پي ٽي آءِ جا 11 نڪتا…!

گذريل ڏينهن ن ليگ جي مرڪز  لاهور جي گريٽر اقبال پارڪ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان  11 نڪتن جو اعلان ڪندي چيو ته علامه  اقبال اسان کي هڪ خواب ڏنو هو، هن ملڪ جو ڇا مقصد هو، جڏهن هڪ قوم پنهنجي نظرئي تان هٽندي آهي ته اها تباهه ٿي ويندي آهي. پاڻ سڳورن مديني جي رياست ۾ سڀ کان پهريان انصاف جو بنياد رکيو، قائداعظم جي سوچ هئي ته پاڪستان ۾ سڀني جا حق هڪ جهڙا هوندا. طاقتور ۽ غريب لاءِ لڳ قانون هجي ته قومون برباد ٿي وينديون آهن. پنهنجي نڪتن جا تفصيل ٻڌائيندي عمران خان چيو ته تعليم ۽ صحت لاءِ وڌيڪ رقم مختص ڪنداسين ملڪ هلائڻ لاءِ پيسو ناهي اهو گڏ ڪري ڏيکارينداسين، ملڪ ۾ هڪ جهڙو تعليمي نظام متعارف ڪرائينداسين. دنيا ۾ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي جنهن تعليم تي زور نه ڏنو هجي، سڀني ايشين ٽائيگرين پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏئي ترقي حاصل ڪئي.پاڪستان ۾ 8 لک ٻار انگريزي ميڊيم اسڪول ۾ آهن جڏهن ته سوا ٽي ڪروڙ ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهن ٿا ۽ 25  لک ٻار مدرسن ۾ پڙهي رهيا آهن جرمني ۽ جاپان جي حڪومتن ٻي عالمي جنگ کان پوءِ انساني وسيلن تي خرچ ڪيو تحريڪ انصاف حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ هڪ جهڙو تعليم نظام آڻيندي. صحت جو نظام بهتر بڻائينداسين، ملڪ ۾ اهڙيون اسپتالون ٺاهي ڏيکارينداسين جتي غريبن کي پئسا نه هجڻ جو ڪوبه فڪر نه هوندو. خيبرپختوخواهه 70 سيڪڙو خاندانن لاءِ هيلٿ ڪارڊ جي سهولت موجود آهي، سڄي ملڪ لاءِ هيلٿ ڪارڊ آڻينداسين، شوڪت خانم اسپتال ۾ 75 سيڪڙو علاج مفت ۾ ٿئي ٿو. ٽيڪس جو نظام صحيح ڪنداسين، اسان وٽ ملڪ هلائڻ لاءِ پئسو ناهي هوندو ۽ قرض ۾ ٻڏندا وياسين، اسان ملڪ کي قرضن مان نجات ڏيارينداسين. انهي پاڪستان قوم مان پئسو گڏ ڪري ڏينداسين، عوام کي اعتماد ٿي وڃي ته پئسو ڏيندو.  مون دعويٰ ڪئي ته هو موجودا حڪومت جي مقابلي ۾ ٻيڻي ٽيڪس حاصل ڪري ڏيکاريندو. ڪرپشن جو خاتمو ڪنداسين، ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻ لاءِ نيب ۽ عدالتن کي مضبوط ڪنداسين، تمام چوري روڪيندڙ ادارن کي درست ڪنداسين، ڪڏهن ڪنهن ٻڌو آهي ته ڪنهن پارٽي 20 ميمبرن کي ڪرپشن سبب ڪڍيو هجي، اسان 20 اسيمبلي ميمبرن کي ڪرپشن ڪرڻ جي ڪري پنهنجي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو. اسان سرمائيڪاري اڻينداسين، ملڪ ۾ اهڙيون پاليسيون بڻائينداسين جنهن سان سرمائيڪاري وڌندي، پرڏيهي ۾ رهندڙ پاڪستاني سب کان وڌيڪ پئسو ملڪ ۾ آڻيندو ته هتي جي ماڻهن کي نوڪريون ملنديون. سرمائيڪاري آڻيندڙن لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ هڪ ڌار سيل قائم ڪيو ويندو. جتي سندن رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون. تحريڪ انصاف پنهنجي حڪومت ۾ بيروزگاري ختم ڪندي ۽ نوجوان کي نوڪريون ڏيندي، 50 لک سستا گهر بڻائينداسين ته جيئن غريب پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهي. هريپور جيان اسڪل ۽ ٽيڪنيڪل تعليم ڏينداسين ته جيئن ماڻهو روزگار حاصل ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *