملڪي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *