سنڌ جي عورتن تي ٿيندڙ ناانصافين، زيادتين جو آخرنوٽيس ڪير وٺندو…؟: ليکڪ عبدالجبار ميمڻ

جڏهن ته اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. پر سنڌ جون عورتون اڄ به زيادتين، ناانصافين جي ور چڙهيل آهن. جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ عورتن کي تعليم سان گڏ سٺن عهدن تي ڏٺو وڃي ٿو ۽ انهن کي سٺن نگاهن سان  ڏٺو ويندو آهي. پر اسان جي هن ساڙولي سماج ۾ سنڌ جي عورتن کي خبر ناهي ته ڪهڙي گناهه جي سزا ملي رهي آهي. ڇو ته اسلام ۾ عورتن کي مڙدن جيترا برابري جيترا حق مليل آهن. پر تنهن هوندي به اسان جي هن گندگي سماج  ۽ سوسائٽي ۾ هر ڪو ماڻهو عورت ماءُ ۽ ڀيڻ کي سٺي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. باقي ٻين عورتن کي ڀري نگاهه سان ڏسي انهن جي مٿان الزامن جو بارشو وسايون وڃن ٿيون. جڏهن ته ڪيتري ئي عرصي ڏاڏي آدم جي دور کان وٺي ڪيترائي عور تن مٿان نا جائزحد کان وڌيڪ پهاڙ ڪيرائي انهن کان جيئڻ جو حق کسيو وڃي ٿو. جڏهن کان عورتن جي حقن لاءِ قومي توڙي صوبائي اسيملين ۾ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا ته عورتن تي ڪنهن به قسم جو ٿيندڙ تشدد جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي ڪفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. پر اڄ ڏينهن تائين انهن جوڙيل قانون تي ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آهي. جنهن سبب اڄ جون عورتون گهرن تائين محدود ٿيڻ تي مجبور آهن ۽ انهن مٿان گهرولي تشدد، جنسي ڏاڍائي، اغوا ۽ بيدردي سان قتل ڪيو وڃي ٿو. ان جي خون سان اڄ ڏينهن تائين ڪو به قانوني حساب سان انصاف سان نه ٿي سگهيو آهي. ويتر حڪومت جي ٿاڦيل قانون جي لتاڙ سبب ويتر عورتون وڌيڪ عذاب جو شڪار آهن. جڏهن ته اڄ به سنڌ جي عورتن کي ڏاڏي آدم جي دور کي ورجائي زندهه دفنايو آهي. ۽ جنسي ڏاڏائي جو شڪار ٿيڻ بعد انهن کي اغوا ڪري بيدردي سان قتل ڪرڻ وارو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. جڏهن ته اڄ به عورتون انصاف جي اوسيڙي لاءِ ڪورٽن، جيلن، دارال مان جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيون آهن. ۽ اتي پاڻ کي محفوظ نه سمجهيون رهيون آهن. جڏهن ته حڪومرانن جي بيحسي سبب سنڏ جون عورتون هڪ پاسي حقن کان محروم آهن ۽ ٻئي پاسي بکن ، بيمارين، غذائي کوٽ سبب بي يارو مددگار هوندي پنهنجون حياتيون وڃائي رهيون آهن، پر حڪمرانن جي لاپرواهي سبب ايوانن ۾ جون به نٿي چري جو اهي پنهنجي جوڙيل قانونن مطابق عورتن کي جائز حق ڏياري انهن مان زندگي جي بيچيني ختم ڪئي وڃي. پر جڏهن ته جيستائين حڪومت عورتن کي وڌندڙ تشدد واري عمل کي نه روڪي سگهندي تيستائين سنڌ جون عورتون ظلم ۽ زيادتن جو شڪار بڻجنديون رهنديون.جڏهن حڪومت جي بي حسي ۽ نااهلي سبب اڄ جون عورتون فرش کان عرش تائين پهچڻ گهرجي ها پر تعليم کان وٺي انهن جا سمورا حق کسي انهن کي  دٻاءُ جو شڪار بڻائي اعليٰ منزل تائين پهچڻ ئي نٿو ڏنو وڃي، جڏهن ته حڪومت کي گهرجي ته جوڙيل قانون کي دفن ڪرڻ بجاءِ اپاءُ وٺي عورتن مٿان دردن جا پهاڙ ڪيرائيندڙ جوابدارن کي ڦاسي تي لٽڪايو وڃي. ته جيئن عورتن سان بي رحماني ٿيندڙ وارڌاتن تي گهتٽائي ٿي اچي سگهي. ڇو جو سنڌ جون عورتن جون اڄ به اميدون آسون دٻجي رهيون آهن. جيئن ڀٽائي چوي ٿو ته

جيس  ته سور

سامايس ته سک ويا

اهي ٻئي پور

مون نماڻيءَ نصيب ٿيا….

جڏهن ته اڄ حڪمرانن جا عورتن جي حقن جي لاءِ جوڙيل قانون تيزي سان لوز ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري بااثر ڌرين جو مظلوم عورتن مٿان وحشياڻي تشدد، جنسي ڏاڍائي، اغوا ڪري بي دردي سان انهن کي قتل ڪري انهن جون حياتيون کسيون پيون وڃن. جڏهن ته حڪمرانن کي گهرجي ته عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد جو ترت نوٽيس وٺي جوابدارن کي عبرت ناڪ سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن عورتن سان ٿيندڙ واقعن ۾ گهٽتائي ٿي سگهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *