رڪارڊ ٽوڙ گرمي ۽ لوڊشيڊنگ جو آزار…؟

 

ملڪ ۾ سخت گرمي رڪاڊ ٽوڙي ڇڏيا. ڪراچي ۾ 10 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو. سخت گرمي باوجود لوڊشيڊنگ سبب 9 ڄڻا فوت ٿي ويا. عوام جو صبر ڇڏائجي ويو، وزيراعظم هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عابد شير علي عوام کان معافي گهري ورتي آهي. ڪراچي شهر ۾ ٻئين سحري دوران به بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري رکي وئي، جنهن جي ڪري عورتن کي رڌپچاءَ سميت ٻين ڪمن ڪارن ۾ سخت مشڪلاتون پيش آيون. ناظم آباد، لياقت آباد، عزيزآباد، ماڊل ڪالوني، پراڻي سبزي منڊي، جيل چورنگي سميت ٻين اڪثر علائقن ۾ بجلي بند رهي، لوڊشيڊنگ خلاف عزيز آباد ۽ جيل چورنگي وٽ شهري گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ روڊن تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ٽائرن کي باهيون ڏينون جنهن جي ڪري ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. هوڏانهن اليڪٽرڪ انتظاميا جو چوڻ آهي ته سوئي سدرن گئس ڪمپني پاران گئس گهٽ ڏني پئي وڃي جنهن سبب اهو مسئلو پيدا ٿيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ اليڪٽرڪ  جي ترجمان چيو ته گذريل رات سوئي گئس پاران ڪي اليڪٽرڪ  جي سائيٽ ايريا ۽ ڪورنگي ۾ لڳل اليڪٽرڪ پلانٽس جي گئس ڪٽي وئي آهي جنهن  جي ڪري گئس تي هلندڙ ٻئي پلانٽ بند ٿي ويا آهن جنهن سان “ڪي اي” جي پيداوري صلاحيت ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ شهر سحري وقت اونداهي ۾ ٻڏل آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته  بجلي جي گهرج  وڌي1300 ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آهي ۽ گرمي جي شدت وڌڻ سان گڏوگڏ بجلي جي گهرج ۾ واڌ ٿي آهي .مٽياري ۾ 15 منٽن کانپوءِ ٻه ٻه ڪلاڪ بجلي بند رهي. ڪوٽڙي ۾ 16 ڪلاڪ بجلي بند رهي. ڀان سيد آباد ۾ 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ رهي. ميرپور ماٿيلي ۽ مومل جي ماڙي ۾ 16 ڪلاڪن تائين بجلي رهڻ معمول بڻجي ويو. ڪڙئي گهنور ۾ بجلي بند رهي. ٺٽي، غلام الله ۽ ڀرپاسي به ڪيترائي ڪلاڪ بجلي بند رهي. ڪوئلي جي دولت رکندڙ ٿر جي شهرن ۾ لڳاتار 36 ڪلاڪن تائين بجلي بند رهي. جيڪب آباد، حيدرآباد، نواب شاهه، پنگرئي، شڪارپور، سلطان ڪوٽ ۾ ڪيترائي ڪلاڪ بجلي بند رهي. رحيم  يار خان، پشاور ۽ راولپنڊي جي ڀرپاسي بجلي بند رهي. پختون خواهه، پنجاب ۽ بلوچستان جي علائقن ۾ ڪيترائي ڪلاڪ بجلي بند رهي. پشاور ۾ شهرين وفاقي صلاحاڪر امبر مقام کي گهيرو ورتو. ڊگهڙي ۾ ٻن ڏينهن کان بجلي بند رهي. اسلام ڪوٽ ۾ 30 ڪلاڪ ۽ مٺي ۾ 26 ڪلاڪن تائين بجلي بند رهي. ملتان ۾ بجلي بندش خلاف شهرين ريلوي ٽريڪ بلاڪ ڪيو. سينٽرل جيل جي قيدين به احتجاج ڪيو. موسميات کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سڄي ملڪ ۾ سخت گرمي جي لهر برقرار آهي. پڌرائي موجب، سامونڊي هوائون بند ٿيڻ ڪري ڪراچي ۾ گرمي جو 10 ورهيه پراڻو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، جتي ڪالهه گرمي پد 46 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ اندر سڀ کان وڌيڪ گرمي پد جيڪب آباد ۾ 49 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. پڌرائي موجب، سبي ۽ ڀڪر ۾ 48، لاڙڪاڻي، موهن جي دڙي، ڪوٽ ادو، نور پور ٿل ۽ بهاولنگر ۾ 47، سکر، لسٻيلا، رحيم يار خان، اوڪاڙه ۽ شورڪوٽ ۾ 46، جڏهن ته ملتان ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي ميداني علائقن ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ گرمي جو دٻاءُ وڌيڪ ٻن ڏينهن تائين برقرار رهندو. موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران حيدرآباد 43 ۽ ڪراچي ۾ 41 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رهڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف وزيراعظم جي نوٽيس وٺڻ باوجود سنڌ ۾ رمضان شريف دوران به ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، سول اسپتال مٺي ۾ 50 ورهين جو ناٿو ڀيل جڏهن ته اشوڪ ميگهواڙ جي ٻن ڏينهن جي ٻارڙي فوت ٿي وئي. ڇاڇري جي خانگي اسپتال ۾ پنجن ڏينهن جو اصغر نهڙيو ۽ ڇهن ڏينهن جو لطيف رند گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا. مٺي ۽ آسپاس جي ڪيترن ئي شهرن جي گذريل ڏينهن کان بجلي بند هئڻ سبب پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي پڻ معطل ٿي وئي آهي. ٻئي پاسي کهڙا ڀرسان رپڙي وٽ روڊ جي تعميراتي ڪم ۾ مصروف پورهيت شادو ماڙيچو گرمي لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو.ڀٽ شاهه لڳ ڳوٺ مولي ڏنو سهتو ۾ الهه ورايو لاکو فوت ٿي ويو. ڪوٽڙي ۾ 2 ڄٺڻا گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا. ڪڙئي گهنور لڳ 80 سالن جو سانبون مشهوري فوت ٿي ويو. 5 ڄڻا بيهوش ٿي ويا. غلام الله لڳ حاجي لکو  فوت ٿي ويو. حيدرآباد شهر، قاسم آباد، لطيف آباد ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ 18 کان 20 ڪلاڪن تائين پهچي وئي، گذريل سڄي رات حيدرآباد شهر اونداهه ۾ ٻڏل رهيو، سخت گرميءَ ۾ روزيدارن ۽ شهرين جون متيون مجهي ويون آهن، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي پڻ معطل ٿي وئي، جنهن سبب شهرين کي سحري ۽ افطاري جي وقت پاڻي جي بحران کي پڻ منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڪالهه ٻئي ڏينهن به حيدرآباد شهر جي اڪثر علائقن صدر، گاڏي کاتو، مارڪيٽ، ٽنڊو ولي محمد، هيرآباد، قاسم آباد جي نسيم نگر، قاسم آباد فيز ون، فيز ٽو، انور ولاز،علمدار چوڪ، پرنس ٽائون، رشيد ڳوٺ، پٺاڻ ڳوٺ، اولڊ وحدت ڪالوني، شهباز ڪالوني، پراڻي وحدت ڪالوني، لطيف آباد ۾ حسين آباد، لطيف آباد نمبر 2، 3، 4، 5، 6، 7، 8، 9، 10، 11 ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي بند رهي،  لياقت ڪالوني جا رهواسي ڏنڊا هٿن ۾ کڻي گهرن کان ٻاهر روڊن تي نڪري آيا، رهواسين لياقت ڪالوني ۾ حيسڪو آفيس سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڌرڻي دوران مڇريل ماڻهن حيسڪو آفيس تي حملو ڪري ڀڄ ڊاهه ڪري ڏني، جنهن دوران حيسڪو عملي ڀڄي جان بچائي، اطلاع تي پوليس پهچي وئي، جنهن مظاهرين کي ڇڙو ڇڙ ڪري ڇڏيو، پوليس حملي جي الزام هيٺ هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته قاسم آباد جي ڀٽائي ٽائون ۾ به مڇريل ماڻهن پاران حيسڪو آفيس ۾ داخل ٿي ڀڄ ڊاهه ڪري ڏني، لطيف آباد ۾ حيسڪو سب ڊويزن شهيد اميد علي جي آفيس تي حملو ڪرڻ جو شهرين مٿان ڪيس داخل ڪري 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته حيسڪو اختيارين رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر ان تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي.

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *