پي اءِ اي جي 3 ملازمن جو قتل: سنڌ سرڪار ۽ ڊي جي رينجرز جاچ ڪميٽيون قائم ڪري ورتيون

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پي آءِ اي جي ٽن ملازمن جي قتل ۽ صحافين تي تشدد واري واقعي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ لاءِ چيف جسٽس کي خط لکڻ جو اعلان ڪندي چيو ته واقعي جي سنڌ حڪومت ذميوار ناهي، پي آءِ اي واقعي جي جاچ جاري آهي جنهن ۾ هڪ ڊي آءِ جِي ۽ 2 ايس ايس پيز تي ٻڌل ٽي رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي  وڏي وزير چيو ته پي آءِ اي ملازمن احتجاج کان اڳ سنڌ حڪومت کي خاطري ڪرائي هئي ته هـُو جناح ٽرمينل تائين نه ويندا پر ان باوجود جناح ٽرمينل ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن وقت ڊي آءِ جي ملازمن کي اڳتي وڃڻ کان روڪيو هو، جڏهن لٺبازي شروع ٿي ته هن بنا دير روڪڻ جي هدايت ڪئي. ملازمن کي چيو هو ته احتجاج ڀلي ڪيو پر حدن جو خيال رکيو وڃي،  انسان جي ڪا به قيمت ناهي، پي آءِ اي جي شهيد ملازمن جي پوئنرن لاءِ 20 – 20 لک رپيا ڏنا ويندا.۽ جيڪي زخمي آهن انهن جو آغا خان اسپتال مان علاج ۽ ٻه لک روپيا في ماڻهو ڏنا ويندا.امن امان قائم ڪرڻ سنڌ حڪومت جو فرض آهي، هـُنن ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا۽ ڀتا خوري ختم ڪري امن امان قائم ڪيو آهي ،

هوڏانهن ڪراچي ۾ پي آءِ اي ملازمن تي فائرنگ واقعي جي جاچ لاءِ ڊي جي رينجرز سنڌ جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، واقعي جو الزام رينجرز تي به لڳايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ هاڻي ڊي جي رينجرز سنڌ جنرل بلال اڪبر ڪميٽي بڻائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڪميٽي جي سربراهي رينجرز جو برگيڊيئر ليول جو آفيسر ڪندو، اها ڪميٽي واقعي جي سمورن پاسن جو جائزو وٺندي ۽ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، ان بابت ڊي جي رينجرز جو چوڻ آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف جون گهرجون پوريون ڪيون وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *