ٺيڪيداري نظام ۾ پسجندڙ پورهيت جو رت: محمد اظهر رند/ڪوٽڙي

ملڪي ترقي ۽ روزمرهه جي زندگيَ ۾ پورهيت ڪندڙ جو ڪردار ڪرنگهيء واري حيثيت رکي ٿو جنهن جو  پوري دينا جي ملڪي معشيت جي ڪاروان سان جڙيل آهي مزدور محنت ڪش پنهنجي پگهر سان ڏينهن رات محنت ۽ جاکوڙ سان روزمرهه جون گهرجون پوري ڪرڻ لاء پنهنجي زندگي جا ڏينهن ڪنهن فيڪٽري ڪارخاني ٻني ٻاري مزدوري تي لڳائي ٿا پر انهن جي باوجود انهن   پورهيت کي ايترو اجورو نٿو ملي ٿو جو هو پنهنجي ٽن مهل جي ماني نٿا کائي سگهن ٿا انهن جو اولاد تعليم جي زيور کان نٿا نوازي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته روزمرهه جي گهريلو اخراجات ايتريقدر هوندا آهن جو آمدني پوري ٿو وڃي کي سماج ۾ بنيادي حق نه ملي سگهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ محنت ڪندڙ اڄ ڏينهن تائين  سهولتين کان محروم آهن اڄ جو سرمائيدار وڙوڪڙ ڪندي چالڪيون سان پورهيت کي غلامي واري زندگيَ ڏانهن منهن ۾ ڌڪي رهيا آهن اهي وڏيرا جاگيردار سرمائيندار جيڪي ملڪي سياست ۾ موجود عنصر آهن جيڪي ووٽ جي سياست سان ايوانن ۾ آچن ٿا ۽ اهي وزير مشير   سڃي سال جي بجيٽ پيش ڪندا اهن جنهن ۾ هنن پورهيو ڪندڙين لاء ڪو به خوشحالي لاء ڪوبه پيڪيج نه هوندو آهي جنهن جي ڪري انهن جي زندگيَ ۾ اڃان تائين بهتري نه هجڻ برابر آهي ۔۔

هن  دور جي مزدور کي پنهنجي زندگيَ گذارڻ لاء وڏا جتن ڪرڻا پون ٿا تڏهن وڃي ھو ڪجهه پيٽ گذر ڪري ٿو سرڪاري توڙي نجي سطح تي مزدورن جو عالمي ڏينهن ته ملهايو ٿو وڃي پر ان ڏينهن کانپوء کين ياد به نٿو ڪيو وڃي پورهيتن جي حقن لاء ٺهيل تنظيمون ۽ ادارن طرفان ڳالهيون ته وڏيون وڏيون ڪيون ٿيون وڃن پر انهن ڳالهين تي عمل ڪونه ٿئي ٿو هر  دؤر  ۾ هنن جي حقن جي لتاڙ ٿئي آهي   ۔۔                                                                                                                                      پورهيو ڪندڙ ماڻهن جو اسانجي سماج ۾ وڏو ڪردار آھي  بدقسمتي سان انهن جي بنيادي حقن جي لتاڙ ڪري احساسي محرومي ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو هو آهي هن موجوده وقت  ۾ ٺيڪيداري نظام جنهن  پورهيت لاء موت ثابت ٿيو آهي سرمائيدار جيڪو صنعتڪار بڻجي ويو آهي جنهن سان هن وڏيون فيڪٽريون لڳائي هنن مزدورن کي يرغمال ڪري ڇڏيو آهي هنن کان اٺ ڪلاڪن جڳهه تي ٻارنهن کان وڌيڪ ڊيوٽي ورتي ٿي وڃي  ۽ پورهيت کي ان جي محنت جي حساب سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي جنهن جو وڏو سبب ٺيڪيداري نظام  سان هنن جي جائز حق تي ڌآڙو کان گهٽ ناهي ملٽي نيشنل ڪمپنيون ورڪرن کي عارضي طور تي روزگار ڏنو وڃي ٿو  ۽ پريڊ جي آڙ ۾ انهن پورهتين کي بيروزگار ڪيو ويندو آهي ڇو ته هن سامراجي نظام سان ڪوبه فائدو مزدورن کي لاڀ نه ملڻ جو سبب بڻيل آهي ڇاڪاڻ  تي نه ان کي سال جو سرپلس صحت لاء اولاد جي پڙهائي جي لاء ڪي به   سهولتيون  مهيسر نه  هجڻ  برابر آهن ڇو ته مزدور پنهنجي پگهر سان محنت ڪري ٿو ۽ ان کي ايترو اجورو ملي جنهن سان هو پنهنجو زندگيَ جو گاڏو به ڌڪي سگهي اتي ظاهري طرح سان اختلاف جي جنگ لڳندي جنهن جو مثال ٻه جنگيون لڳي جنهن جو سبب بک بدحالي جو هئا وڌيڪ جبري پورهيو سان انسان کي ڪيتريون بيمارين جي منهن ۾ مبتلا ٿيو وڃي جنهن ۾ سهڪو ٽي بي هيپائٽيٽس جگر جو بيمارين دزي جي ڪري معدي جون انيڪ موذي مرض م مبتلا ٿيڻ ڪري زندگي عذاب گذارئڻ تي مجبور بڻجن ٿا هنن جي سارسنڀار لاء جيڪي  اسپتالون آهن انهن ۾ هڪ تي اڻپوريون سهوليتون هجڻ ڪري پرولتاريه ڏکيائين واري زندگيَ بسير ڪرڻ تي مجبور آهن اهڙي سرمايداري ۽ طبقاتي سماج کي للڪاريندي هن جو خاتمو ممڪن آهي  ۔۔

ڌوڏ هن سماج کي   لوڏ سامراج کي

ٺاهه ڪو نئون نظام  جو چڱو چئي عوام

هي نظام آ خراب   انقلاب انقلاب ۔۔۔۔۔۔ اياز

انساني سماج جي ٺهڻ جي انتها جو دؤر سرمايداري نظام آھي پچي راس ٿيڻ جو دؤر ڪميونزم آهي  ۔ سرمائيدار  وڏيون وڏيون فيڪٽريون کوليون جنهن سان   جئين ٺھيندڙ مال وڏي  مقدار ۾ نڪري ۽ وڌ کان وڌ وڪرو ٿي وقت گذرڻ سان صنعتڪاري ترقيَ جي روپ ۾ نئيون ميشنون ايجاد سان جتي پورهيت ويهه  روزگار لڳل جي جائي تي اتي اڌ کان به وڌيڪ مزدور بي روزگار ٿيا آهن  هنن صنعتڪارين کي تيار مال مارڪيٽ تائين سپلائي هنن  وڏيون گاڏيون ۽ روڊ ٺھرايا جنهن سان سرمائڪاري ۾ تيزي اچي هن جو فائدو هن سرمائيدار کي ٿو ڇو ته اهي سياست سان ايوانن ۾ اچن ٿا ۽ هنن جا ئي پيٽرول پمپ به هنن جا  جنهن سان سرمائيدار ويتر طاقتور ۽پرولتاريه ويتر مشڪلاتن ڏانهن وڌي پيو ۔ جرمني  جي عوام  بدحالي مختلف ملڪن جنهن ۾ برطانيه فرانس ا  حساسي محرومي کي محسوس ڪندي هنن حالات کان متاثر ٿي ڪميونزم جو باني ڪارل مارڪس  هنن پورهيت  جي حقوق لاء  اخبار جي  نمائدگي رهائشن زائي تونگ  ۾ هن پرولتاريه طبقي لاء جاکوڙ ڪئي  جرمني جي حڪومت هن اخبار تي پابندي  جو حڪم ڏنو جنهن جو شرط هو تي ڪارل مارڪس کي هن اخبار کان الڳ ڪيو وڃي هن سترنهن مارچ اڙھين سئو ٽيتاليه ع ۾  استعفا پاڻ ڏني   هن سامراجي پورهيت جو رت چوسيندڙ سرمائيدار جي چالاڪين جو پڙدو ظاهر ڪرڻ لاء هن ڪتاب سرمايو لکيو  جنهن ۾ هن واضع ڪيو ته پرولتاريه  جو پگهر سان ئي  فصل ٿي ٿو جنهن جي هي به ان ملڪيت جا برابر جا شريڪ آهي ۔۔

روسي سوشلسٽ انقلاب انتهائي ڏکين ۽ پيچيدهه حالتن ۾ اوڻيهن سئو سترنهن ع ٿيو روس بنيادي طرح سان هڪ پٺتي پيل ملڪ هو جتي پورهيت لاء ڪي به سهوليتون نه هجڻ اتي هاري غلامي واري زندگيَ هئي جيڪا بادشاهي سلطنت جي بغاوت بالشويڪ پارٽي جا رهنما ولاديمير لينن جيارجي ٻهني جو اتحاد ساهمون آيو جنهن سرمائيداري سلطنت کي عوام جي طاقت سان تختو اوندو ڪيو  ۔۔

سرمائيدراي نظام جي ذريعي  سڌي طرح سان پرولتاريه لاء ڪو به فائدو ناهي هن نظام وسيلي سرمائيدار عوام مٿان پني واري ڪرنسي مڙئي ٿو ۽۽ پاڻ سون جي ڪرنسي جمع ڪري ٿو اهي حڪمران ملڪي بجيٽ پيش ڪن ٿا جنهن ۾ ٽيڪس لاڳو ڪن ٿا جنهن به فائدو سرمائيدار کي رسي ٿو هنن جي چالاڪيون جي سوچ بئنڪ ايجاد ڪيائيون جنهن جو ڪاروباري طرح سان پورهيت لاء فائدو نه اهي ڇاڪاڻ ته اهو ادارو قرض جي نالي تي سود وٺي ٿو ڇو ته سڄو ڪاروبار هن تي اهي هن کان علاوه بيما پاليسي به هنن جي ٺاهيل اهڙي اسڪيم اهي جيڪا صحت موت حادثات ۾ مدد جي آڙ ۾ پيسن مان ڪاروبار ۽ عالمي مارڪيٽين ۾ ڪاروبار ڪيو ٿو وڃي جنهن سان هنن سرمائيدار جا هٿ مضبوط ٿيا  ۔۔

ڪامريڊ لينن پنجويه فيبروري اوڻيهن سئو ارڙهين ع تي اخباري مضمون تڪليف دهه پر هڪ لازمي سبق ۾ اهو چٽو ڪيو ته عالمي سوشلسٽ انقلاب ۽ سامراجيت کي ناس ڪرڻ لاء هڪ ملڪ ۾ سوشلزم جو دفاع انتهائي ضروري ۽ لازمي عمل آهي آبادي جو ورثو ڪنهن جو ناهي اهو جهان هر انسان جي گڏيل ملڪيت آهي      ۔

مارڪس ڪيڏو نه سچ چيو ته سرمائي جو ڪوبه مذهب اخلاق  ۽ نظريو ناهي ٿيندو پر ان جو  رڳو هڪ مقصد ٿيندو آھي سو آهي ڦرلٽ اينگلس پنهنجي ڪتاب ڪميونزم جا اصول ع ان ۾ خيال جو اظهار ڪيو ته سوشلسٽ انقلاب ان وقت ڪامياب ٿي سگهي ٿو جڏهن اهو هڪ وقت مهذب ۽ترقي يافته اڪثريت ئي سرمائيدار ملڪن ۾ برپا ٿئي آمريڪا جي جاگيردار طبقو مزدورين لاء ڏاڌ جي زور تي هنن کان اٺ ڪلاڪن جي مزدوري کان وڌيڪ ٻارنهن ڪلاڪن جي جبري پورهيو تي مجبور ڪيو تي مزدورن جي سڃاڱي لاء سوشلزم ٽريڊ يونينز جو قيام عمل ۾ آيو جنهن پرولتاريه طبقي لاء عملي جدوجهد جو آغاز ڪيو جنهن پورهيت طبقو  شڪاگو جي هي مارڪيٽ اسڪوائر تي پهرين مئي اوڻيهن سئو ڇهاسي تي احتجاج شروع ٿيو سامراجيت فورس  جي آڙ ۾ هٿيارين جي زور تي مسلسل ٽي ڏينهن تشديد ڪيو ويو جنهن دوران سئون جي تعداد ۾ پورهتيتن جو رت وهائيو ويو ۔ماضي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين پورهيت پنهنجي آجپي خوشحالي لاء  ويڙهه سان ضرور  روشن سماج قائم ڪندو ،۔۔

azharrind1@gmail.com اي ميل

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *