ڪتابن جي دنيا اڃا ويران نه ٿي آهي؛مشتاق ٽانوري

اڄڪلھ دنيا ۾ اهو بحث هلي رهيو آهي ته ٽيڪنالوجي جي هن دور ۾ جڏهن دنيا جي سڄي ڄاڻ ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ جي چاٻين جي مدد سان اسڪرين  تي صرف بٽڻ دٻائڻ سان ملي وڃي ٿي، ڪتاب جي ڪا اھميت آهي، ڪتاب وڪرو ٿئي ٿويا پڙهندڙ ڪتاب هٿ ۾ کڻي ٿو. ان ڳالھ جي جواب ۾ اسن جي دوست ممتاز بخاري جو چوڻ آهي ته، اهو تاثر بلڪل غلط آهي ته ڪو ڪتاب جو پڙهندڙ ان کان ڀڄي ٿو. ڪتاب هاڻي به ڇپجي ٿو ۽ هڪ سال ۾ سوين ٽائيٽل سامهون اچن ٿا پر جاءِ صرف اهو ڪتاب ٺاهي ٿو جنهن ۾ ڪجھ هجي. ڄاڻ ۽ سوچن جي خوبصورتي اندر ۾ سمائيندڙ ڪتاب اڄ به پنهنجي جاءِ ٺاهي ٿو، وڪرو ٿئي ٿو ۽ پڙهندڙ اهو ڪتاب خريد ڪي پڙهن ٿا. سکر جي ٽن دوستن جي محنتن سان سجايل اشاعت گھر ماءِ پبليڪيشن ان جو بهترين مثال آهي. ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ ماءِ پبليڪيشن مختلف موضوعن تي معيار رکندڙ 26 ڪتاب ڇپي چڪي آهي ۽ سندن چوڻ آهي ته ڪنهن به ڪتاب جي وڪري کين مايوس ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪو نقصان ڏنو آهي. سکر ۾ معياري ڪتاب ڇاپيندڙ ماءِ پبليڪيشن جي تازوڇپائي پڌرا ڪيل ڪتابن ”رائي پير رت ڪيا“، ”رگ ويد ۽ سنڌو دريا“ ۽ ”اڻ سڃاتل ناول“ جي مهورت واري تقريب سکر پريس ڪلب جي هال  ۾ ٿي.  ڪتابن جي مهورت مختيار ملڪ، ارباب نيڪ محمد، ناول نگار انور شيخ، آتم ڪٿا لکندڙ امير بخش شر، اياز گل ۽ ممتاز بخاري ڪئي. پروگرام جي ڪمپئيرنگ خالد ٻانڀڻ ڪئي. تقريب ۾ صدارتي خطاب ڪندي هاڪاري شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيارملڪ چيو ته، ليکڪ نه ڳالهائيندا آهن پر انهن جون سرجيل سٽون ڳالهائينديون آھن.

هن چيو ته ، جيڪو ڪم سنڌ جي ڪنهن وڏي اداري کي ڪرڻ گھرجي، اهو ڪم هڪ فرد ڪري رهيو آهي. ماءِ پبليڪيشن پبلشنگ جي صحتمند روايتن جي باني آهي. هي ڪتاب اجايا ناهن پر لائبريرين جي ضرورت آهن. سھڻي شاعر ايازگل چيو ته، سکر علمي، ادبي ۽ ثقافتي حوالي سان پٺتي رهيو آهي، اتي اهڙو اشاعت گھر کولي ۽ مهورت تقريب ڪوٺائي ادبي ۽ ھقافتي سرگرمين ۾ ساھ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. نامياري اديب ۽ ڪالم نگار ارباب نيڪ محمد چيو ته، ليکڪ اڻ ڌريو جائزو وٺي قوم کي اڳتي وڌڻ جو گس ڏسيندا آهن. زميني حقيقتن جو جائزو وٺي اڳتي وڌي دنيا ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي سگھجي ٿي. نقاد ممتاز منگي ۽ شبير شر چيو ته ماءِ پبليڪيشن پاران ڇپائي پڌرو ڪيل ڪتاب سنڌي ادب ۾ تمام سٺو اضافو آهن ۽ هي ڪتاب سنڌي ماڻهن جي لائبريرين ۾ ضرور موجود هئڻ گهرجن جو انهن جو مواد سنڌ جي تاريخ جو حصو آهي ۽ انهن جا ڪردار نج سنڌ ماڻهن جا ڪردار آهن، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان محبت ڪندڙ ۽ ٺڳيون ڪندڙن کي پڻ ڄاڻايل ڪتابن ۾ وائکو ڪيو ويو آهي، ”رائي پير رت ڪيا“ جي ليکڪ امير بخش شر ۽ ”اڻ سڃاتل ناول“ جي ليکڪ انور شيخ تقرير ڪندي چيو ته، ماءِ پبليڪيشن اداري پاران هڪ نيئن روايت جو بنياد وڌو ويو آهي جو هو نون اديبن جا لکيل ڪتاب هٿ ڪري پنهنجي خرچ سان ڇپرائي رهيو آهي ۽ نون اديبن کي هن ڌرتي جي ماڻهن سان واقف ڪرائي رهيو آهي، ان کان اڳ ۾ جيڪي به ادارا ڪتاب ڇپرائيندا آهن سي گهڻي ڀاڱي ليکڪ سان ڇپائي جو خرچ وٺندا آهن، ماءِ پبليڪيشن پاران تقرير ڪندي ممتاز بخاري چيو ته، ماءِ پبليڪيشن سنڌي ادب کي تمام بهتر ڪتاب ڏيڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي، سنڌي ليکڪن کان سواءِ دنيا جي ٻين ٻولين ۾ لکندڙ اديبن جا ڪتاب پڻ ترجمو ڪري ڇپرايا  پيا وڃن. خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته، سندن ڪتاب ماڻهو پنهنجي مرضي ۽ خوشي سان خريد ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان ڪو مالي نقصان نه ٿيو آهي ۽ اڃان ان اداري ذريعي بهتر ڪتاب ڇپرائبا.  هن تقريب ۾ سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻو، هالا، حيدر آباد، خيرپور، گهوٽڪي، پنوعاقل ۽ سنڌ جي ٻين علائقن کان آيل اديبن، شاعرن،نقادن ۽ ساڃاهه وندن عاشق سوز هالائي، ادل سومرو، هارون چنو، سجاد ميراڻي، ياسين جوڻيجو، قدير انصاري، مشتاق ٽانوري، جبار مهر، ضمير ڦل، عبدالغفار ٿهيم، ستار زنگيجو، محمد علي پٺاڻ، غفار ٿهيم، سجاد مهر، عديل مهر، صوبدار سعيد، اڪبر شاهه، ڊاڪٽر خادم منگي، ضياءَ ڀٽي، سچل ڀٽي، امير حمزو ميراڻي، پروفيسر سرور سيف ۽ ٻين وڏي انگ  ۾ شرڪت ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *