ٽي ملڪي سيريز ۾ آسٽريليا ۽ ڀارت ٽيمن وچ ۾ رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن لاءِ ڊوڙ

دبئي(اسپورٽس نيوز) هلندڙ هفتي شيڊول ٽي ملڪي ون ڊي ڪرڪيٽ سيريز ۾ آسٽريليا ۽ ڀارتي ٽيمن وچ ۾ آءِ سي سي ٽيم رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن لاءِ ڊوڙ ٿيندي. سيريز جي شروعات (سڀاڻي) جمعي کان ٿي رهي آهي جنهن ۾ ميزبان آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ڀارت جون ٽيمون شرڪت ڪنديون. هن وقت آسٽريليا ۽ ڀارت جي ٽيمن جي ريٽنگ پوائنٽس تي برابر آهن، جڏهن ته ڪينگروز ٽيم پهرين نمبر تي موجود آهي ۽ ڀارتي ٽيم ٻئي نمبر تي آهي جڏهن ته ٽه ملڪي سيريز ٻنهي ٽيمن لاءِ اهميت واري آهي ۽ ان سيريز دوران ٻنهي ٽيمن ۾ پهرين پوزيشن لاءِ ڊوڙ لڳندي. ڏکڻ آفريڪا 112 ريٽنگ پوائنٽس سان ٽئين، سريلنڪا 105 ريٽنگ پوائنٽس سان چوٿين، انگلينڊ پنجين، پاڪستان ڇهين ۽ ويسٽ انڊيز ستين نمبر تي موجود آهي. پاڪستان جي پوزيشن کي پڻ خطرو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *