تعليم کاتي ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وڃن

 

سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير پنهنجي کاتي اندر نين ڀرتين لاءِ خالي پيل جاين جا هڪ هفتي اندر ڪامورن کان مڪمل طور تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، تعليم واري وزير جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن آفيسر هڪ هفتي اندر خالي پيل جاين جا تفصيل نه ڏنا ته انهن کي معطل ڪيو ويندو، ان ڏس ۾ تعليم واري وزير اهو به چيو ته کاتي اندر نيون ڀرتيون ڪيون وينديون، ڇاڪاڻ جو پ پ جو اهو منشور رهيو آهي ته هن سدائين غريب ماڻهن جي گهرن جا چلها ٻاريا آهن، اهو ئي ڪارڻ آهي جو جلد خالي پيل جاين جا تفصيل ڏنا وڃن ته جيئن نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي، سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير جو کنيل اهو قدم حقيقت ۾ ساراهه جوڳو آهي ان عمل سان هڪ طرف بيروزگاري ۾ گهٽتائي ايندي ته ٻئي طرف جيڪي نوجوان نوڪرين جي آسري ۾ ويٺل آهن، انهن کي به روزگار ملي ويندو پر حڪومت ۽ تعليم واري صوبائي وزير کي اها گذارش ضرور آهي ته نوڪريون اهليت جي بنياد تي ئي ڏنيون وڃن، ڪٿي ائين نه ٿئي جو سفارشن ۽ ڏوڪڙن جي چمڪ تي اهليت رکندڙ ۽ غريب طبقي جو نوجوان آسري ۾ رهجي وڃي ۽ سکيو ستابو ماڻهو ماستري جي نوڪري وٺي ويهي رهي، ان کانسواءِ تعليم کاتي اندر هڪ ٻيو به مسئلو آهي ته نوجوان چٽا ڀيٽي وارو امتحان پاس ڪن ٿا ته انهن کي انٽرويو لاءِ ڊگهو عرصو انتظار ڪرڻو پوي ٿو، جڏهن وري انٽرويو ڏئي واندا ٿين ٿا ته انهن کي پوسٽنگ تڪڙي نه ٿي ملي، ان عمل ۾ وڏو وقت لڳي وڃي ٿو ۽ پوءِ غريب نوجوان آسري ۾ ويهي ويهي قرضي بڻجي وڃن ٿا. تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين ۽ ڪامورن کي اها گذارش ڪيون ٿا ته تڪڙو ڪم اڪلائي اهليت جي بنياد تي جيڪي نوجوان چٽا ڀيٽي وارو امتحان پاس ڪري انٽرويو ڏين ٿا ته انهن کي جلدي پوسٽنگ ڏني وڃي ته جيئن انهن مان احساس ڪمتري وارو احساس گهٽجي سگهي، هڪڙي حقيقت اها به آهي ته اسان وٽ سرڪاري نوڪري وٺڻ ڏاڍي ڏکي ٿي پئي آهي پر جيڪڏهن ڪٿي جايون خالي ٿين ٿيون ۽ کاتا ڀرتيون ڪن ٿا ته پوءِ ان سموري عمل کي تڪڙو اڪلائڻ به ضروري آهي، اسين اميد ڪريون ٿا ته تعليم کاتي وارو صوبائي وزير جيئن ئي ڪامورن پاران خالي جاين وارو تفصيل مڪمل طور وصول ڪري وٺندو، تڏهن هو فوري طور انهن جاين کي تڪڙو ڀرڻ لاءِ هدايتون ڏئي ۽ ان جي رپورٽ به جلد وصول ڪري، ان سڄي عمل دوران ان ڳالهه کي به نظر ۾ رکيو وڃي ته ڪنهن غريب جو حق نه مارجي وڃي، اسين اميد ڪريون ٿا ته تعليم کاتي ۾ خالي جايون تڪڙيون ڀريون وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *