افغان زمين جو پاڪستان خلاف استعمال…..!

هي پهريون ڀيرو ناهي، بلڪه ان کان به ڪيئي ڀيرا اڳ افغانستان جي سرحدي علائقن مان پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽن تي دهشتگردن جا حملا ٿيندا رهيا آهن، نه صرف دهشتگردن، پر افغان حڪومتي فورسز پاران به پاڪستاني حدن ۾ مارٽر گولا فائر ڪري سرحدي حدن جون خلاف ورزيون ڪيون ويون آهن ۽ اهڙن واقعن ۾ هيستائين پاڪستان پنهنجي فورسز جون ڪيتريون ئي قيمتي جانيون وڃائي چڪو آهي. گذريل مهيني لعل شهباز قلندر جي مزار تي سئو جي لڳ ڀڳ قيمتي جانيون ڳڙڪائيندڙ ۽ ڪئين معصوم ماڻهن کي سڄي ڄمار لاءِ معذور ڪندڙ دهشتگردن جي حملي بعد پاڪستاني حڪومت افغان سرحد کي هر قسم جي آمد رفت لاءِ بند ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سيڪيورٽي ۽ چيڪنگ جي نظام کي به اڳ کان وڌيڪ سخت ڪيو آهي، پاڪستان جي اهڙي سخت فيصلي سان اڄ نه صرف افغانستان پر ان سان لڳندڙ پاڪستاني علائقن ۾ ماڻهن جي اچ وڃ بند ٿيڻ ڪري ٻنهي ملڪن جو عوام پريشانين ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، گڏوگڏ پاڪ افغان سرحد وٽان ٿيندڙ هر قسم جو ڪاروبار ۽ واپار به بند آهي، جنهن سبب اربين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، نتيجي ۾ افغان حڪومت پاڻ اهو اعتراف ڪري رهي آهي ته سرحد بند ٿيڻ ڪري افغانستان جو واپار ۽ ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ان کي وڏو معاشي نقصان پهچي رهيو آهي.افغانستان جي سرحد وٽان پاڪستاني چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملن ۾ پاڪ فوج جا پنج جوان شهيد ٿي ويا آهن، جن ۾ ٻه نائيڪ ۽ ٽي سپاهي شامل آهن. آءِ ايس پي آر جي جاري ڪيل رپورٽ موجب مهمند ايجنسي ۾ افغان علائقي مان دهشتگردن پاڪستاني فورسز جي چيڪ پوسٽ تي اوچتو حملا ڪري ڏنا، جنهن جو ڀرپور جواب ڏئي دهشتگردن جي وڌيڪ ڪارروائين کي ناڪام بڻايو ويو، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ ڏهه جي لڳ ڀڳ دهشتگرد به ماريا ويا. ٻئي طرف اهڙي واقعي تي افغان سفير کي پرڏيهي آفيس ۾ طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو آهي ۽ کيس هڪ احتجاجي خط به ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان مطالبو ڪيو آهي ته افغانستان پنهنجي سرحدي علائقن ۾ موجود دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي ڪري ۽ پنهنجي سيڪيورٽي نظام کي بهتر ۽ مضبوط بڻائي. جڏهن ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پڻ ان واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد پاڪستان ۽ افغانستان جا گڏيل دشمن آهن، ان ڪري پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي اچ وڃ روڪڻ لاءِ گڏيل قدم ضروري آهن.ان حقيقت کان قطعي انڪار نٿو ڪري سگهجي ته افغانستان جي سرزمين تي ڪيئي غيرملڪي ايجنسيون، خاص ڪري ڀارت ۽ سندس ڳٺ جوڙ ۾ شامل عنصر پاڪستان کي هر لحاظ کان نقصان پهچائڻ لاءِ منصوبابندي جوڙيندا رهيا آهن. پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي 16 ڊسمبر تي ڪيل وحشياڻي ڪارروائي هجي يا چارسده يونيورسٽي تي دهشتگردن جو حملو يا وري رتوڇاڻ جا اهڙا ٻيا واقعا، انهن مان نوي سيڪڙو ڪارروائين جا پيرا افغانستان طرف ئي ويا آهن ۽ تازو پاڪستاني چيڪ پوسٽن تي ڪيل حملا به انهن دهشتگرد عنصرن جي منصوبابندين جي هڪ ڪڙي آهي.اسين سمجهون ٿا ته خطي ۾ موجود سڀئي ملڪ ان وقت تائين محفوظ نٿا ٿي سگهن، جيستائين انهن ملڪن جي زمين هڪٻئي خلاف استعمال ٿيندي رهندي، گڏوگڏ دهشتگردن جي مالياتي توڙي کين عسڪري سکيا فراهم ڪرڻ سميت جيڪا به سندن سپورٽ ٿي رهي آهي، انهن حرڪتن کي به ٻنجو ڏيڻو پوندو، ٻي صورت ۾ خطي جو ڪوبه ملڪ اڪيلي سر محفوظ نٿو ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo