جمهوري قوتن تي تنقيد ڪندڙن جي تاريخ: نسرين چانڊيو/اڳوڻي ايم پي اي

مرڪزي حڪمران جماعت ۾ سڀ وزير بدعنوانين رستي وڏي ڪمائي يعني حرام جي آمدني حاصل ڪرڻ لاءِ وزيرائپون ۽ وڏا عهدا ماڻڻ لاءِ شامل ٿيل آهن، ميان شير علي فيصل آباد جو اڳوڻو ميئر چون ٿا ته پٽ کي فيصل آباد ۾ ميئرشپ وٺي ڏيڻ لاءِ نواز ليگ خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي آهي، پ پ آمريت جون پاڙون پٽڻ لاءِ وڙهندي رهي، عوام کي روزگار ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندي رهي، جمهوري قوتن خلاف تنقيدڙ ميان ۽ ضياءَ الحق جا پاليل آهن، انهن جي تاريخ پاپ ۽ گناهه سان ڀريل آهي، سنڌ جي حڪومت جي جنهن به کاتي ۾ ويندئو ته اتي توهان کي سنڌي ماڻهو ملازمت ۾ ملندا، جيڪڏهن توهان انهن کان پڇندئو ته توهان کي ڪهڙي دور ۾ نوڪري ملي ته گهڻو ڪري انهن جو جواب هڪ ئي هوندو ته اسان کي پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ۾ نوڪري ملي يا وري چوندا ته اسان کي ڀُٽن جي دور حڪومت ۾ ملي، اها هڪ حقيقت آهي ته سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي روزگار وارو عوام جي چونڊيل حڪومت ئي ڪيو، دانشور ۽ ڏاها چوندا آهن پ پ جي دور ۾ سنڌ جي عوام کي حڪومتي ادارن ۾ نمائندگي ملندي آهي ۽ نواز ليگ دور ۾ سنڌ جي نمائندگي ختم ڪئي ويندي آهي.

سنڌ تي آمريتي قوتن جا نمائندا مڙهيا ويندا آهن، اڳي به نواز شريف جي دور ۾ سنڌ ۾ انهن ماڻهن جي حڪومت ٺاهي وئي جيڪا ضياءُ الحق جي مارشل لائي آمريت جا حامي هئا، نواز شريف سيد مظفر شاهه کي مدد ڏئي پ پ جي چونڊيل نمائندن کان حڪمرانيءَ جو حق کسي حڪومت ڏني هئي، غوث علي شاهه يا اختر علي قاضي سنڌ تي وزيراعليٰ ٿيا سي آمريت جا نمائندا هئا، انهن جو ساٿي ضيا جي دور ۾ به ميان صاحب هئو، ميان صاحب ۽ ان جي گهڻن مسلم ليگي اڳواڻن کي ضياءُ الحق جو پاليل هجڻ تي فخر هوندو هيو ۽ اهي ضياءُ الحق جي ورسيءَ شريڪ ٿي قسم کائيندا هئا ته ضياءُ الحق جي ڇڏيل مشن ۽ تحريڪ کي اهي پورو ڪندا، ضياءُ الحق جو مشن پاڪستان ۾ آئين تباهه ڪرڻ هو.

ضياءُ الحق کي ايشيا جو ماڊل ڊڪٽيٽر چوندا هئا، اسلامي نطام نافذ ڪرڻ جو ڪوڙ ۽ دوکو ڏئي ملن کي پاڻ سان ملائي جمهوريت، قومي اسيمبلي، صوبائي اسيمبلين کي تباهه ناس ۽ بند ڪرڻ ضياءُ الحق جو مقصد هو، ان جو ايمان افغانستان ۽ پاڪستان جي گهٽ پڙهيل علائقن جي ماڻهن کي اسلامي مجاهدين ۽ جهادي ٺاهي سموري پاڪستان افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ خودڪش بمبارن سان لکين بيگناهه انسانن جو قتلام ڪرڻ آهي، دائمي دهشتگرديءَ ۽ مذهبي جنونيت پيدا ڪرڻ ضياءُ الحق جي من جي مراد هئي، ان جو مقصد هيو، اهو مقصد نواز شريف جهڙن جي حمايت سان ايشيا جو ماڊل ڊڪٽيٽر پورو ڪري ويو، قدم قدم تي انسان خور انتهاپسند جنوني ماڻهو پيدا ڪرڻ جا دين جي نالي ۾ ادارا ٺاهڻ ميان صاحب جي مرشد جو مقصد هيو ۽ هاڻ هو ڏکڻ پنجاب جيڪو دهشتگرديءَ جو ڳڙهه آهي ان خلاف ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي.

ضياءُ الحق حڪومت تي قبضو ڪري لکين سنڌين کي نوڪرين مان ڪڍي ڇڏيو ڇو ته انهن کي ڀٽي جي دور ۾ ملازمتون ۽ روزگار مليا هئا، انهن بيروزگارن به ڀٽي جي حمايت ڪئي انهن جمهوريت کي پنهنجي زندگي جيترو پيارو سمجهيو ۽ جمهوريت لاءِ قرباني ڏني، انهن جانيون قربان ڪيون، 18 آڪٽوبر تي سنڌ جي شهيد راڻي محترمه بينظيرڀٽو عوام کي پرويز مشرف جي آمريت مان آزاد ڪرائڻ لاءِ وطن موٽي آئي ته 30 لک عوام انهيءَ جو استقبال ڪرڻ لاءِ ايئرپورٽ ۽ ان جي رستن تي پهتو، 18 آڪٽوبر تي محترمه بينظيرڀٽو جي قافلي تي انهن سفاڪ، ظالم، وحشي، جانور صفت انتهاپسندن حملو ڪيو، جيڪي ضياءُ الحق پاليا هئا، جنهن جي حڪومت ۾ ٽي وي ذريعي مشهوري ماڻيندڙ اڳوڻو افارميشن سيڪريٽري جو مائٽ راجا سائين سنڌ ۾ پاڻيءَ جو وزير هو، جمهوري قوتن سان دشمني ڪرڻ جي فرض ادا ڪرڻ لاءِ لاڳيتو پ پ جي خلاف اخبارن ۾ لکندڙ مُلياڻيءَ جي مرشد ۽ پير صاحب پاڻ کي ورديءَ وارن جو پوئلڳ ۽ انهن جو ساٿي چيو هو، هيءَ ڌر ڪڏهن به سنڌ کي ووٽ ۽ ووٽ ذريعي بڻايل حڪومت کي سک سان هلڻ نٿي ڏئي، هن جي پارٽيءَ جو ليڊر ۽ ان جا ڀائر جمهوريت دشمن ڄام صادق ۽ ميان صاحب جا ساٿي ۽ انهن سان گڏ وزير هيا، 18 آڪٽوبر تي هزارين ماڻهن کي رت سان وهنجاري سوين شهيد ڪري هزار کان مٿي ماڻهو معذرو ۽ اپاهج ڪيو ويو، هن محترمه جي پارٽيءَ ۽ سندن اصلي سهاري ميان نواز شريف کي پرويز مشرف لاهي جيل ۾ وڌو ته هڪڙو به مظاهرو يا اتحادي پير جي ماڻهن جو نه ٿيو ته ٺهيو بيان نه ڪو نه آيو، حالانڪه ميان پيرن کي ڏايون وزارتون ڏنيون، اهليت ڪيتري هين ۽ اها اڄ تائين خبر نه پئجي سگهي، باقي ميان صاحب کي ڏاڍو غلط طريقي سان جيل ۾ وجهي سعوديءَ جلاوطن ڪيو ويو پر هن مائيءَ جي مڙس جي ڀائي بندن پيون ميان سان ڏاڍي بي وفائي ڪئي، هنن هميشه ايم ڪيو ايم جي پاڻ ناجائز حمايت ڪئي ، هاڻي به انهن جا ساٿي آهن، هي سنڌ جي ڪابينا ۾ وزير هيا پر هنن پيرن سواءِ پنهنجي مرضيءَ جي علائقن جي ٻين ڪهڙن علائقن ۾ پنهنجن وزارت جي بجيٽ خرچ ڪئي، اهو احوال هنن کي سنڌ وارن کي اڃا ٻڌائڻو آهي، ڇو ته ڪنهن کي به خبر نه آهي، هيءَ ويچاري پنهنجي مڙس جي ڪري مجبور آهي ، سندس ذاتي سياسي نظريو ارباب غلام رحيم جي وزارت ۾ جڏهن پاڻ انفارميشن سيڪريٽري هئي جيڪي مضمون ڏوڪڙ ڏئي لکرايائين انهن مان سندس منشا جو مهتاب ۽ سندس ضمير جو مطلب پڌرو ٿيو هو، اهو تاريخ جو رڪارڊ آهي جيڪو ڪير به ڊاهي نه سگهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *