واعدن جي موسم جي ٻئي دور جي شروعات: طارق سنديلو

هڪ ڀيري پاڙي جي هڪ چونڊيل ايم پي اي ۽ تر جي زميندار وٽ هلي ويس ڪنهن ڪم سانگي سائين جن پهريان ته ڏاڍو مان ڏنو حال احوال به اوريا ۽ مٿان وري مون سان گڏ هلندڙ پنهنجي خاص حامي کي فوري طورتي اهو جملو ٺهڪائي ڏنو ته هي ته فلاڻي پاڙي وارا آهن ۽ اسان کي ووٽ ڪندا ئي ناهن، بحرحال ڪوشش ڪنداسين ته هن جو ڪم ٿي وڃي.

بحر حال اچون ٿا مقصد جي ڳالهه تي به سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي جي پڄاڻي بعد ٻيو دور شروع ٿي چڪو آهي، جئين ته پهرين دور ۾ ڪجهه خاميون ڏٺيون ويون هيون ان ڪري سنڌ سرڪار انهن خامين کي نه ورجائڻ لاءَ اهم اجلاس گهرائي جوڳا بندوبست ڪرڻ جا ارادا ظاهر ڪيا آهن، جن جي جيڪڏهن عمل ٿيو ته بهتر هوندو، جي نه ته سنڌي جي چوڻي موجب ( ساڳيا ڪنا ساڳ جا) هن مهل چونڊن ۾ بيٺل اميدوار پنهنجي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ خاطر ميدان ۾ نڪري پيا آهن، ۽ عوام جا به ڀاڳ کلي پيا آهن، جن جي درن تي سالن تائين نه لڙندڙ ڪامورا هاڻي پراڻين فوتگين کي تازو ڪري تعزيتون ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهن، اڳ جيان اهڙا پڪا واعدا به ڪيا پيا وڃن ڄڻ سندس ڪاميابي بعد سنڌ پئرس بڻجي ويندي، چونڊ جلسڙين ۾ وڏي واڪي اميدوار عوام کي پنهنجي ڪيل خدمتن جا قصا بيان ڪري ووٽ ڏيڻ جي اپيل پيا ڪن، انهن ڳوٺن ۾ هاڻي گاڏين جون قطارون لڳيون پيون آهن جن ڳوٺن ۾ ڪو لڙي ئي ڪون، جن کي ڪڏهن رستي ۾ ڪامورا سلام جو جواب نه ڏيندا آهن هاڻي انهن جي درن تي وڃي کين وڏا وڏا ڀاڪر هنيا پيا وڃن، يقينن انهن اميدوارن جي ڪاميابي بعد اهي ڳوليا ته لڀندا ئي ڪو پر عوام ويتر عزاب ۾ اچي ويندو، جي ڪنهن ڪاموري جي ڀر وٺندو اهو هارائي ويو ۽ ان جي مقابلي ۾ بيٺل سرهو ڪامورو ميدان ماري ويو ته پوءِ مخالف غريب جا ته لاهه نڪري ويندا، حال بهتر ٿيڻ بجاءِ غريب جا حال ويتر عذاب بڻجي ويندا،

پهرين مرحلي جي پڄاڻي بعد آفيسرن جي مٽ سٽ جو سلسلو شروع آهي، ان سان گڏوگڏ مخالفن کي مختلف بهاني سان حيسائڻ ۽ پريشان ڪرڻ سان گڏ مخالفت ڪرڻ جو سبق سيکارڻ جا پراڻا نوان طريقا پڻ آزمايا پيا وڃن، جيڪو ٿيڻ نه گهرجي، ووٽر کي کليل آزادي هئڻ گهرجي ته هو ڪنهن کي ووٽ ڪري ٿو ۽ ڪنهن کي نه.

مڪاني چونڊن ۾ بيٺل اميدوارن مان ڪي کٽيندا ته ڪي هارائيندا ڇو ته ويڙهه جو اصول آهي ته 2 وڙهندا ته هڪ ئي کٽيندو، ان ڪري جيڪي اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن ميدان مارڻ بعد اهو نه وسارين ته کين عوام چونڊيو آهي ۽ ان يوسي لاءِ چونڊيو آهي جنهن جي حد ۾ حامي به اچن ٿا ته مخالف به ان ڪري نمائندن کي گهرجي ته چونڊن ۾ ڪاميابي بعد پنهنجا پراوا واري سياست کي هڪ پاسي رکي پوري حد جي عوام جي خدمت ڪن ته بهتر هوندو ۽ عوام جي اڳتي جي ڪاميابي جي اميد به زنده رهندي، پر جي توهان ڪاميابي بعد حامين کي نوازڻ ۽ مخالفن کي ڇيڀاٽڻ ۽ اذيتون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ته اهو مناسب نه هئڻ سان گڏ توهان کي مليل موقعو آخري موقعو بڻائي ختم ڪري ڇڏيندو، ان ڪري چونڊن ۾ ميدان ۾ لٿل اميدوار عوام سان اهڙا واعدا ڪن جيڪي سندن وس ۾ هجن بعد ۾ ائين نه ٿئي جو توهان کي چونڊيدڙ عوام احتجاج ڪري توهان جي خلاف ٿاڻن تي وڃي درخواستون ڏئي ته اسان جا چونڊيل نمائدان گم آهن ڳولي ڏيو ڇو جو ماضي ۾ اهڙا واقعا ٿيندا رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *